Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




نحمياہ 3:1 - Muslim Sindhi Bible

1 سردار ڪاهن الياسب پنهنجي ساٿي ڪاهنن سان گڏجي اتر واري ڀت جو رڍن وارو دروازو وري تعمير ڪيو. هنن انهيءَ کي وقف ڪيو ۽ انهيءَ ۾ طاق لڳايائون. هنن ڀت کي سؤ نالي ٺُلهہ ۽ حنن‌ايل ٺُلهہ تائين وقف ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 تڏهن الياسب سردار ڪاهن پنهنجي ڀائرن ڪاهنن سميت اُٿيو، ۽ انهن رڍن وارو دروازو جوڙيو؛ ۽ هنن انهيءَ کي پاڪ ڪيو، ۽ انهيءَ جا در کڙا ڪيائون؛ همياہ جي ٺلهہ، بلڪ حنن ايل جي ٺلهہ تائين انهيءَ کي پاڪ ڪيائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




نحمياہ 3:1
19 Iomraidhean Croise  

سردار ڪاهن يشوع يويقيم جو پيءُ هو، يويقيم الياسب جو پيءُ هو، الياسب يويدع جو پيءُ هو،


جڏهن ڪاهن ۽ لاوي پاڻ کي پاڪ ڪري چڪا، تڏهن هنن عام ماڻهن، دروازن ۽ شهر جي ڀتين کي بہ پاڪ ڪيو.


تان جو اسين افرائيم واري دروازي، پراڻي دروازي، مڇيءَ واري دروازي، حنن‌ايل ٺُلهہ ۽ سؤ نالي ٺُلهہ کان ويندي رڍن واري دروازي تائين سندن پٺيان وياسين. هيڪل جي پهريدارن واري دروازي وٽ هو بيهي رهيا.


سردار ڪاهن يويدع ولد الياسب جي پٽن مان هڪڙي پٽ سنبلط حورونيءَ نالي ڌارئي ماڻهوءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي. مون انهيءَ کي پنهنجي قوم مان خارج ڪري ڇڏيو.


انهيءَ کان اڳ، الياسب ڪاهن، جيڪو خدا جي گھر جي گودامن تي نگران مقرر هو ۽ طوبياہ سان سندس ويجھا تعلقات هئا،


انهيءَ کان پوءِ باروڪ ولد زبي وراڻي کان وٺي الياسب سردار ڪاهن جي گھر جي در تائين دل وَ جان سان ڀت جي حصي جي مرمت ڪئي.


انهيءَ کان پوءِ سردار ڪاهن الياسب جي گھر جي دروازي کان وٺي سندس گھر جي ڇيڙي تائين مريموت ولد اورياہ ولد هقوص مرمت ڪئي.


انهيءَ ڪنڊ واري برج کان رڍن واري دروازي جي وچ واري حصي جي مرمت سونارن ۽ واپارين ڪئي.


سنبلط، طوبياہ، جشم عربي ۽ اسان جي ٻين دشمنن کي خبر پيئي تہ مون ڀتيون نئين سر تعمير ڪرائي ڇڏيون آهن ۽ انهن جو ڪوبہ حصو ڀڳل رهجي نہ ويو آهي، حالانڪ ان وقت تائين مون اڃا دروازن ۾ طاق نہ وجھرايا هئا.


جڏهن ڀتيون ٺهي راس ٿي ويون ۽ مون منجھن دروازا لڳرايا ۽ هيڪل ۾ دربان، ڳائڻا ۽ ٻيا لاوي مقرر ٿيا،


اي خداوند! تنهنجي واکاڻ هجي، ڇوجو تو مون کي سرفراز ڪيو آهي. تو منهنجي دشمنن کي مون تي خوش ٿيڻ ڪين ڏنو آهي.


اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين صيئون جو طواف ڪريو، انهيءَ جي آس‌پاس گھمو ڦرو، ۽ انهيءَ جي منارن کي بہ ڳڻي ڏسو.


پنهنجي هر ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهين خداوند کي ياد رکو. اهو ئي اوهان کي سڌو رستو ڏيکاريندو.


اوهين پنهنجي مال ملڪيت ۽ پنهنجي سموري پيداوار جي پهرئين ڦل جي نذرانن سان خداوند کي تعظيم ڏيو.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن حنن‌ايل ٺُلهہ کان وٺي اولهہ پاسي جي ڪنڊ واري دروازي تائين مون خداوند جي نالي سان سڏيو ويندڙ شهر يروشلم وري تعمير ٿي ويندو.


تنهنڪري ڄاڻي وٺ ۽ سمجھي ڇڏ تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ واري حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اچڻ تائين ست دفعا ست ست سال ٿيندا. پوءِ ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن تائين شهر اندر گھٽيون ۽ قلعي جي چوڌاري حفاظتي کاهيون ٺاهيون وينديون، جيتوڻيڪ اهي مصيبت جا ڏينهن هوندا.


اتر ۾ جِبع کان وٺي ويندي ڏکڻ ۾ رمون تائين سڄو ملڪ سنئون سڌو ميدان ٿي پوندو، جڏهن تہ يروشلم شهر بلنديءَ تي هوندو. هي شهر بنيامين دروازي کان ڪنڊ نالي پراڻي دروازي تائين ۽ حنن‌ايل ٺُلهہ کان انگورن جي شاهي چيچڙن تائين پکڙجي ويندو.


يروشلم ۾ رڍن واري دروازي وٽ هڪ تلاءُ آهي، جنهن کي عبراني ٻوليءَ ۾ بيت‌حسدا ڪري سڏبو آهي ۽ انهيءَ کي پنج ورانڊا آهن.


پوءِ عملدار ماڻهن کي مخاطب ٿي چون تہ ’اوهان مان جنهن ماڻهوءَ نئون گھر جوڙايو هجي ۽ خيرات ڪري انهيءَ ۾ اڃا رهڻ شروع نہ ڪيو هجائين تہ اهو پنهنجي گھر ڏانهن موٽي وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان اهو جنگ ۾ مارجي وڃي ۽ ڪو ٻيو ماڻهو انهيءَ گھر ۾ رهڻ شروع ڪري.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan