Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مرقس 4:1 - Muslim Sindhi Bible

1 عيسيٰ وري گليل ڍنڍ جي ڪناري تي تعليم ڏيڻ لڳو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو هو پاڻ ڍنڍ ۾ هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ سڄي خلق ڪناري تي بيٺي رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ وري هو سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي تعليم ڏيڻ لڳو، ۽ وٽس ايترا ماڻهو اچي مڙيا جو پاڻ سمنڊ تي هڪڙيءَ ٻيڙيءَ تي چڙهي ويٺو، ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 يسوع وري گليل ڍنڍ جي ڪناري تي سکيا ڏيڻ لڳو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو هو پاڻ ڍنڍ ۾ هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ سڄي خلق ڪناري تي بيٺي رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري تي تعليم ڏيڻ لڳو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻھو اچي مڙيا جو ھو پاڻ ڍنڍ ۾ ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ويٺو ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مرقس 4:1
9 Iomraidhean Croise  

عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري سان پئي ويو تہ هن وٽ ماڻهن جو هڪ ميڙ اچي گڏ ٿيو، جن کي هو تعليم ڏيڻ لڳو.


عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏجي گليل ڍنڍ جي پاسي نڪري ويو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ سندس پٺيان آيو. انهيءَ ميڙ ۾ گليل علائقي کان علاوہ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ، ادوم، اردن درياءَ جي اوڀر طرف، صور ۽ صيدا شهرن جي آس‌پاس وارن علائقن جا ماڻهو بہ شامل هئا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ عيسيٰ عجيب وَ غريب ڪم ٿو ڪري.


جيئن تہ ماڻهن جو گھڻو ڳاهٽ هو تنهنڪري عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”منهنجي لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار رکو، متان ماڻهو مون کي ڳاهي نہ ڇڏين.“


پوءِ هنن خلق کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ جنهن ٻيڙيءَ ۾ عيسيٰ اڳي ئي ويٺل هو، تنهن ۾ چڙهي ساڻس گڏ روانا ٿيا. ٻيون ٻيڙيون بہ انهيءَ ٻيڙيءَ سان گڏ هليون.


اڃا عيسيٰ ٻيڙيءَ تان لٿو ئي مس تہ هڪڙو ڀوت ورتل ماڻهو غارن واري قبرستان مان نڪتو.


عيسيٰ جڏهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي وري ٻيءَ ڀر موٽيو تہ ڍنڍ جي ڪناري تي ماڻهن جو وڏو ميڙ ڦري آيس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan