Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




نحمياہ 7:5 - Muslim Sindhi Bible

5 سو منهنجي خدا منهنجي دل ۾ اها ڳالهہ وڌي تہ اميرن، اڳواڻن ۽ عام ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪريان، تہ جيئن گھراڻن موجب سندن فهرست تيار ڪئي وڃي. سو جيڪي سڀ کان پهريائين موٽيا هئا، تن جي نسب‌نامي جو ڪتاب مون کي ملي ويو، جنهن ۾ هي لکيل هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ منهنجي خدا منهنجي دل ۾ وڌو تہ اميرن، ۽ حاڪمن، ۽ ماڻهن کي گڏ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ هو نسب نامي موجب شمار ٿين. ۽ مون انهن جي نسب نامي جو ڪتاب لڌو، جي پهرين آيا هئا ۽ انهيءَ ۾ مون لکيل ڏٺو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




نحمياہ 7:5
15 Iomraidhean Croise  

عزرا چيو تہ ”خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا جي تعريف هجي، جنهن شهنشاهہ جي دل ۾ اها ڳالهہ وڌي تہ يروشلم ۾ جيڪو خداوند جو گھر آهي، تنهن جي تعظيم ٿئي.


تنهنڪري اي منهنجا خدا! جيڪي ڪجھہ مون هن قوم لاءِ ڪيو آهي، تنهن جي ڪري مون کي پنهنجي مهر سان ياد رکج.


تنهنڪري اي منهنجا خدا! طوبياہ ۽ سنبلط جي افعالن ڏانهن ڏس ۽ نبياڻي سڏائيندڙ نوعيدياہ ۽ ٻين نبي سڏائيندڙن ڏانهن بہ ڏس، جيڪي مون کي ڊيڄارڻ ٿا گھرن.


يروشلم وڏو ۽ ڪشادو شهر هو، پر منجھس ماڻهو ٿورا رهندا هئا ۽ گھر بہ اڃا نئين سر تعمير ڪونہ ٿيل هئا.


بيشڪ اهو خداوند ئي آهي، جنهن کان اسان کي ڏاهپ ملي ٿي. هائو، ڄاڻ ۽ سمجھہ هن کان ئي حاصل ٿئي ٿي.


پنهنجي هر ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهين خداوند کي ياد رکو. اهو ئي اوهان کي سڌو رستو ڏيکاريندو.


هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ آهيان، سو خدا جي فضل سان آهيان ۽ خدا جو اهو فضل مون تي اجايو نہ هو، ڇو تہ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ خدمت جو ڪم ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ منهنجي محنت نہ، پر اهو خدا جو فضل هو جيڪو مون تي آهي.


ائين نہ آهي تہ اسين پنهنجو پاڻ انهيءَ لائق آهيون جو ڪنهن ڪم جي دعويٰ ڪري سگھون، پر اسان جي لياقت خدا جي طرفان آهي.


خدا جو شڪر آهي، جنهن طيطس جي دل ۾ بہ اوهان لاءِ اها ساڳي سرگرمي پيدا ڪئي آهي جيڪا مون ۾ آهي،


انهيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ خدا جي انهيءَ طاقت موجب سخت جدوجهد ٿو ڪريان، جيڪا مون ۾ زور سان اثر ڪري ٿي.


اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan