Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




نحمياہ 1:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي جيڪي فرمايو هو، سو ياد ڪر. تو چيو هو تہ ’جيڪڏهن اوهين بني اسرائيل گناهہ ڪندا تہ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏي ڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ سان ڪيو هو سو ياد رک، ۽ تو چيو هو تہ جي اوهين گناهہ ڪندا تہ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ پکيڙي ڇڏيندس:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




نحمياہ 1:8
10 Iomraidhean Croise  

اي خداوند! جيڪو واعدو تو پنهنجي هن بندي سان ڪيو آهي، ۽ جنهن جي تو مون کي اميد ڏياري آهي تنهن کي ياد ڪر.


آءٌ تنهنجي رهاڪن کي هر ملڪ ۽ هر قوم ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجي پليتي تو مان بلڪل صاف ڪري ڇڏيندس.


هائو، آءٌ يروشلم شهر ۾ اهڙي تہ بک وجھندس جو والدين پنهنجي ٻارن کي کائيندا ۽ ٻار پنهنجي والدين کي. جيڪي انهيءَ سزا کان بچي ويندا، تن سڀني کي آءٌ چئني طرفن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس.


تنهن هوندي بہ آءٌ انهن مان ڪجھہ ماڻهن کي قتل ٿيڻ کان بچائيندس ۽ کين ٻين قومن ۽ ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس،


هن اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيل واعدي موجب، اسان تي رحم ڪندي پنهنجو پاڪ عهد پورو ڪيو آهي.


خداوند اوهان کي ڌرتيءَ جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين سڀني قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو. اُتي اوهين انهن ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا، جن کي اوهان يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan