Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




نحمياہ 3:3 - Muslim Sindhi Bible

3 مڇيءَ وارو دروازو هسناہ جي پٽن تعمير ڪيو. هنن ان مٿان سردر رکيا، طاق لڳايائون ۽ منجھس هڙڪيون ۽ گز لڳايائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ مڇيءَ وارو دروازو، هسناہ جي پٽن جوڙيو؛ هنن انهيءَ تي ڪامون رکيون، ۽ انهيءَ جا طاق کڙا ڪيائون، ۽ انهيءَ جون تاڙيون، ۽ انهيءَ جا گز بيهاريائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




نحمياہ 3:3
11 Iomraidhean Croise  

تنهن کان پوءِ هن دائود جي شهر جي ڪوٽ کي وري تعمير ڪرايو جيڪو برساتي نهر وٽ جيحون چشمي جي اولهہ طرف کان وٺي عوفل ٽڪريءَ جي چوڌاري مڇيءَ واري دروازي تائين هو. هن انهيءَ ڪوٽ کي تمام اوچو ٺهرايو. هن يهوداہ جي سڀني قلعن وارن شهرن ۾ فوجي سالار مقرر ڪري ڇڏيا.


۽ سناآہ شهر جا ٽي هزار ڇهہ سؤ ٽيهہ ماڻهو هئا.


تان جو اسين افرائيم واري دروازي، پراڻي دروازي، مڇيءَ واري دروازي، حنن‌ايل ٺُلهہ ۽ سؤ نالي ٺُلهہ کان ويندي رڍن واري دروازي تائين سندن پٺيان وياسين. هيڪل جي پهريدارن واري دروازي وٽ هو بيهي رهيا.


هڪڙو فرمان مون کي شاهي ٻيلي جي رکوالي آسف ڏانهن بہ لکي ڏنو وڃي، تہ هو مون کي عمارتي ڪاٺ ڏئي، تہ جيئن خداوند جي گھر جي ڀر واري قلعي ۽ ڪوٽ جون ڀتيون ۽ دروازا ۽ جنهن گھر ۾ آءٌ رهندس تنهن جا دروازا ۽ ٻيو سامان ٺهرايان.“ جيئن تہ منهنجي خدا جو مون تي مهربانيءَ جو هٿ هو، تنهنڪري بادشاهہ منهنجا سڀيئي عرض قبول ڪيا.


ان سان لاڳيتو حصو مريموت ولد اورياہ ولد هقوص مرمت ڪيو. ان سان لاڳيتو حصو مسلام ولد برڪياہ ولد مشيزبيل مرمت ڪيو. ان سان لاڳيتو حصو صدوق ولد بعنہ مرمت ڪيو.


يشانہ دروازي جي مرمت يهويدع ولد فاسخ ۽ مسلام ولد بسودياہ ڪئي. هنن انهيءَ مٿان سردر رکيا، طاق لڳايائون ۽ منجھس هڙڪيون ۽ گز لڳايائون.


سنبلط، طوبياہ، جشم عربي ۽ اسان جي ٻين دشمنن کي خبر پيئي تہ مون ڀتيون نئين سر تعمير ڪرائي ڇڏيون آهن ۽ انهن جو ڪوبہ حصو ڀڳل رهجي نہ ويو آهي، حالانڪ ان وقت تائين مون اڃا دروازن ۾ طاق نہ وجھرايا هئا.


جڏهن ڀتيون ٺهي راس ٿي ويون ۽ مون منجھن دروازا لڳرايا ۽ هيڪل ۾ دربان، ڳائڻا ۽ ٻيا لاوي مقرر ٿيا،


۽ سناآہ شهر جا ٽي هزار نوَ سؤ ٽيهہ ماڻهو هئا.


ڇاڪاڻ تہ هُن تنهنجي دروازن جا گز مضبوط ڪيا آهن، ۽ تنهنجي رهاڪن کي برڪت عطا ڪئي اٿائين.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن يروشلم جي مڇيءَ واري دروازي وٽان هڪ وڏي رڙ اٿندي، تہ نئين آباديءَ واري علائقي مان ماتم جو آواز، ۽ ٽڪرين مان هڪ وڏي تباهيءَ وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan