Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




نحمياہ 7:1 - Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن ڀتيون ٺهي راس ٿي ويون ۽ مون منجھن دروازا لڳرايا ۽ هيڪل ۾ دربان، ڳائڻا ۽ ٻيا لاوي مقرر ٿيا،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن ڀت جُڙي تيار ٿي، ۽ مون در بيهاريا؛ ۽ دربان، ۽ ڳائيندڙ، لاوي مقرر ٿي ويا،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




نحمياہ 7:1
12 Iomraidhean Croise  

تڏهن هو واپس موٽيا ۽ اچي شهر جي دربانن کي سڏ ڪري کين ٻڌايائون تہ ”اسين ارامين جي خيمي‌گاهہ ۾ ويا هئاسون ۽ ڏٺوسون تہ اتي ڪوبہ ڪونہ هو. هائو، ڪوبہ انساني آواز ٻڌڻ ۾ ڪونہ ٿي آيو. رڳو گھوڙا ۽ گڏهہ ٻڌا بيٺا هئا ۽ تنبو بہ جيئن جو تيئن کوڙيل هئا.“


حزقياہ بادشاهہ ڪاهنن ۽ لاوين جي خدمتن جو نئين سر انتظام ڪيو. انهن کي هيڪل جي هر ڪا خدمت ڪرڻي هئي، جنهن ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪرڻيون هيون ۽ هيڪل جي اڳيان خداوند جي شڪرگذاري ۽ سندس واکاڻ جا گيت ڳائڻا هئا.


يروشلم شهر ۾ هيڪل جي جاءِ تي پهچڻ کان پوءِ، ٻئي سال جي ٻئي مهيني ۾ زربابل، يشوع، ڪاهن، لاوي ۽ سندن ٻيا هم‌قوم، يعني اهي سڀ جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي يروشلم ۾ آيا هئا تن ڪم شروع ڪري ڏنو. جيڪي لاوي ويهن سالن جا يا انهيءَ کان وڏيءَ عمر جا هئا تن کي هنن هيڪل جي تعمير جي نظرداري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو.


بني لاوي يا ٻيا بني اسرائيل نذراني طور مليل اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جي پهرين پيداوار کي گدامن ۾ کڻي ايندا، جتي هيڪل جا ٿانوَ رکيل آهن ۽ جتي خدمت ڪرڻ وارا ڪاهن، دربان ۽ ڳائڻا رهندا آهن. اسين پنهنجي خدا جي هيڪل کي ڇڏي نہ ڏينداسون.“


ڪي ڪاهن، لاوي، هيڪل جا خدمتگار ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد ۽ ڪجھہ ٻيا بني اسرائيل پنهنجين پنهنجين ملڪيتن تي يهوداہ جي مختلف شهرن ۾ رهندا هئا. يهوداہ جا جيڪي اڳواڻ پنهنجي پنهنجي گھراڻي سميت يروشلم ۾ رهندا هئا سي هي آهن.


لاوين جا اڳواڻ حسبياہ، سيربياہ، يشوع، بنوي ۽ قدمي‌ايل هئا، جن جي اڳواڻيءَ هيٺ لاوي ٻن ٻن جي ٽولن ۾ خدا جي بندي دائود بادشاهہ جي ترڪيب موجب واکاڻ ۽ شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ هڪٻئي جي سامهون ٿي بيهندا هئا.


سنبلط، طوبياہ، جشم عربي ۽ اسان جي ٻين دشمنن کي خبر پيئي تہ مون ڀتيون نئين سر تعمير ڪرائي ڇڏيون آهن ۽ انهن جو ڪوبہ حصو ڀڳل رهجي نہ ويو آهي، حالانڪ ان وقت تائين مون اڃا دروازن ۾ طاق نہ وجھرايا هئا.


اهڙيءَ طرح ٻاونجاهہ ڏينهن ۾ الول مهيني جي پندرهين تاريخ تي ڀتيون ٺهي راس ٿي ويون.


ان کان علاوہ ماڻهو منهنجي آڏو طوبياہ جي چڱن ڪمن جو بيان ڪندا رهندا هئا ۽ منهنجيون ڳالهيون بہ کيس ٻڌائيندا رهندا هئا، جڏهن تہ طوبياہ مون کي ڊيڄارڻ لاءِ خط موڪليندو رهندو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan