جيڪي ماڻهو اهو ثابت ڪري نہ سگھيا تہ هو ڪاهنن مان آهن، تن جا گھراڻا هي هئا: بني حباياہ، بني هقوص ۽ بني برزلي. هي اهو برزلي هو جنهن جِلعادي برزليءَ جي هڪڙي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي ۽ انهيءَ نالي سان ئي کيس سڏيو ويو. انهن پنهنجي خانداني نسبنامي کي ڏاڍو ڳوليو پر لهي نہ سگھيا، تنهنڪري کين نااهل سمجھي ڪاهنيت مان خارج ڪيو ويو.