Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




نحمياہ 2:8 - Muslim Sindhi Bible

8 هڪڙو فرمان مون کي شاهي ٻيلي جي رکوالي آسف ڏانهن بہ لکي ڏنو وڃي، تہ هو مون کي عمارتي ڪاٺ ڏئي، تہ جيئن خداوند جي گھر جي ڀر واري قلعي ۽ ڪوٽ جون ڀتيون ۽ دروازا ۽ جنهن گھر ۾ آءٌ رهندس تنهن جا دروازا ۽ ٻيو سامان ٺهرايان.“ جيئن تہ منهنجي خدا جو مون تي مهربانيءَ جو هٿ هو، تنهنڪري بادشاهہ منهنجا سڀيئي عرض قبول ڪيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ هڪڙو خط آسف بادشاهہ جي ٻيلي جي نگهبان ڏانهن ڏئي، تہ هو مون کي ڪاٺ ڏئي، تہ جيڪو قلعو گهر سان تعلق ٿو رکي، تنهن جي دروازن جا ۽ شهر جي ڀت جا، ۽ انهيءَ گهر جا شهتير جوڙيان، جنهن ۾ آءٌ وڃڻو آهيان. تڏهن، ڇالاءِ جو منهنجي خدا جو مون تي چڱائيءَ لاءِ هٿ هو، تنهنڪري بادشاهہ منهنجو عرض قبول ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




نحمياہ 2:8
18 Iomraidhean Croise  

هن چيس تہ ”اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ پر اسرائيل سڏيو ويندو، ڇو تہ تون ماڻهن کان علاوہ خدا سان بہ ملهہ وڙهيو آهين ۽ کٽي ويو آهين.“


پر يهودي اڳواڻن تي پنهنجي خدا جي نظر هئي، سو انهن عملدارن يهودين کي تيستائين نہ روڪيو، جيستائين اهو معاملو دارا شهنشاهہ تائين پهتو ۽ انهيءَ کان لکت ۾ موٽ نہ ملين.


پوءِ هنن ست ڏينهن خوشيءَ وچان بي‌خميري مانيءَ جي عيد ملهائي، ڇاڪاڻ تہ خداوند اشور جي شهنشاهہ جي دل انهن ڏانهن ڦيرائي کين خوشي عطا ڪئي هئي. انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل جي خدا جي گھر جي تعمير واري ڪم ۾ شهنشاهہ هنن جي مدد ڪئي.


انهيءَ کان علاوہ آءٌ هي حڪم ٿو ڪريان تہ خدا جي هن گھر جي تعمير ڪرڻ ۾ اوهين يهودين جي اڳواڻن جي مدد ڪريو. هنن ماڻهن جا خرچ پکا شاهي خزاني يعني اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي جي ٽيڪس مان وقت سر ادا ڪيا وڃن تہ جيئن ڪم رڪجي نہ وڃي.


بابل کان يروشلم ڏانهن روانو ٿيو. موسيٰ جي شريعت جيڪا خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ هو هوشيار عالم هو. شهنشاهہ هن کي هر اُها شيءِ ڏني جيڪا هن کانئس گھري، ڇاڪاڻ تہ خداوند سندس خدا جو هٿ مٿس هو.


تڏهن مون پنهنجي ڀاءُ حنانيءَ سان گڏ قلعي جي سالار حنانياہ کي پڻ يروشلم جو نگران مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ تہ حنانياہ هڪ ديانتدار ماڻهو هو ۽ گھڻن ئي ماڻهن کان وڌيڪ خداترس هو.


خداوند حڪمرانن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ٿو رکي، هو جيڏانهن چاهي ٿو، تيڏانهن پاڻيءَ جي واهين وانگر کين وهائي ٿو.


مون پنهنجي لاءِ باغ ۽ باغيچا تيار ڪرايا، جن ۾ هر قسم جي ميون جا وڻ لڳرايا.


مون تلاءَ جوڙايا، انهيءَ لاءِ تہ انهن وڻن کي پاڻي ڏجي.


جڏهن اوهين اهو سڀ ٿيندو ڏسندا، تڏهن اوهين بيحد خوش ٿيندا. اوهان جي طاقت ۽ صحت ايترو تہ تيزيءَ سان وڌندي، جيئن گاهہ وڌندو آهي. تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ خداوند پنهنجي فرمانبردار ٻانهن سان گڏ آهيان، پر پنهنجي دشمنن کان بيحد ناراض آهيان.“


خدا محل جي داروغي جي دل ۾ دانيال لاءِ رحم ۽ همدردي وجھي ڇڏي.


پر اڄ تائين خدا جي مدد مون ساڻ آهي، سو آءٌ پنهنجيءَ ڳالهہ تي قائم آهيان ۽ هر غريب توڙي امير جي اڳيان هڪجهڙي شاهدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اهي ڳالهيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ٻيا نبي اڳڪٿي ڪري ويا آهن تہ اهي ضرور ٿينديون.


۽ کيس سڀني مصيبتن مان سلامتيءَ سان پار ڪيائين. خدا کيس ڏاهپ سان گڏ فرعون يعني مصر جي بادشاهہ جو راضپو پڻ بخشيو، ايتري قدر جو فرعون يوسف کي مصر ملڪ توڙي پنهنجي پوري محلات جو حاڪم بڻائي ڇڏيو.


خدا جو شڪر آهي، جنهن طيطس جي دل ۾ بہ اوهان لاءِ اها ساڳي سرگرمي پيدا ڪئي آهي جيڪا مون ۾ آهي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan