Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




نحمياہ 4:6 - Muslim Sindhi Bible

6 سو اسان ڀتيون وري تعمير ڪندا رهياسون، تان جو اهي اڌ اوچائيءَ تائين پهچي ويون، ڇاڪاڻ تہ سڀني ماڻهن دل وَ جان سان پئي ڪم ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 انهيءَ طرح اسان ڀت جوڙي؛ ۽ سڄي ڀت ان جي اڌ اوچائيءَ تائين ڳنڍجي ويئي؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جي مرضي هئي تہ ڪم ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




نحمياہ 4:6
13 Iomraidhean Croise  

آءٌ ڪير آهيان ۽ منهنجي قوم ڪير آهي جو اسين هيترو سارو نذرانو ڏيئي سگھون؟ هر ڪا شيءِ تو وٽان ئي ملي ٿي ۽ تو کان ئي مليل شين مان اسان تو کي ڏنو آهي.


انهيءَ کان علاوہ مون پنهنجي ذاتي خزاني مان پنهنجي خدا جي گھر سان چاهہ سبب سون ۽ چاندي پڻ مهيا ڪري ڏني آهي.


حزقياہ بادشاهہ ۽ سڄي قوم خدا جي انهيءَ خدمت جي بحاليءَ واري ڪم تي ڏاڍيون خوشيون ملهايون، خاص طور تہ اهو ڪم تمام جلدي ٿي ويو.


هنن جي بڇڙائيءَ کي نہ بخش، نہ وري هنن جا گناهہ ميٽي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ هو ڀتين ٺاهڻ وارن کي گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين.“


پر جڏهن سنبلط، طوبياہ ۽ ڏکڻ وارن عربن، اوڀر وارن عمونين ۽ اولهہ وارن اشدودين ٻڌو تہ يروشلم جي ڀتين جي مرمت ٿيندي پئي وڃي ۽ انهيءَ جا ٻرگھل بند ٿي ويا آهن، تڏهن هو ڏاڍا ڪاوڙيا.


اهڙيءَ طرح ٻاونجاهہ ڏينهن ۾ الول مهيني جي پندرهين تاريخ تي ڀتيون ٺهي راس ٿي ويون.


تنهنجي جنگ ڪرڻ واري ڏينهن تي تنهنجا ماڻهو پاڻ کي پيش ڪندا. هائو، تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان تو وٽ پيش ٿيندا. جيئن صبح جو سوير تازگي ڏيندڙ ماڪ پوي ٿي، تيئن ئي اهي نوجوان تازگيءَ واري حالت ۾ تو وٽ ايندا.


اي يروشلم! تون اهڙو اڏيل آهين، جيئن ڪو ڪوٽن وارو پختو شهر اڏيل هجي.


خداوند هر ڪنهن جي دل ۾ پنهنجي هيڪل جي ڪم لاءِ جذبو جاڳايو. سو يهوداہ جو گورنر زربابل، سردار ڪاهن يشوع ۽ اهي ماڻهو جيڪي جلاوطنيءَ کان موٽي آيا هئا، تن سڀني قادرِمطلق خداوند پنهنجي خدا جي هيڪل تي ڪم شروع ڪيو.


جڏهن تہ اهو خدا ئي آهي جيڪو پنهنجي نيڪ ارادي موجب اوهان ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو، تہ جيئن اوهين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو.


شل سو ئي اوهان کي هر چڱي برڪت بخشي ڪامل بڻائي، تہ جيئن اوهين سندس مرضي پوري ڪريو. شل هو عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان سڀني ۾ اهو ڪجھہ پيدا ڪري جيڪو کيس پسند آهي. سندس عظمت جي واکاڻ هميشہ ٿيندي رهي. آمين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan