Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




نحمياہ 1:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اي منهنجا خداوند! مون تي پنهنجي رحم جي نظر ڪر ۽ ڪن ڏيئي منهنجي دعا ٻڌ، جيڪا آءٌ ڏينهن رات تنهنجي ٻانهن بني اسرائيل لاءِ گھرندو ٿو رهان. آءٌ پنهنجي طرفان، پنهنجي پيءُ جي گھراڻي طرفان ۽ بني اسرائيل جي طرفان اهي گناهہ باسيان ٿو، جيڪي اسان ڪيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 هاڻي ڌيان سان ڪن ڏي، ۽ تنهنجيون اکيون کليل هجن، تہ پنهنجي ٻانهي جي دعا ٻڌين، جا آءٌ هن وقت، ڏينهن ۽ رات، تنهنجن ٻانهن، بني اسرائيل جي لاءِ ٿو گهران، ۽ ساڳئي وقت ۾ آءٌ بني اسرائيل جا اُهي گناهہ قبول ٿو ڪريان، جي اسان تنهنجي برخلاف ڪيا آهن: هائو، مون ۽ منهنجي پيءُ جي گهراڻي گناهہ ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




نحمياہ 1:6
34 Iomraidhean Croise  

آءٌ تنهنجو ٻانهو ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل جڏهن بہ هن هيڪل ڏانهن منهن ڪري دعا گھرون، تڏهن تون پنهنجي عرش عظيم ۾ اها ٻڌي اسان جا گناهہ معاف ڪج.


تہ تون هنن جي دعا ٻڌج. هائو، دشمنن جي انهيءَ ملڪ ۾ جتي هو قيدي آهن، اتي جڏهن هنن جي دل ڦيرو کائي ۽ هو پشيمان ٿي پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنل ملڪ، تنهنجي چونڊيل شهر ۽ تنهنجي نالي جوڙايل هن گھر ڏانهن منهن ڪري منٿ ڪري چون تہ ’اسان گناهہ ڪيو آهي، اسان غلط ڪم ڪيو آهي، اسان بڇڙائي ڪئي آهي،‘


هاڻ اوهين يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي مردن ۽ عورتن کي پنهنجا ٻانها ۽ ٻانهيون بڻائڻ جي نيت رکو ٿا. پر اوهان پاڻ خداوند پنهنجي خدا جا گنهگار نہ آهيو ڇا؟


اسان جي ابن ڏاڏن نافرماني ڪئي. هنن خداوند اسان جي خدا کي ڇڏي اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خدا جي نظر ۾ برا آهن. هنن پنهنجا منهن خداوند جي گھر کان ڦيري ڇڏيا ۽ ان کي پٺي ڏنائون.


هاڻي اي منهنجا خدا! شل تون اسان جي هر اها دعا رحم ڪندي قبول ڪرين، جيڪا هن گھر ۾ گھري وڃي.


جنهن وقت عزرا خدا جي گھر اڳيان گوڏا کوڙي روئندي دعا پئي گھري ۽ گناهہ پئي باسيا، تنهن وقت هن جي چوڌاري بني اسرائيل جي مردن، عورتن ۽ ٻارن جو هڪ وڏو ميڙ گڏ ٿي ويو. اهي بہ زاروزار روئڻ لڳا.


هاڻي اوهان خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا اڳيان پنهنجا گناهہ باسيو ۽ سندس مرضيءَ مطابق هلو. ملڪ جي ٻين قومن کان ۽ ڌارين زالن کان پاڻ کي الڳ ڪريو.“


تنهنڪري تون پنهنجي هن ٻانهي جي دعا ٻڌ ۽ پنهنجي انهن ٻانهن جي دعا ڏانهن بہ ڪن ڏي، جيڪي تنهنجي نالي جي تعظيم ڪري خوش ٿيندا آهن. مهرباني ڪري هاڻي مون کي ڪامياب ڪر ۽ بادشاهہ جي دل ۾ منهنجي لاءِ رحم وجھہ.“ تن ڏينهن ۾ آءٌ بادشاهہ جو ساقي هئس.


هو قوم جي مسڪين جلاوطنن جي دعا ڏانهن ڌيان ڏيندو، ۽ سندن دعا کي حقير نہ ڄاڻيندو.


بيشڪ اسان پنهنجي ابن ڏاڏن وانگر ڏوهہ ڪيا آهن، هائو، اسان گناهہ ڪيا آهن، اسان بڇڙائي ڪئي آهي.


