Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مرقس 3:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن عيسيٰ سڪل هٿ واري ماڻهوءَ کي چيو تہ ”اچ، ماڻهن جي سامهون ٿي بيهہ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 هن سُڪل هٿ واري ماڻهو کي چيو تہ وچ ۾ ٿي بيهہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 تڏهن يسوع سڪل هٿ واري ماڻهوءَ کي چيو تہ ”اچ، ماڻهن جي سامهون ٿي بيهہ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 عيسيٰ سڪل ھٿ واري ماڻھوءَ کي چيو تہ ”وچ ۾ ٿي بيھہ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مرقس 3:3
12 Iomraidhean Croise  

جيستائين هو ڌرتيءَ تي انصاف قائم نہ ڪندو، تيستائين نہ هو ٿڪبو، نڪي همت هاريندو. ڏورانهن ملڪن واريون قومون بہ سندس تعليم لاءِ پيون واجھائينديون.“


جڏهن دانيال کي خبر پيئي تہ انهيءَ لکيل حڪم تي صحيح ٿي ويئي آهي، تڏهن هو پنهنجي گھر هليو آيو. سندس ماڙيءَ جي ڪمري کي يروشلم جي طرف کان کُليل جارا هئا، جتي هن هميشہ جيان ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر ويهي پنهنجي خدا جو شڪر بجا آندو ۽ کانئس دعا گھري.


اتي هڪڙو سڪل هٿ وارو ماڻهو هو. ڪي اهڙا فريسي بہ موجود هئا جيڪي چاهين پيا تہ عيسيٰ ڪو غلط ڪم ڪري تہ مٿس تهمت هڻن. سو انهن پڇيس تہ ”ڇا سبت جي ڏينهن شفا ڏيڻ جائز آهي؟“


ڪي فريسي جيڪي انهيءَ تاڙ ۾ رهندا هئا تہ عيسيٰ تي ڪا تهمت هڻن، سي غور سان ڏسڻ لڳا تہ ڇا عيسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن شفا ڏئي ٿو.


پوءِ هن ماڻهن کان پڇيو تہ ”شريعت موجب سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ جائز آهي يا بدي، حياتي بچائڻ جائز آهي يا مارڻ؟“ پر هنن ڪجھہ بہ نہ ڪڇيو.


عيسيٰ کي انهن جي نيتن جي خبر پئجي ويئي. سو هن سڪل هٿ واري ماڻهوءَ کي چيو تہ ”اُٿي ماڻهن جي سامهون ٿي بيهہ.“ هو اُٿي اتي اچي بيٺو.


ضروري آهي تہ جيستائين ڏينهن آهي تيستائين اسين انهيءَ جا ڪم ڪريون، جنهن مون کي موڪليو آهي. پر جڏهن رات ايندي تڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪم ڪري نہ سگھندو.


تہ پوءِ اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت قدم رهو. خداوند عيسيٰ جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا هلو، اهو ڄاڻيندي تہ سندس خدمت ۾ اوهان جو پورهيو اجايو نہ آهي.


اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن همت نہ هارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاهينداسين.


ان کان علاوہ منهنجي قيد هجڻ ڪري گھڻن ايمان وارن جو خداوند عيسيٰ ۾ ڀروسو ايتري قدر وڌي ويو آهي جو اهي وڌيڪ همت ۽ بي‌خوفيءَ سان مسيح بابت پيغام ٻڌائين ٿا.


هاڻ جيئن تہ مسيح هن گنهگار دنيا ۾ تڪليف سٺي، تنهنڪري اوهين بہ ساڳيو سڀاءُ اختيار ڪندي تڪليفون سهڻ لاءِ تيار رهو، ڇاڪاڻ تہ جنهن بہ مسيح جي خاطر هن گنهگار دنيا ۾ تڪليف سٺي آهي، سو گناهہ تي غالب پيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan