Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




نحمياہ 1:3 - Muslim Sindhi Bible

3 انهن مون کي ٻڌايو تہ ”جيڪي بابل ڏانهن جلاوطن ٿيڻ کان بچي ويا هئا، سي ڏاڍي ڏک ۽ ذلت ۾ آهن. يروشلم جون ڀتيون اڃا ڀڳل آهن ۽ سندس دروازا اڃا سڙيل آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ انهن مون کي چيو تہ جيڪي انهيءَ پرڳڻي ۾ قيد ٿيڻ کان باقي بچيا آهن، سي ڏاڍي ڏک ۽ مصيبت ۾ آهن: يروشلم جي ڀت بہ ڀڄي پيئي آهي، ۽ انهيءَ جا در باهہ سان سڙي ويا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




نحمياہ 1:3
33 Iomraidhean Croise  

تہ پوءِ آءٌ بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس جيڪو مون کين ڏنو آهي، ۽ هيءَ هيڪل جنهن کي مون پنهنجي نالي تي مخصوص ڪيو آهي، تنهن کي رد ڪري ڇڏيندس. بني اسرائيل پوءِ سڀني قومن ۾ هڪڙو پهاڪو ۽ ٽوڪن‌هاب ٿي پوندا.


بابل جو سڄو لشڪر جيڪو شاهي محافظ دستي جي سالار سان گڏ هو، تنهن شهر جي چوڌاري واريون سڀ ڀتيون ڊاهي ڇڏيون.


بابلين خدا جو گھر ساڙي ڇڏيو ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڊاهي ڇڏيائون. هنن سڀني محلن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو ۽ اتي جون سڀ قيمتي شيون ناس ڪري ڇڏيائون.


بابل صوبي ۾ رهندڙ جلاوطن، جن جي وڏن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو هو، سي سڀ يروشلم شهر ۽ سڄي يهوداہ ملڪ ۾ پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۾ موٽي آيا.


شهنشاهہ سلامت کي نيڪ روشن هجي تہ اسين يهوداہ علائقي ۾ خدا تعاليٰ جي گھر ڏانهن وياسين. اتي ڏٺوسون تہ ماڻهو ان گھر کي وڏن وڏن پٿرن سان تعمير پيا ڪن ۽ سندس ڀتين ۾ ڪاٺ پئي وڌائون. انهن جي اڳواڻن جي هدايتن هيٺ ڪم وڏي سوچ ويچار ۽ تيزيءَ سان ٿيندو پيو وڃي.


ڪي ڪاهن، لاوي، هيڪل جا خدمتگار ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد ۽ ڪجھہ ٻيا بني اسرائيل پنهنجين پنهنجين ملڪيتن تي يهوداہ جي مختلف شهرن ۾ رهندا هئا. يهوداہ جا جيڪي اڳواڻ پنهنجي پنهنجي گھراڻي سميت يروشلم ۾ رهندا هئا سي هي آهن.


آءٌ رات جو شهر جي اولهہ واري ماٿريءَ جي دروازي کان نڪري ٻاهر ڏکڻ طرف ازدها واري چشمي ۽ گند واري دروازي ڏانهن ويس. اتي مون ڏٺو تہ يروشلم شهر جون ڀتيون ڀڳيون ۽ ڊٺيون پيون هيون ۽ دروازا پڻ سڙيل هئا.


پوءِ مون هنن کي ٻڌايو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ اسان جو ڪهڙو حال ٿي ويو آهي. يروشلم ويران ٿيو پيو آهي ۽ ان جا دروازا سڙيا پيا آهن. سو اچو تہ يروشلم جون ڀتيون وري تعمير ڪريون تہ جيئن اسين وڌيڪ خوار خراب نہ ٿيون.“


پر مون بادشاهہ کي چيو تہ ”بادشاهہ سلامت! منهنجو منهن ڇو نہ لٿل هجي، جڏهن تہ اهو شهر جنهن ۾ منهنجا ابا ڏاڏا دفن ٿيل آهن، سو ويران ڪيو ويو آهي ۽ ان جا دروازا ساڙيا ويا آهن؟“


بابل صوبي جا ماڻهو جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي آيا، جن جي وڏن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو هو سي سڀ يروشلم شهر ۽ سڄي يهوداہ ملڪ ۾ پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۾ موٽي آيا.


هي واقعو فارس جي بادشاهہ اخسويرس جي دور جو آهي. هي اهو اخسويرس آهي جيڪو هندستان کان وٺي سوڊان تائين هڪ سؤ ستاويهہ صوبن جو شهنشاهہ هو.


آس‌پاس جي غير قومن اڳيان اسين طعنن جو نشانو بڻيا آهيون، هائو، هو اسان جو حال ڏسي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن.


جيڪو پنهنجي طبيعت تي ضابطو نہ ٿو رکي سگھي، تنهن کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي، جيئن اهو شهر جنهن جو ڪوٽ ڀڳل ڊٺل هجي.


تنهنڪري مون مخصوص ٿيل ڪاهنن کي ناپاڪ قرار ڏنو. مون بني يعقوب تي لعنت آندي، هائو، مون بني اسرائيل کي ملامت جوڳو بڻايو.“


ڏسو، آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هاڻي آءٌ انگورن جي باغ سان ڇا ڪندس. آءٌ انهيءَ جو لوڙهو ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اهو چراگاهہ بڻجي ويندو. آءٌ انهيءَ جي ڀت ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اهو لتاڙيو ويندو.


آءٌ انهن کي اهڙو تہ برباد ڪري ڇڏيندس، جو انهن جو حال ڏسي دنيا جي سڀني قومن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن ملڪن ڏانهن آءٌ انهن کي هڪالي ڪڍندس، اتي هو ملامت، پهاڪي، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا رهندا.


آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا کي سندن پٺيان لڳائي ڇڏيندس ۽ کين ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن قومن ۾ آءٌ کين هڪالي ڇڏيندس تن سڀني ۾ هو لعنت، عبرت، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا.


بابلين عام ماڻهن جي گھرن سان گڏ بادشاهہ جي محل کي بہ باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيائون.


سو جيڪڏهن اوهين مصر ۾ وڃي رهندا، تہ پوءِ جهڙيءَ طرح منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم تي نازل ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجو غضب اوهان تي بہ نازل ٿيندو. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو ڪارڻ بڻجي پوندا. پوءِ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا. اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.‘


ڀلي تہ دشمن اچي منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان وڍي اڇلائين، پر کين صفا ناس نہ ڪن. آءٌ کين چوندس تہ ’انهن کي ٽارين وانگر ڇانگي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ اهي مون خداوند جون ناهن.‘


بابل جو سڄو لشڪر جيڪو شاهي محافظ دستي جي سالار سان گڏ هو، تنهن شهر جي چوڌاري واريون سڀ ڀتيون ڊاهي ڇڏيون.


يروشلم جي وسندي انهن ڏينهن کي ياد پيئي ڪري، جڏهن اها خوشحال هئي. پر هاڻي اها ڏکن ۾ وڪوڙجي ويئي آهي. ان جي رهاڪن تي دشمنن قبضو ڪري کين جلاوطن ڪيو آهي. هاڻي اتي ڪوبہ ڪونهي جيڪو سندس مدد ڪري، ۽ مخالف سندس برباديءَ تي ٽهڪ ڏيئي رهيا آهن.


صيئون جا دروازا بہ هيٺ ڪري ڌرتيءَ ۾ دٻجي ويا آهن، ۽ سندن تالا هڻڻ وارا گز ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا آهن. صيئون جا سڀيئي رهنمائي ڪندڙ گم ٿي ويا آهن. بادشاهہ ۽ شهر جا امير غير قومن ۾ جلاوطن ڪيا ويا آهن، شريعت جي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪوبہ ڪونهي، ۽ نبين کي خداوند جي طرفان ڪا رويا ڪا نہ ٿي ملي.


هائو، اي خداوند! جيڪي ملامتون اهي مون تي ڪن ٿا، ۽ جيڪي بڇڙائيءَ وارا منصوبا اهي منهنجي خلاف جوڙين ٿا، سي سڀ تون ڄاڻين ٿو.


اي اسان جا خداوند! اسان تي جيڪي مصيبتون آيون، تن تي تون غور ڪر. اسان تي نظر ڪري ڏس تہ ڪيئن نہ اسان کي خوار خراب ڪيو پيو وڃي.


تنهنڪري آءٌ اوهان جي شهرن کي کنڊرات بڻائي ڇڏيندس ۽ اهڙن پوڄا گھرن کي اجاڙي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پيش ڪيل وڻندڙ خوشبوءِ وارين قربانين کي سنگھندس بہ ڪين.


آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ پنهنجي تلوار ڪڍي اوهان جو پيڇو ڪندس. تڏهن اوهان جو ملڪ ويران ٿي ويندو ۽ شهر کنڊرات بڻجي ويندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan