Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مرقس 4:2 - Muslim Sindhi Bible

2 عيسيٰ مثالن جي ذريعي انهن کي گھڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو. هن تعليم ڏيندي کين چيو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ هو اُنهن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون مثالن ۾ سيکارڻ لڳو، ۽ پنهنجي تعليم ڏيندي چيائين،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 يسوع مثالن جي ذريعي انهن کي گھڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو. هن سکيا ڏيندي کين چيو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 عيسيٰ انھن کي ڪيترين ئي ڳالھين سيکارڻ لاءِ مثال پئي ڏنا ۽ تعليم ڏيندي چيائين تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مرقس 4:2
15 Iomraidhean Croise  

هاڻ آءٌ هڪڙي ڏاهپ واري چوڻيءَ تي غور ڪندس، ۽ سُرندو وڄائيندي آءٌ انهيءَ جي حڪمت جو بيان ڪندس.


آءٌ پنهنجيون ڳالهيون مثالن جي صورت ۾ ڪندس، ۽ قديم زماني جا اسرار بيان ڪندس.


پوءِ شاگردن عيسيٰ جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اوهان انهن سان مثالن ۾ ڇو پئي ڳالهايو؟“


هو انهن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون مثالن سان ٻڌائڻ لڳو. هن چيو تہ ”هڪ هاري ٻج ڇٽڻ ويو.


جڏهن عيسيٰ هي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن اتي موجود سڄي خلق سندس تعليم تي حيران ٿي ويئي،


پوءِ عيسيٰ گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ جي علائقي ۾ ۽ اردن درياءَ جي اوڀر پار ويو. اتي بہ ماڻهن جا ميڙ هن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجي دستور موجب هو انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.


پوءِ عيسيٰ ڪائونسل جي انهن چڱن مڙسن سان مثالن ۾ ڳالهائڻ لڳو ۽ چيائين تہ ”ڪنهن ماڻهوءَ انگورن جو هڪ باغ لڳايو. انهيءَ جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪ حوض ٺهرايائين ۽ پهري لاءِ هڪڙو ٺُلهہ بہ ٺهرايائين. پوءِ اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.


عيسيٰ ماڻهن کي تعليم ڏيندي وڌيڪ چيو تہ ”شريعت جي عالمن کان هوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اهي چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين سلامي ٿين.


تنهن تي عيسيٰ انهن کي پاڻ وٽ گھرائي چيو تہ ”شيطان ڪيئن شيطان کي ڪڍندو؟“ پوءِ کين هي مثال ٻڌايائين تہ


هن انهن کي چيو تہ ”اوهان کي تہ خدا جي بادشاهيءَ جي ڳُجھہ جي سمجھہ ڏني ويئي آهي. پر جيڪي منهنجا پوئلڳ نہ آهن تن کي سڀ ڳالهيون مثالن سان ٻڌائجن ٿيون،


”ٻڌو، هڪڙو هاري ٻج ڇٽڻ ويو.


هوڏانهن وڏو سردار ڪاهن عيسيٰ کان سندس شاگردن ۽ تعليم بابت پڇڻ لڳو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan