Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




نحمياہ 10:1 - Muslim Sindhi Bible

1 سڀ کان پهريائين نحمياہ گورنر ولد حڪلياہ تصديق ڪري مهر هنئي. ان کان پوءِ جن ڪاهنن تصديق ڪري مهر هنئي سي هي هئا: صدقياہ،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 هاڻي جن مهر هنئي هئي سي هئا، نحمياہ بن حڪلياہ جو حاڪم هو، ۽ صدقياہ؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




نحمياہ 10:1
11 Iomraidhean Croise  

پوءِ بادشاهہ ٿنڀي جي ڀرسان ٿي بيٺو ۽ خداوند جي حضور ۾ نئين سر عهد اقرار ڪيائين تہ ”اسين خداوند جا وفادار رهنداسين، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي پنهنجي پوريءَ دل سان مڃينداسين، يعني عهدنامي جون ڳالهيون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن سڀني تي عمل ڪنداسين.“ پوءِ سڀني ماڻهن انهيءَ عهدنامي جو قسم تي اقرار ڪيو.


تنهنڪري هاڻي اچو تہ پنهنجي خدا سان هي عهد ڪريون تہ اسين اهي سڀ زالون ۽ جيڪو اولاد انهن مان ڄائو آهي سو تو اسان جي آقا ۽ جيڪي اسان جي خدا جي حڪمن کان ڊڄن ٿا تن جي صلاح سان ڪڍي ڇڏيون. اهو سمورو ڪم شريعت موجب ڪيو وڃي.


يهودي گورنر انهن کي حڪم ڏنو تہ تيستائين هو خداوند لاءِ ئي مخصوص شين مان ڪجھہ نہ کائين، جيستائين اُوريم ۽ ٿُميم سان خدمت ڪندڙ ڪو ڪاهن هجي جيڪو فيصلو ڪري.


هي نحمياہ ولد حڪلياہ جون ڳالهيون آهن. فارس جي بادشاهہ ارتخششتا جي شهنشاهيءَ جي ويهين سال جي ڪِسليوِ واري مهيني ۾، جڏهن آءٌ نحمياہ عيلام صوبي جي گاديءَ واري شهر سوسن جي قلعي ۾ هئس،


سراياہ، عزرياہ، يرمياہ،


اسين هن ملڪ جي آس‌پاس وارين قومن سان رشتيداريءَ جي ڏي وٺ نہ ڪنداسون.


يهودي گورنر انهن کي حڪم ڏنو تہ تيستائين هو خداوند لاءِ ئي مخصوص شين مان ڪجھہ نہ کائين، جيستائين اُوريم ۽ ٿُميم سان خدمت ڪندڙ ڪو ڪاهن هجي جيڪو فيصلو ڪري.


ڪيترن ئي ماڻهن هيڪل جي نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ نذرانا ڏنا. يهوداہ جي گورنر پاڻ بہ خزاني ۾ سون جا اٽڪل ساڍا اٺ ڪلوگرام، پنجاهہ پيالا ۽ پنج سؤ ٽيهہ ڪاهنن وارا لباس ڏنا.


شريعت جون ڳالهيون ٻڌي ماڻهو روئڻ لڳا. تنهن تي نحمياہ گورنر، عزرا ڪاهن ۽ شريعت جي عالمن ۽ لاوين ماڻهن کي سمجھاڻي ڏيندي چيو تہ ”اڄوڪو ڏينهن خداوند، اوهان جي خدا جي لاءِ مخصوص آهي، سو نہ ڪو ڏک ڪريو ۽ نہ روئو


انهن سڀني ڳالهين جي ڪري اسين بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو لکت ۾ اقرار ٿا ڪريون، جنهن تي اسان جا اڳواڻ، اسان جا لاوي ۽ اسان جا ڪاهن تصديق ڪري مهر ٿا هڻن.


پوءِ موسيٰ خداوند جون سڀيئي ڳالهيون لکيون ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿي جبل جي تري وٽ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي واسطي يادگار طور ٿنڀي جيان ٻارهن پٿر کوڙيائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan