Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




نحمياہ 8:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن عزرا سڀني ماڻهن، جن ۾ مرد، عورتون ۽ اهي ٻار شامل هئا جيڪي سمجھہ ڀريا هئا، تن جي اڳيان اهو شريعت جو ڪتاب آڻي پڙهڻ لڳو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ عزرا ڪاهن ستين مهيني جي پهرين تاريخ سڄيءَ جماعت جي اڳيان، يعني مردن، توڙي زالن، ۽ جيڪي ٻڌي ۽ سمجهي ٿي سگهيا، تن جي اڳيان اهو شريعت جو ڪتاب آندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




نحمياہ 8:2
14 Iomraidhean Croise  

انهيءَ ڏينهن عام ماڻهن جي روبرو وڏي آواز سان موسيٰ جو ڪتاب پڙهيو ويو، جنهن ۾ اهو بہ لکيل مليو تہ عموني ۽ موآبي خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي نہ ٿا سگھن،


پهرئين ڏينهن کان وٺي پوئين ڏينهن تائين هر روز عزرا خدا جي شريعت جي ڪتاب مان پڙهي ٻڌائيندو هو. هنن لاڳيتا ست ڏينهن عيد ملهائي ۽ اٺين ڏينهن شريعت موجب هنن هڪ گڏجاڻي ڪئي.


شريعت جون ڳالهيون ٻڌي ماڻهو روئڻ لڳا. تنهن تي نحمياہ گورنر، عزرا ڪاهن ۽ شريعت جي عالمن ۽ لاوين ماڻهن کي سمجھاڻي ڏيندي چيو تہ ”اڄوڪو ڏينهن خداوند، اوهان جي خدا جي لاءِ مخصوص آهي، سو نہ ڪو ڏک ڪريو ۽ نہ روئو


بني اسرائيل ٻين قومن وارن کان ڌار ٿي انهيءَ مهيني جي چوويهين تاريخ تي روزو رکي، کٿا ڍڪي ۽ مٿي ۾ مٽي وجھي اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيا. هنن بيهي ڪري پنهنجا سڀ گناهہ باسيا ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي بڇڙائي بہ قبول ڪيائون.


اهي مون بابت شڪايت ڪندي چون ٿا تہ ”يسعياہ ڪنهن کي ٿو علم سيکارڻ چاهي؟ هو ڪنهن کي ٿو پيغام سمجھائڻ چاهي؟ ڇا اسين ٻار آهيون جن کان هينئر ئي ٿڃ ڇڏائي ويئي هجي، يا جيڪي ٿڻن کان هن وقت ئي پري ڪيا ويا هجن؟


بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهان جي لاءِ خاص آرام جو ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن جو اظهار نفيلون وڄائي ڪيو وڃي ۽ سڀيئي عبادت لاءِ گڏ ٿين.


بيشڪ ڪاهن جو اهو ئي فرض آهي تہ کيس مون خدا بابت صحيح ڄاڻ هجي، تہ جيئن ماڻهو کانئس شريعت جي تعليم حاصل ڪن، ڇو تہ ڪاهن مون قادرِمطلق خداوند جو پيغام ڏيندڙ آهي.“


”ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. اهو اوهان جي لاءِ نفيلن وڄائڻ جو ڏينهن آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پراڻي زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي شريعت جي منادي ڪئي ويندي آهي ۽ هر سبت جي ڏينهن تي شريعت جون اهي ڳالهيون يهودين جي عبادت‌خانن ۾ پڙهي ٻڌايون وينديون آهن.“


هو پنهنجي بادشاهہ بڻجڻ وقت خدا جي شريعت، جيڪا لاوي ڪاهنن وٽ هوندي، تنهن جو پنهنجي لاءِ هڪڙو نقل ڪرائي.


سو جن ڳالهين جو موسيٰ حڪم ڏنو هو، تن مان هڪڙي بہ ڳالهہ اهڙي نہ رهي جيڪا يشوع بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم اڳيان نہ پڙهي هجي. اتي عورتون، ٻار ۽ قوم ۾ رهندڙ ڌاريا بہ موجود هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan