Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 1:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اهي ئي ماڻهو هئا جن کي بني اسرائيل قوم مان مقرر ڪيو ويو، جيڪي پنهنجن پنهنجن اباڻن گھرن جا وڏا ۽ بني اسرائيل جي نسلن جا رئيس هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 اِهي آهن ماڻهو جن کي جماعت مان سڏيو ويو، ۽ جي پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبيلن جا سردار هئا؛ ۽ اُهي ئي اسرائيل ۾ هزارن جا رئيس هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 1:16
20 Iomraidhean Croise  

انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ جن کي خدا جو خوف هجي، جي سچار هجن ۽ کين ناجائز ڪمائيءَ کان نفرت هجي. انهن کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن ۽ ڏهن ڏهن ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪر.


موسيٰ سڄي بني اسرائيل منجھان لائق ماڻهو چونڊي ڪڍيا ۽ انهن مان هر هڪ کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن يا ڏهن ڏهن ماڻهن تي حاڪم مقرر ڪيائين.


پر هوڏانهن خداوند بيت‌لحم اِفرات کي فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهوداہ جي ننڍن ننڍن شهرن مان هڪ آهين، تڏهن بہ تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص پيدا ٿيندو، جيڪو منهنجي طرفان بني اسرائيل جو حڪمران بڻبو. انهيءَ حڪمران جو گھراڻو پراڻي زماني کان وٺي قائم آهي.“


نفتالي قبيلي مان احيرع ولد عينان.


سو انهن کي موسيٰ ۽ هارون پاڻ سان کنيو.


هر هڪ قبيلي مان هڪڙو هڪڙو ماڻهو جيڪو پنهنجي اباڻي گھراڻي جو وڏو هجي، سو انهيءَ ڪم ۾ اوهان جي مدد ڪري.“


پر جڏهن فقط هڪڙو توتارو وڄايو وڃي تڏهن رڳو اڳواڻ يعني بني اسرائيل جي قبيلن جا سردار اچي تو وٽ گڏ ٿين.


آءٌ لهي اتي تو سان ڳالهائيندس ۽ تو ۾ جيڪو روح آهي، تنهن مان ڪجھہ کڻي انهن ۾ وجھندس. پوءِ امت جو بار کڻڻ ۾ اهي تنهنجي مدد ڪندا، انهيءَ لاءِ تہ تو اڪيلي کي اهو نہ کڻڻو پوي.


بني اسرائيل مان اڍائي سؤ ماڻهو، جيڪي چونڊيل اڳواڻ ۽ مشهور ماڻهو هئا، تن کي هو ساڻ ڪري موسيٰ سان مقابلي ڪرڻ لاءِ اٿيا.


۽ سندس پٽ نموايل، داتن ۽ ابيرام هئا. هي اهي داتن ۽ ابيرام آهن، جيڪي قوم جا اڳواڻ ڪري چونڊيا ويا هئا ۽ جڏهن قورح جي ٽولي خداوند خلاف بغاوت ڪئي هئي، تڏهن هو بہ موسيٰ ۽ هارون خلاف ساڻن گڏ هئا.


موسيٰ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن کي خداوند جي حڪم بابت ٻڌائيندي چيو تہ


ان ڏينهن تي بني اسرائيل جا اڳواڻ، جيڪي پنهنجن ڪٽنبن جا وڏا، قبيلن جا سردار ۽ شمار ڪيل ماڻهن جي مٿان مقرر ڪيل هئا، تن نذرانا آندا.


پوءِ مون اوهان جي قبيلن جي سردارن مان جيڪي ڏاها ۽ عملي ڄاڻ رکندڙ ماڻهو هئا، تن کي اوهان جي مٿان اڳواڻ مقرر ڪيو. اهي مون اوهان جي قبيلن مطابق ڪي هزارن هزارن جا، ڪي سَون سَون جا، ڪي پنجاهہ پنجاهہ جا ۽ ڪي ڏهن ڏهن جا اڳواڻ ۽ ٻيا عملدار بہ مقرر ڪيا.


جِدعون وراڻيو تہ ”اي سائين! آءٌ بني اسرائيل کي ڪيئن ڇڏايان؟ منسي قبيلي ۾ منهنجو خاندان بلڪل خسيس آهي ۽ آءٌ پنهنجي ڪٽنب ۾ ڪمتر ڀاتي آهيان.“


پوءِ سائول پنهنجي آس‌پاس بيٺل سالارن کي چيو تہ ”اي بنيامينيؤ! ٻڌو، ڇا يسيءَ جو پٽ دائود اوهان سڀني کي ٻنيون ۽ انگورن جا باغ ڏيندو؟ ڇا هو اوهان سڀني کي پنهنجي فوج ۾ هزارن ۽ سون جو سالار مقرر ڪندو؟


تنهنڪري ڏسو، هن جي لڪڻ واريون سڀ جايون معلوم ڪريو ۽ پڪي معلومات کڻي وري مون وٽ اچو، تہ پوءِ آءٌ اوهان سان گڏجي هلندس ۽ جيڪڏهن هو يهوداہ ملڪ ۾ هوندو تہ آءٌ انهيءَ پوري ملڪ مان هن کي ڳولي ڪڍندس.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan