Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ميڪاہ 7:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جيئن تہ اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، سو اسين سندس ڪاوڙ سهندا رهنداسين، ايستائين جو هو پاڻ اچي اسان کي بچائي. هائو، نيٺ تہ هو اسان جي حق ۾ فيصلو ڏيندو، ۽ اسان کي اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻيندو. بيشڪ هن جي ئي هٿان اسين پاڻ کي بچندي ضرور ڏسنداسين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 آءٌ خداوند جي ڪاوڙ سهندس، ڇالاءِ جو مون هن جو گناهہ ڪيو آهي؛ جيسين ڪ هو منهنجي طرفان حجت ڪري، ۽ منهنجو فيصلو ڪري: هو مون کي ڪڍي سوجهري ۾ آڻيندو، آءٌ سندس راستبازي ڏسندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ميڪاہ 7:9
36 Iomraidhean Croise  

ان دوران دائود جڏهن ماڻهن کي مارڻ واري ملائڪ کي ڏٺو، تڏهن خداوند کي چيائين تہ ”ڏس، مون ئي گناهہ ڪيو آهي ۽ آءٌ ئي ڏنگي هلت هليو آهيان، پر هنن مسڪينن جو ڪهڙو قصور آهي؟ سو آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تنهنجو هٿ منهنجي ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي جي ئي خلاف ٿئي.“


مگر هو منهنجي راهہ کان واقف آهي، هو جڏهن بہ مون کي پرکيندو تہ آءٌ نج سون جيان کرو نڪرندس.


تہ پوءِ اي ايوب! هو تنهنجي دانهن ڪيئن ٻڌندو؟ جو تون چوين ٿو تہ ’منهنجو مقدمو سندس آڏو آهي، پر هو انهيءَ ڏانهن ڪو ڌيان نہ ٿو ڏئي، آءٌ انهيءَ جو انتظار ڪندو ٿو رهان.‘


تون منهنجي ڪيس جي وڪالت ڪر ۽ مون کي اچي ڇڏاءِ، تون پنهنجي ڪيل قول موجب مون کي حياتي عطا ڪر.


هو اوهان جي سچائيءَ کي روشنيءَ وانگر ظاهر ڪندو، هائو، هو اوهان جي حق تي هجڻ کي منجھند جي روشنيءَ وانگر پڌرو ڪندو.


اي خدا! تون منهنجو انصاف ڪر، نافرمانن جي ڀيٽ ۾ تون منهنجي وڪالت ڪر. هائو، ٺڳن ۽ بي‌انصافن کان تون منهنجو بچاءُ ڪر،


اي خداوند! تون پنهنجي قهر وَ غضب سان اُٿ، تون منهنجي دشمنن جي غضب آڏو اُٿي کڙو ٿيءُ. اُٿ، اي خداوند! منهنجي مدد ڪر، ۽ حڪم ڏي تہ جيئن انصاف ٿئي.


بيشڪ بي‌انصافي ختم ٿيندي ۽ انصاف سچارن جي هٿ ايندو. پوءِ سڀيئي سچيءَ دل وارا انصاف جي پيروي ڪرڻ لڳندا.


پر آءٌ پنهنجي قوم جي انڌن کي انهيءَ رستي سان وٺي هلندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي. آءٌ کين انهن واٽن تي هلائيندس جن جي کين ڪا سڌ ڪانهي. انهن جي اڳيان آءٌ اونداهيءَ کي روشني، ۽ هيٺ مٿاهينءَ جاءِ کي سنئون سڌو ڪري ڇڏيندس. انهن ڪمن جو آءٌ ساڻن واعدو ٿو ڪريان، آءٌ کين ڪڏهن بہ وساري نہ ڇڏيندس.


تون انڌن جون اکيون روشن ڪندين، ۽ انهن قيدين کي زندان مان ڪڍندين، جيڪي اونداهين ۾ قيد آهن.


آءٌ پنهنجي انهيءَ عدالت واري ڏينهن کي ويجھو ٿو آڻيان، اهو پري بلڪل نہ آهي. هاڻ پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ لاءِ منهنجي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي. آءٌ يروشلم کي بچائيندس، تڏهن بني اسرائيل وارا منهنجي عظمت جو نشان بڻبا.“


اوهان جو ڌڻي خداوند، هائو، اوهان جو خدا، جيڪو پنهنجي قوم جو بچاءُ ڪندڙ آهي، سو فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ اوهان جي هٿ مان سخت نشي وارو پيالو، يعني پنهنجي غضب وارو وڏو پيالو وٺي رهيو آهيان. هاڻي اوهين اهو وري نہ پيئندا.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين انصاف کي قائم رکو، ۽ سچائيءَ تي عمل ڪندا رهو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ جلد ئي اوهان کي ڇڏائڻ لاءِ اچي رهيو آهيان، اوهان کي ڇڏائڻ مان منهنجي سچائي ظاهر ٿيندي.


يروشلم جا رهاڪو دانهون ڪري چون ٿا تہ ”هاءِ! اسان جي خستہ‌حالي! اسان جا زخم لاعلاج آهن! اسان تہ سمجھي ورتو آهي تہ اها مصيبت برداشت ڪرڻ کان سواءِ اسان کي ٻيو ڪوبہ رستو ڪونهي.


منهنجي قوم مون کي پڪاري چوي ٿي تہ ’جيتوڻيڪ اسان جا گناهہ اسان تي شاهدي ٿا ڏين، تہ بہ اي خداوند! پنهنجي نالي خاطر ڪجھہ ڪر. بيشڪ اسان جون نافرمانيون وڌي ويون آهن، ۽ اسين تنهنجا گنهگار آهيون.


سو اي بني اسرائيل وارؤ! ائين ڪرڻ سان خداوند اسان کي بي‌ڏوهي ثابت ڪيو آهي، تنهنڪري اچو تہ هلون ۽ هلي يروشلم ۾ ٻڌايون تہ خداوند اسان جي خدا ڇا ڪيو آهي.


تنهن هوندي بہ خداوند عادل آهي. مون ئي سندس حڪمن جي نافرماني ڪئي هئي، جنهن جي مون کي سزا ملي رهي آهي. هاڻي اي دنيا جا سڀيئي رهاڪؤ! منهنجي ٻڌو ۽ منهنجي مصيبتن تي غور ڪريو. منهنجيون ڪنواريون ڇوڪريون توڙي جوان مرد قيد ڪري جلاوطن ڪيا ويا آهن.


تنهن جي ئي ڪري آءٌ بہ سندن خلاف هليس ۽ کين سندن دشمنن جي ملڪ ۾ آندو اٿم، تنهن لاءِ جڏهن هنن جون نافرمان دليون پشيمان ٿينديون ۽ هو پنهنجي بدڪاريءَ جي سزا قبول ڪندا،


اي بني اسرائيل! تنهن کان پوءِ اوهين سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ سچار ۽ بدڪار جي وچ ۾ ۽ مون خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ نہ ڪندڙ جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي.“


تنهنڪري خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن خدا جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي تعريف ڪئي ويندي.


هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، خداوند عيسيٰ، جيڪو عادل جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن.


مون هي بہ ٻڌو تہ ”اي آسمان! انهيءَ شهر تي خوشيون ڪر، اي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلؤ! اي عيسيٰ بابت خوشخبري ۽ خدا جو پيغام ٻڌائيندڙؤ! اوهين انهيءَ شهر تي خوشيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا عدالت ڪري هن کان اوهان جو بدلو وٺي ٿو.“


سو شل خداوند ئي منصف ٿئي ۽ منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري. شل هو انهيءَ ڳالهہ کي ڏسي مون کي بي‌ڏوهي قرار ڏئي ۽ اوهان جي هٿان ڇڏائي.“


جڏهن دائود ٻڌو تہ نابال مري ويو آهي تڏهن چوڻ لڳو تہ ”واکاڻ هجي انهيءَ خداوند جي، جنهن نابال کان منهنجي بي‌عزتيءَ جو بدلو ورتو ۽ پنهنجي ٻانهي کي بديءَ کان بچايو. اٽلندو نابال جي شرارت سندس ئي گردن ۾ وڌائين.“ پوءِ دائود ابيجيل ڏانهن ساڻس شادي ڪرڻ جو پيغام موڪليو.


دائود وڌيڪ چيس تہ ”خداوند جيئري جو قسم آهي تہ خداوند پاڻ ئي انهيءَ کي ماريندو. هي پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪري پاڻمرادو مري ويندو، يا جنگ ۾ ماريو ويندو.


تڏهن سموئيل هن کي سڀ ڪجھہ ٻڌايو ۽ کانئس ڪجھہ بہ نہ لڪايائين. تنهن تي عيليءَ چيو تہ ”هو خداوند آهي ۽ جيڪي هن جي نظر ۾ چڱو لڳي سو هو ڀلي ڪري.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan