Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




نحمياہ 1:9 - Muslim Sindhi Bible

9 پر جيڪڏهن اوهين مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ پوءِ جيڪي اوهان مان توڙي جو ڌرتيءَ جي آخري ڇيڙي تي بہ جلاوطن ٿي ويا هوندا تہ آءٌ انهن کي اتان آڻي انهيءَ هنڌ گڏ ڪندس، جيڪو هنڌ مون پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 پر جي اوهين مون ڏانهن موٽندا، ۽ منهنجا حڪم مڃيندا، ۽ انهن تي هلندا، تہ اوهان مان جيڪي ٽڙي پکڙي آسمان جي تمام پرانهين ڀاڱي تائين ويا هوندا، تن کي آءٌ اتان آڻي انهيءَ هنڌ گڏ ڪندس، جو پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ مون پسند ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




نحمياہ 1:9
28 Iomraidhean Croise  

خداوند کيس چيو تہ ”جيڪا دعا ۽ منٿ تو منهنجي حضور ۾ ڪئي آهي سا مون ٻڌي آهي. هيءَ هيڪل جيڪا تو هميشہ جي لاءِ منهنجي نالي تي جوڙائي آهي تنهن کي مون پاڻ لاءِ مخصوص ڪيو آهي. منهنجيون اکيون ۽ منهنجي دل سدائين ان تي لڳا رهندا.


اوهين کيس چئو تہ ”اي اسان جا بچائيندڙ خدا! اسان کي بچاءِ، اسان کي ڌارين قومن مان ڪڍي پنهنجي وطن ۾ آڻي گڏ ڪر، تان‌تہ اسين تنهنجو شڪر ادا ڪندا رهون، ۽ تنهنجي نالي جي حمد وَ ثنا تي فخر پيا ڪريون.“


جنهن خدا پنهنجو نالو يروشلم ۾ قائم ڪيو آهي سو شل انهن سڀني بادشاهن ۽ ماڻهن کي ناس ڪري جيڪي هن حڪم کي نہ مڃيندي سندس هيڪل کي ناس ڪرڻ لاءِ هٿ ڊگھيرين. مون اهو حڪم جاري ڪيو آهي ۽ ڪوشش ڪري ان تي پوريءَ طرح عمل ڪيو وڃي.“


اي خداوند اسان جا خدا! اسان کي بچاءِ. اسان کي ڌارين قومن مان ڪڍي پنهنجي وطن ۾ آڻي گڏ ڪر، تان‌تہ اسين تنهنجو شڪر ادا ڪندا رهون، ۽ تنهنجي نالي جي حمد وَ ثنا تي فخر پيا ڪريون.


هائو، هن اوهان کي اوڀر توڙي اولهہ مان، اتر توڙي ڏکڻ مان، يعني سڀني ملڪن مان ڪڍي اوهان جي وطن ۾ آڻي گڏ ڪيو آهي.


خداوند پاڻ يروشلم شهر وري اڏي ٿو. هو بني اسرائيل کي جلاوطنيءَ مان آڻي اتي گڏ ڪري ٿو.


خداوند غير قومن کي ڏيکارڻ لاءِ انهيءَ بادشاهہ جو جھنڊو کڙو ڪندو، جنهن بعد اسرائيل توڙي سڄي يهوداہ ملڪ جي جلاوطن ٿيل ماڻهن کي موٽائي آڻي گڏ ڪندو، جيڪي ڌرتيءَ جي چئني پاسن تي ٽڙيل پکڙيل هوندا.


اي بني اسرائيل! اهو ڏينهن ايندو جڏهن خداوند فرات نديءَ کان وٺي مصر جي سرحد واري برساتي نهر تائين اوهان کي داڻو داڻو ڪري چونڊي گڏ ڪندو، جيئن بُهہ مان ڪڻڪ چونڊي الڳ ڪئي ويندي آهي.


خداوند خدا، جيڪو بني اسرائيل جي جلاوطن ٿيلن کي وري وطن ۾ آڻي گڏ ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ ”آءٌ غير قوم وارن کي بہ پنهنجي قوم ۾ آڻي اوهان سان گڏ ڪندس.“


کين ائين جلاوطن ڪري ڇڏڻ کان پوءِ، آءٌ وري مٿن رحم ڪندس ۽ منجھائن هر قوم کي سندس ورثي واري ملڪ ۾ موٽائي آڻيندس.


اي مون کان ڦري ويل قوم وارؤ! موٽي اچو، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجا ئي آهيو. آءٌ اوهان جي هر شهر مان هڪ هڪ ۽ هر قبيلي مان ٻہ ٻہ نمائندا ڪري چونڊيندس ۽ ائين صيئون جبل سان اوهان جو رابطو ڳنڍي ڇڏيندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي قومون! اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو، ۽ ڏورانهن ساحلي علائقن ۾ وڃي اهو اعلان ڪريو تہ ’جنهن خداوند بني اسرائيل کي ڪڻو ڪڻو ڪيو سو ئي کين وري گڏ ڪندو، ۽ انهن جي ائين سنڀال ڪندو، جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ جي سنڀال ڪندو آهي.‘


”جن ملڪن ڏانهن مون بني اسرائيل کي پنهنجي سخت غضب ۾ هڪالي ڪڍيو هوندو، تن سڀني مان آءٌ يقيناً آڻي کين گڏ ڪندس. آءٌ هنن کي هن هنڌ موٽائي وٺي ايندس ۽ کين سلامتيءَ سان آباد ڪندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان هڪڙي وڏي قوم کي اٿاريو پيو وڃي، يعني اتر واري ملڪ کان هڪ لشڪر اچي ٿو.


تنهنڪري هاڻي اي حزقي‌ايل! تون سڄي بني اسرائيل کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اوهين توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي ڪراهت جهڙن بتن کان منهن موڙي ڇڏيو.


آءٌ اوهان کي هر قوم ۽ هر ملڪ منجھان ڪڍي موٽائي آڻي اوهان جي وطن ۾ آباد ڪندس.


جيڪڏهن اوهين منهنجي قانونن تي هلندا ۽ منهنجا حڪم مڃي انهن تي عمل ڪندا،


آءٌ پنهنجي قوم کي اوڀر توڙي اولهہ جي ملڪن کان ڇڏائي آڻيندس.


تڏهن وڏي آواز سان توتاري جي وڄندي ئي هو پنهنجي ملائڪن کي هر طرف موڪليندو، جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين خدا جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.“


جيڪڏهن اهو گھر جيڪو خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي سو اوهان کان گھڻو پري هجي، تہ پوءِ خداوند اوهان کي جيڪي ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڏنيون آهن، تن مان ڪنهن کي بہ ذبح ڪري، جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي تيئن پنهنجي دل جي خواهش موجب پنهنجن شهرن جي اندر کائجو.


بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جو خدا، پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ اوهان جي سڀني قبيلن جي علائقن مان هڪڙي هنڌ چونڊي ڪڍي، اوهين سندس عبادت لاءِ اوڏانهن ئي وڃجو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو جڏهن اِهي سڀ ڳالهيون يعني برڪتون ۽ لعنتون جيڪي مون اوهان جي اڳيان رکيون آهن، سي اوهان تي اچي پون، تڏهن اوهين انهن سڀني قومن منجھہ انهن کي ياد ڪندا، جن ۾ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan