Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




نحمياہ 1:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن منهنجي ڀائرن مان حناني نالي هڪ ڀاءُ ڪن ٻين ماڻهن سان گڏجي يهوداہ ملڪ مان آيو. مون انهن کان يروشلم ۽ انهن يهودين بابت پڇا ڪئي، جيڪي بابل ڏانهن جلاوطن ٿيڻ کان بچي ويا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 تڏهن منهنجن ڀائرن مان حناني نالي هڪڙو ماڻهو ڪن ماڻهن سان يهوداہ مان آيو؛ ۽ مون انهن کان انهن يهودين بابت پڇا ڪئي، جي بچي نڪتا هئا، يعني قيد ٿيڻ کان بچيا هئا؛ ۽ يروشلم بابت بہ پڇا ڪئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




نحمياہ 1:2
12 Iomraidhean Croise  

سديم ماٿري ڏامر جي ڌٻڻ وارين کڏن سان ڀري پيئي هئي. جڏهن سدوم ۽ عموراہ جا بادشاهہ جنگ مان ڀڳا ٿي ويا تہ وڃي انهن کڏن ۾ ڪريا، پر ٻيا ٽي بادشاهہ جبلن ڏانهن ڀڄي ويا.


هو انهن سڀني يروشلم وارن کي قيدي بڻائي وٺي ويو، جن ۾ سڀ عملدار، سالار، ڪاريگر ۽ هنرمند، جملي ڏهہ هزار ڄڻا هئا. ملڪ جا رڳو غريب ترين ماڻهو ئي يهوداہ ۾ ڇڏيا ويا.


پر انهيءَ سالار اتي جي ڪن تمام غريب ماڻهن کي ڇڏي ڏنو تہ جيئن ڀلي انگورن جي باغن ۽ ٻنين جي سنڀال ڪن.


تڏهن ڇا اسين وري تنهنجا حڪم نہ مڃينداسين؟ جيڪي قومون اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ڪن ٿيون، تن سان مٽي مائٽي ڪنداسين ڇا؟ تڏهن ڇا تون اسان تي ايترو نہ ڪاوڙبين جو اسان کي اهڙو ناس ڪري ڇڏين جو اسان مان ڪوبہ نہ ڇڏائجي سگھي ۽ نہ وري ڪو باقي بچي سگھي؟


تڏهن مون پنهنجي ڀاءُ حنانيءَ سان گڏ قلعي جي سالار حنانياہ کي پڻ يروشلم جو نگران مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ تہ حنانياہ هڪ ديانتدار ماڻهو هو ۽ گھڻن ئي ماڻهن کان وڌيڪ خداترس هو.


اوهان مان ڪوبہ نہ بچندو جيڪو مصر کان موٽي اچي يهوداہ جي ملڪ ۾ رهي، جتي رهڻ جا اوهين خواهشمند آهيو. اوهان ڀاڄوڪڙن مان ڪن ٿورڙن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ موٽندو.“


جتي اهي جلاوطن ٿي رهندا. پوءِ جڏهن هو منهنجي باري ۾ سوچيندا تہ محسوس ڪندا تہ هنن مون سان بي‌وفائي ڪندي ۽ بتن جي پوڄا ڪندي منهنجي بي‌حرمتي ڪئي آهي. تڏهن اهي پنهنجي ڪيل ڪراهت جهڙن ڪمن سبب پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳندا.


تڏهن جيڪي انهن مان ڀڄي نڪرندا، سي بچي تہ ويندا، پر ماٿريءَ جي انهن ڪبوترن وانگر هوندا، جيڪي ڊپ وچان جبلن تي نڪري ويا هجن، ۽ اتي اهي ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري پيا روئندا رڙندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan