1 پوءِ ڪيترائي مرد ۽ سندن زالون پنهنجن ڪن يهودين خلاف ڏاڍيون دانهون ڪرڻ لڳا.
1 تنهن کانپوءِ ماڻهن ۽ سندن زالن جي طرفان، سندن يهودي ڀائرن تي وڏي شڪايت ٿيڻ لڳي.
سو مون، منهنجي ڀائرن، منهنجي نوڪرن ۽ مون سان گڏ پهري وارن پنهنجا ڪپڙا ئي نہ بدلايا ۽ هر ڪنهن کي هٿ ۾ هٿيار هئا.
ايتري تائين جو غريبن سان سندن بري سلوڪ سبب انهن جي دانهن خدا تائين وڃي پهتي، ۽ هن انهن ڏکويلن جو فرياد ٻڌي ورتو.
پوءِ خداوند چيس تہ ”منهنجي قوم جيڪا مصر ۾ آهي، تنهن جي سخت مصيبت مون ڏٺي آهي. سندن رکوالن جي سختيءَ جي ڪري سندن ڪيل دانهن ٻڌي اٿم. مون کي هنن جي ڏکن جي خبر آهي.
اهو محبوب قادرِمطلق خداوند آهي، ۽ سندس اهو انگورن وارو باغ بني اسرائيل آهي، جنهن جون وڻندڙ وليون بني يهوداہ آهن. خداوند انصاف جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي خونريزي ئي خونريزي آهي. هن حق سچ جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي مظلومن جي دانهن ۽ ڪوڪ آهي.
بادشاهہ صدقياہ يروشلم جي سڀني ماڻهن سان گڏجي عهد ڪندي اعلان ڪيو هو تہ
خداوند خدا فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! اوهين گھڻا گناهہ ڪري چڪا آهيو. هاڻي اوهين ظلم ۽ ڦرلُٽ ڇڏي ڏيو ۽ عدل وَ انصاف ڪريو. اوهين منهنجي قوم کي وري ڪڏهن بہ پنهنجي وطن مان نڪرڻ تي مجبور نہ ڪريو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.
ٻي ڳالهہ اوهين هيءَ بہ ٿا ڪريو جو قربانگاهہ وٽ ڏاڍو روئو رڙو ٿا ۽ آهون دانهون ٿا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي نذرانن جو لحاظ نہ ٿو ڪري ۽ نہ ئي وري هو انهن مان راضي ٿو ٿئي.
تہ پوءِ خدا پنهنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينهن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا هو انهن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟
ٻئي ڏينهن هن بني اسرائيل جي ٻن ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺو ۽ انهن ۾ ٺاهہ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين تہ ’اوهين پاڻ ۾ ڀائر آهيو، سو ڇو ٿا هڪٻئي سان وڙهو؟‘
ڏسو، جن مزدورن اوهان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزدوري جيڪا اوهان ناانصافي ڪري رکي ڇڏي آهي، سا رڙيون ڪري پڪاري پيئي ۽ لاباري ڪرڻ وارن جون دانهون قادرِمطلق خداوند جي ڪنن تائين وڃي پهتيون آهن.