اي ڌڻي! تون منهنجو آواز ٻڌ، اي منهنجا رب! منهنجي منٿ واري آواز تي پنهنجو ڪن ڏي.


تڏهن مون سوچيو تہ ”آءٌ خداوند آڏو پنهنجي سڀني گناهن جو اقرار ڪندس.“ پوءِ مون تو وٽ پنهنجا گناهہ باسيا، ۽ تو کان پنهنجي ڪا بڇڙائي ڪين لڪايم. تڏهن تو منهنجي هر بڇڙائي مون کي معاف ڪري ڇڏي.


خداوند جون اکيون سچارن تي کتل رهن ٿيون، ۽ سندس ڪن انهن جي فرياد تي لڳل ٿا رهن.


آءٌ صبح، منجھند توڙي سانجھيءَ فرياد پيو ڪندس، آهون ڀريندس ۽ دانهون پيو ڪندس، ۽ هو منهنجو آواز ضرور ٻڌندو.


اي خداوند! اي منهنجا خدا! تون منهنجو بچائيندڙ آهين، ڏينهن رات آءٌ تنهنجي حضور ۾ دانهون ٿو ڪريان.


تڏهن مون کان رڙيون نڪري ويون تہ ”آہ! مون سان تہ ويل ٿي ويو، آءٌ تہ ناس ٿي ويس. آہ! آءٌ جيڪي بہ ڳالهايان ٿو سو گناهن سان ڀريل آهي، بلڪ منهنجي پوري قوم جو ڳالهائڻ ٻولهائڻ گناهہ سان ڀريل آهي. پر تنهن هوندي بہ مون پنهنجي اکين سان ابدي بادشاهہ، خداوند قادرِمطلق کي ڏٺو آهي.“


اسان جي ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا، پر اهي مري کپي ويا. هاڻ انهن جي گناهن جي سزا اسان کي ڀوڳڻي ٿي پوي.


هاڻي اي پروردگار، اسان جا خدا! تو اسان پنهنجي قوم کي زورآور هٿ سان مصر ملڪ مان ڪڍي آندو ۽ پنهنجو نالو قائم ڪيو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. پر اسان گناهہ ڪيو آهي ۽ ڏنگي هلت هليا آهيون.


مون دانيال اهو سڀ ڳالهايو پئي ۽ دعا گھري پنهنجا ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جا گناهہ قبول پئي ڪيا ۽ پنهنجي خدا جي پاڪ شهر يروشلم جي بحاليءَ واسطي، خداوند پنهنجي خدا جي حضور عرض پئي ڪيم.


سو مون پنهنجي قوم جا ڏوهہ قبول ڪندي خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪيو تہ ”اي رب، عظيم ۽ هيبتناڪ خدا! تون پنهنجي فرمانبردارن ۽ محبت رکڻ وارن سان پنهنجي عهد ۽ لافاني شفقت کي قائم رکين ٿو.


اي پروردگار! بيشڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، ڏنگي هلت هليا آهيون ۽ برائيءَ جا ڪم ڪيا اٿئون. اسان بغاوت ڪئي آهي ۽ تنهنجي قاعدن قانونن کان منهن موڙيو اٿئون.


اي خداوند! اسين، اسان جا بادشاهہ، اسان جا سردار ۽ اسان جا ابا ڏاڏا شرمسار آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


تہ پوءِ خدا پنهنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينهن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا هو انهن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟


اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي جسماني خواهشن موجب زندگي گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي جسم ۽ نفس جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار هئاسين.


اهڙي رن‌زال جيڪا سچ پچ نڌڻڪي ۽ بلڪل اڪيلي آهي، سا خدا تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينهن خدا کي منٿون ڪرڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ مشغول ٿي رهي.


جنهن خدا جي عبادت منهنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انهن وانگر صاف‌دليءَ سان انهيءَ جي عبادت ڪندي ۽ پنهنجين دعائن ۾ رات ڏينهن سدائين تو کي ياد ڪندي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان.


پر جيڪڏهن اسين پنهنجا گناهہ باسينداسين تہ خدا اسان جا گناهہ معاف ڪرڻ ۽ اسان کي سڄي بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪرڻ وارو پنهنجو واعدو پاڙيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سچو ۽ وفا ڪرڻ وارو آهي.


”سائول کي بادشاهہ بڻائي مون کي افسوس ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان ڦري ويو آهي ۽ منهنجي حڪمن جي تعميل نہ ڪئي اٿس.“ تنهن تي سموئيل اچي پريشان ٿيو ۽ سڄي رات خداوند جي آڏو ٻاڏائيندو رهيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan