Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




نحمياہ 4:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تنهن تي اسان پنهنجي خدا کان دعا گھري ۽ ان سازش سان منهن ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات پهرو بيهاريوسين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 پر اسان پنهنجي خدا کان دعا گهري، ۽ هنن جي ڪري، ڏينهن رات هنن جي سامهون پهرو بيهاريوسين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




نحمياہ 4:9
15 Iomraidhean Croise  

هن چيس تہ ”اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ پر اسرائيل سڏيو ويندو، ڇو تہ تون ماڻهن کان علاوہ خدا سان بہ ملهہ وڙهيو آهين ۽ کٽي ويو آهين.“


انهيءَ دوران اسان يهودين مان ڪي ماڻهو مايوس ٿي چوڻ لڳا تہ ”مٽي کڻڻ وارن مان طاقت ڇڏائي ويئي آهي، ۽ مٽيءَ جو ڍير بہ اڃا گھڻو پيو آهي، سو اسين ڀتيون ٺاهي نہ ٿا سگھون.“


اسان جا دشمن پڻ چوندا رهيا تہ ”انهيءَ کان اڳ جو هنن کي ڪا خبر پئجي وڃي ۽ ڄاڻي وٺن، اسين منجھن پهچي وينداسين ۽ کين ماري ڇڏينداسين. اهڙيءَ طرح سندن ڪم رڪجي ويندو.“


هو دوکيبازن جون رٿون برباد ڪري ڇڏي ٿو، تان جو سندن رٿيل منصوبا بلڪل ناڪام ٿي وڃن ٿا.


خداوند قومن جي تجويزن کي باطل ٿو ڪري ڇڏي. هائو، هو ماڻهن جي تدبيرن کي رد ڪري ٿو ڇڏي.


اوهين مصيبت جي ڏينهن تي مون کي پڪارجو، آءٌ ئي اوهان کي ڇڏائيندس تڏهن اوهين منهنجي واکاڻ ڪندا.“


خداوند هر سچ جي حفاظت ٿو ڪري، مگر هو ڪوڙ ۽ دغابازيءَ کي رد ڪريو ڇڏي.


جاڳندا رهو ۽ دعا گھرندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر بدن ۾ ايتري طاقت ناهي.“


انهيءَ ڪري هر وقت جاڳندا ۽ دعا گھرندا رهو تہ اهي ڳالهيون جيڪي ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ ۽ ابنِ آدم جي حضور ۾ بيهڻ جي توفيق مليوَ.“


هوشيار ۽ سجاڳ رهو. اوهان جو دشمن ابليس گجندڙ شينهن وانگر چوڌاري ڦري وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي چيري ڦاڙي کائي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan