Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




نحمياہ 7:4 - Muslim Sindhi Bible

4 يروشلم وڏو ۽ ڪشادو شهر هو، پر منجھس ماڻهو ٿورا رهندا هئا ۽ گھر بہ اڃا نئين سر تعمير ڪونہ ٿيل هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 هاڻي شهر ڪشادو ۽ وڏو هو: پر انهيءَ ۾ ماڻهو ٿورا هئا ۽ گهر جڙيل نہ هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




نحمياہ 7:4
7 Iomraidhean Croise  

يروشلم ۾ بني اسرائيل قوم جا اڳواڻ رهندا هئا. بني اسرائيل جي باقي گھراڻن لاءِ بہ ڪڻا وڌا ويا تہ جيئن منجھائن ڏهن ڪٽنبن مان هڪڙو پاڪ شهر يروشلم ۾ اچي رهي، جڏهن تہ باقي نَوَ ڪٽنب پنهنجن ئي شهرن ۾ رهن.


ان کان سواءِ جن ماڻهن پنهنجي رضا خوشيءَ سان يروشلم ۾ رهڻ قبول ڪيو، تن سڀني جي واکاڻ ڪئي ويئي.


مون ٻنهي کي چئي ڇڏيو تہ ”جيستائين سج نہ چڙهي اچي تيستائين يروشلم جا دروازا نہ کوليا وڃن. پهريدار پڻ تيستائين پهري تي بيٺا رهن جيستائين دروازن جا ڪڙا ۽ ڪلف کُليل آهن. اوهين يروشلم جي رهاڪن مان پڻ پهريدار مقرر ڪريو، جن مان ڪي چوڪين تي بيٺل هجن تہ ڪي پنهنجن گھرن جي سامهون.“


سو منهنجي خدا منهنجي دل ۾ اها ڳالهہ وڌي تہ اميرن، اڳواڻن ۽ عام ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪريان، تہ جيئن گھراڻن موجب سندن فهرست تيار ڪئي وڃي. سو جيڪي سڀ کان پهريائين موٽيا هئا، تن جي نسب‌نامي جو ڪتاب مون کي ملي ويو، جنهن ۾ هي لکيل هو.


اوهين زمانن کان ويران پيل اهي جايون وري جوڙيندا، جيڪي ڪيترين ئي پيڙهين کان ويران رهنديون اچن. سو اوهين ’ڊٺل ديوارن کي وري اڏيندڙ‘ ۽ ’برباد ٿيل گھرن جي مرمت ڪندڙ‘ جي نالن سان ڄاتا ويندا.“


پر اوهين پهريائين هن جي بادشاهيءَ ۽ سچائيءَ جي ڳولا ۾ رهو تہ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan