Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




نحمياہ 11:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ڪي ڪاهن، لاوي، هيڪل جا خدمتگار ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد ۽ ڪجھہ ٻيا بني اسرائيل پنهنجين پنهنجين ملڪيتن تي يهوداہ جي مختلف شهرن ۾ رهندا هئا. يهوداہ جا جيڪي اڳواڻ پنهنجي پنهنجي گھراڻي سميت يروشلم ۾ رهندا هئا سي هي آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 هاڻي جيڪي پرڳڻي جا سردار يروشلم ۾ رهندا هئا، سي هي آهن: (پر يهوداہ جي شهرن ۾ هرڪو ماڻهو پنهنجي شهر ۽ پنهنجي جائيداد ۾ رهندو هو، يعني اسرائيلي، ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ نتينيم، ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




نحمياہ 11:3
14 Iomraidhean Croise  

بابل صوبي ۾ رهندڙ جلاوطن، جن جي وڏن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو هو، سي سڀ يروشلم شهر ۽ سڄي يهوداہ ملڪ ۾ پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۾ موٽي آيا.


اهي گھراڻا جيڪي هيڪل جا خدمتگار هئا ۽ جلاوطنيءَ مان موٽي آيا، سي هي هئا: بني ضيحا، بني حُسوفا، بني طبعوت،


ڪاهنَ، لاوي، ۽ ڪجھہ ٻيا ماڻهو يروشلم ۾ ۽ ان جي آس‌پاس آباد ٿي ويا. ڳائڻا، دربانَ ۽ هيڪل جا خدمتگار آس‌پاس وارن ڳوٺن ۾ آباد ٿي ويا. باقي ٻيا بني اسرائيل وارا پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آباد ٿي ويا


بني اسرائيل جا باقي ماڻهو، جن ۾ ڪاهن ۽ لاوي بہ شامل هئا، سي يهوداہ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پنهنجين پنهنجين اباڻي ملڪيتن تي رهندا هئا.


يهوداہ قبيلي مان: عتاياہ ولد عُزياہ ولد زڪرياہ ولد امرياہ ولد سفطياہ ولد مهلل‌ايل جيڪو فارص ولد يهوداہ جي اولاد مان هو،


ڪاهنن جا گھراڻا جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي آيا، تن جي ماڻهن جو تعداد هن طرح هو: يدعياہ جو اولاد يعني يشوع جي گھراڻي جا نوَ سؤ ٽيهتر ماڻهو هئا،


لاويءَ جا گھراڻا جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي آيا، تن جي ماڻهن جو تعداد هن طرح هو: هوداوياہ جي نسل مان يشوع ۽ قدمي‌ايل جي اولاد جا چوهتر ماڻهو هئا،


اهي گھراڻا جيڪي هيڪل جا خدمتگار هئا ۽ جلاوطنيءَ مان موٽي آيا، سي هي هئا: بني ضيحا، بني حُسوفا، بني طبعوت،


بابل صوبي جا ماڻهو جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي آيا، جن جي وڏن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو هو سي سڀ يروشلم شهر ۽ سڄي يهوداہ ملڪ ۾ پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۾ موٽي آيا.


اُهي زربابل، يشوع، نحمياہ، عزرياہ، رعمياہ، نحماني، مردڪي، بِلشان، مسفرت، بگوي، نحوم ۽ بعنہ جي اڳواڻيءَ ۾ آيا. بني اسرائيل جي انهن ماڻهن جو تعداد هن طرح هو:


ڪاهن، لاوي، هيڪل جا دربان، ڳائڻا ۽ خدمتگار باقي ٻين بني اسرائيل وارن سميت پنهنجن پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آباد ٿي ويا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan