Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مرقس 7:2 - Muslim Sindhi Bible

2 انهن ڏٺو تہ عيسيٰ جا ڪي شاگرد پنهنجا هٿ ڌوئي پاڪ ڪرڻ کان سواءِ ئي پليت هٿن سان ماني کائين ٿا پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ هنن ڏٺو هو تہ سندس ڪي شاگرد پليت، يعني اڻ ڌوتلن هٿن سان ماني ٿا کائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 انهن ڏٺو تہ يسوع جا ڪي چيلا پنهنجا هٿ ڌوئي پوِتر ڪرڻ کان سواءِ ئي اپوِتر هٿن سان روٽي کائين ٿا پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 انھن ڏٺو تہ عيسيٰ جا ڪي شاگرد پليت ھٿن يعني اڻ⁠ڌوتل ھٿن سان ماني کائين ٿا پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مرقس 7:2
12 Iomraidhean Croise  

پطرس انهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يهودين جي مذهب ۾ جائز نہ آهي تہ هو ڪنهن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر خدا مون کي صاف چيو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي پليت يا گھٽ نہ سمجھان.


آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ خداوند عيسيٰ جي وسيلي مون کي يقين آهي تہ اهڙي ڪابہ شيءِ نہ آهي جيڪا خود حرام هجي. پر جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي ڪو حرام سمجھي ٿو تہ پوءِ اها انهيءَ جي لاءِ حرام آهي.


پر مون چيو تہ ’اي سائين! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ نہ کاڌي آهي.‘


”تنهنجا شاگرد وڏن جي مذهبي ريتن رسمن کي ڇو ٿا ڀڃن؟ ماني کائڻ وقت هو پنهنجا هٿ ئي نہ ٿا ڌوئن.“


سو انهن فريسين ۽ شريعت جي عالمن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”تنهنجا شاگرد وڏن جي مذهبي ريتن رسمن موجب ڇو نہ ٿا هلن ۽ پليت هٿن سان ڇو ٿا ماني کائين؟“


فريسي هي ڏسي حيران ٿي ويو تہ کائڻ کان اڳ ۾ عيسيٰ سندن رسم موجب هٿ ڇو ڪين ڌوتا.


تڏهن غور ڪريو تہ اهو شخص ڪيڏي نہ وڏي سزا جي لائق ٿيندو، جنهن خدا جي فرزند کي پيرن هيٺ لتاڙيو، عهد جي انهيءَ رت کي ڪين جهڙو سمجھيو جنهن سان کيس مخصوص ۽ پاڪ ڪيو ويو هو ۽ فضل بخشيندڙ روح جي بي‌حرمتي ڪيائين!


انهيءَ شهر ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل ٿي نہ سگھندو. رڳو اهي داخل ٿيندا، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو گھيٽڙي جو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan