Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ميڪاہ 7:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اي اسان جا دشمنؤ! اسان جي مشڪلاتن تي خوشيون نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اسين ڪري پيا آهيون، تڏهن بہ خدا اسان کي وري اٿاري کڙو ڪندو. ڀلي کڻي هن وقت اسين اونداهيءَ ۾ آهيون، پر خداوند اسان کي روشني عطا ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 اي منهنجا دشمن تون مون تي خوشي نہ ڪر؛ جڏهن آءٌ ڪِرندس تڏهن آءٌ اُٿندس؛ جڏهن آءٌ اونداهي ۾ ويهندس تڏهن خداوند منهنجي لاءِ روشنائي ٿيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ميڪاہ 7:8
46 Iomraidhean Croise  

ڇا آءٌ پنهنجي دشمن جي ناس ٿيڻ تي خوش ٿيو آهيان؟ يا جڏهن مٿس ڪا آفت آئي تہ ڇا مون کي ڪا خوشي ٿي؟


اهي ماڻهو بيحد مهربان، رحمدل ۽ نيڪ آهن، بلڪ سچارن لاءِ هو اونداهيءَ ۾ روشنيءَ مثل آهن.


دشمن مون کي ڏاڍو ستايو آهي، بلڪ منهنجي قوت کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿائين. جيڪي گھڻي مدت کان مري ويا آهن، تن وانگر هن مون کي اونداهيءَ ۾ بند رکيو آهي.


خداوند منهنجي روشني ۽ منهنجو بچاءُ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن کان ڊڄان؟ خداوند منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن جو ڊپ رکان؟


اي خداوند! جيڪي ناحق منهنجا دشمن بڻيا آهن، تن کي تون مون تي خوش ٿيڻ نہ ڏي، جيڪي مون سان بي‌سبب نفرت ڪن ٿا، تن کي مون تي کل ٺٺوليون ڪرڻ نہ ڏي.


بدڪار ماڻهو قرض وٺي واپس ڪين ٿا ڪن، جڏهن تہ سچار ماڻهو فراخ دليءَ سان سخاوت ڪندا ٿا رهن.


توڙي جو اهو ماڻهو ٿاٻڙجي بہ پوي، تڏهن بہ اهو ڪرندو ڪونہ، ڇاڪاڻ تہ خداوند انهيءَ کي هٿ ڏيئي سنڀالي ٿو وٺي.


منهنجو عرض آهي تہ ”شل ائين نہ ٿئي جو دشمن مون تي خوشيون ملهائين، ۽ جڏهن منهنجو پير ترڪي پئي تڏهن هو پاڻ کي پڏائين.“


انهيءَ سبب جو تون خداوند خدا ئي اسان جي رهنمائي ڪندڙ ۽ محافظ آهين. تون ئي اسان کي فضل ۽ عظمت بخشين ٿو. بيشڪ جيڪي سچائيءَ جي راهہ تي هلن ٿا، تن کان تون ڪابہ چڱي شيءِ نہ ٿو روڪين.


سچار ماڻهن جي مٿان خدا جو نور نازل ٿئي ٿو، هائو، سچيءَ دل وارن کي خوشيون عطا ٿين ٿيون.


اي يعقوب جو اولاد! اچو تہ اسين خداوند جي ڏنل روشن تعليم مطابق زندگي گذاريون.


آءٌ قيدين کي چوندس تہ ’هاڻي اوهين آزاد آهيو،‘ ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن تن کي چوندس تہ ’ٻاهر نڪري روشنيءَ ۾ اچو.‘ اهي اهڙين رڍن وانگر ٿيندا، جيڪي رستي ۾ هر هنڌ چرنديون وتنديون آهن، ۽ سڀيئي ٽڪريون انهن لاءِ چراگاهون هونديون.


اي اوهين سڀ! جيڪي خداوند جو خوف ٿا رکو، ۽ سندس ٻانهي جو حڪم ٿا مڃو، جيتوڻيڪ اوهين روشنيءَ جي بجاءِ اونداهيءَ ۾ ٿا هلو، تڏهن بہ خداوند پنهنجي خدا تي پوري توڪل رکو.


بيشڪ جيڪا قوم مصيبت جي اونداهيءَ ۾ ٿي هلي، سا خوشحاليءَ جي وڏي روشنائي ڏسندي. هائو، اها روشنائي انهن سڀني تي چمڪندي، جيڪي موت جي پاڇي واري هنڌ رهن ٿا.


اي موآب وارؤ! ڇا خداوند جي قوم اوهان جي لاءِ کل ٺٺوليءَ جو باعث ڪين هئي؟ انهيءَ قوم کي چورن سان گڏ ڏٺو ويو هو ڇا، جو اوهين جيترا ڀيرا هن جو ذڪر ٿا ڪريو اوترا ڀيرا اوهين منهن کي موڙو ٿا ڏيو؟


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا رهاڪؤ! اوهين ڏاڍا سرها ۽ خوش ٿا ٿيو، اي منهنجي قوم کي لٽڻ وارؤ! اوهين اَنُ لتاڙيندڙ گابن وانگر ٽپا ٿا ڏيو. اوهين متل گھوڙن وانگر هڻڪار ٿا ڪريو.


خداوند مون کي پنهنجي قوم لاءِ هي پيغام ڏنو تہ ”جيڪڏهن ڪو ڪري پوندو آهي تہ اهو وري اٿندو ناهي ڇا؟ جيڪڏهن ڪو پنهنجو رستو وڃائي ويهندو آهي تہ هو وري ان تي موٽندو ناهي ڇا؟


اوهان بني اسرائيل سان ايتري تہ سخت نفرت ڏيکاري آهي جو انهن جي ملڪ جي برباديءَ تي تاڙيون وڄائي خوشيءَ مان ٽپا ڏنا اٿوَ ۽ دل وَ جان سان جشن ملهايا اٿوَ.


اوهان تہ بني اسرائيل جي ميراث واري ملڪ جي برباد ٿيڻ تي خوشيون ملهايون هيون. پر هاڻي اي ادوم وارؤ! انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کان بدلو وٺندس ۽ اوهان جي سعير جبلن بلڪ سڄي ادوم ملڪ کي بلڪل ئي ويران ڪري ڇڏيندس. تڏهن بني اسرائيل ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


سو آءٌ انهن غير قومن، خاص طور سڄي ادوم ملڪ جي خلاف پنهنجي سخت غيرت وچان ڳالهايان ٿو. هنن پنهنجي اندر جي نفرت ۽ حسد وچان خوش ٿي ڪري منهنجي سرزمين کي پنهنجي ملڪيت بڻائي ڇڏيو آهي، ڄڻ تہ اهو هنن لاءِ لٽ جو مال آهي.‘


خداوند ٿو فرمائي تہ ”هڪڙو ڏينهن ايندو جڏهن آءٌ دائود جي بادشاهت جيڪا هڪ ڪري پيل تنبوءَ مثل آهي، تنهن کي وري کڙو ڪندس، انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ ڳري ويل هنڌن جي مرمت ڪندس. آءٌ انهيءَ کي وري اهڙو ئي بڻائيندس جهڙو اڳ ٺهيل هو.


اوهان کي ائين نہ ڪرڻ گھربو هو جو اوهان انهيءَ ڏينهن پنهنجي بني اسرائيل وارن ڀائرن کي مصيبت ۾ ڏسي بيٺي کڳيون هيون. انهن جي تباهيءَ واري ڏينهن تي اوهان کي خوش ٿي ائين کڳيون هڻڻ نہ کپندو هو.


تون ڀلي هڪ ويم واري عورت وانگر تڙپندي لڇندي رڙيون ڪر، ڇاڪاڻ تہ هاڻي تنهنجا رهاڪو تو کي ڇڏي کُليل ميدان ۾ وڃي رهڻ وارا آهن، بلڪ هو بابل ملڪ ڏانهن جلاوطن ٿيڻ وارا آهن. پر تنهن هوندي بہ اتي خداوند اچي انهن کي بچائيندو. هائو، اهو انهن کي سندن دشمنن جي هٿان ڇڏائيندو.


تڏهن اي اسان جا دشمنؤ! اوهين اهو ڏسندا ۽ خوار خراب ٿيندا. هائو، اوهين اسان کي اهو طعنو هڻي چوندا آهيو تہ ”خداوند اوهان جو خدا ڪٿي آهي؟“ سو هاڻ اسين اوهان کي گھٽين جي ڌوڙ ۾ لتاڙبو ڏسنداسين.


پوءِ آءٌ خداوند يروشلم جي رهاڪن جي بہ حفاظت ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ انهن مان ضعيف ترين ماڻهو بہ دائود وانگر طاقتور ٿين ۽ دائود جو گھراڻو وڏيءَ عظمت وارو ٿئي، ايتري قدر جو اهي منهنجي قوم جي اهڙيءَ طرح اڳواڻي ڪن جو ڄڻ تہ آءٌ خداوند پنهنجي فرشتي جي وسيلي سندن اڳواڻي ٿو ڪريان.


پر اوهين جيڪي منهنجو خوف ٿا رکو تن جي لاءِ ان ڏينهن منهنجو بچائڻ سج جي روشنيءَ وانگر هوندو، جنهن جو نتيجو چڱائي ۽ ڀلائي هوندو. اوهين انهيءَ ڏينهن تي ائين نچندا ٽپندا جيئن وٿاڻن مان گابا ڇٽي نڪرڻ مهل نچندا ٽپندا آهن.


اتي جا ماڻهو جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺل هئا، تن هڪڙي وڏي روشني ڏٺي. هائو، اهي جيڪي موت واري اونداهي ملڪ ۾ ويٺا هئا، تن تي روشني ظاهر ٿي.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين روئندا رڙندا، جڏهن تہ دنيا خوش ٿيندي. اوهين غمگين تہ ٿيندا پر اوهان جو غم خوشيءَ ۾ بدلجي ويندو.


ٻئي دفعي عيسيٰ فريسين سان ڳالهائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آهيان. جيڪو بہ منهنجي پيروي ڪندو، تنهن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏهن بہ اونداهيءَ ۾ نہ گھمندو.“


تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي ايمان آڻين ۽ گناهن جي معافي ملين ۽ هو خدا جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


اسين تبليغ انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن خدا فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس عظمت کي ڄاتو وڃي جيڪا عيسيٰ مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.


ستايا وڃون ٿا پر اڪيلا نہ ٿا ڇڏيا وڃون، ڪيرايا تہ وڃون ٿا پر ناس نہ ٿا ٿيون.


انهيءَ شهر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ خدا جو جلوو ان کي روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽڙو ان جو ڏيئو آهي.


اتي وري ڪڏهن بہ رات نہ ٿيندي، تنهنڪري انهن کي ڏيئي يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت نہ پوندي، ڇاڪاڻ تہ خداوند خدا انهن کي روشن ڪندو ۽ اهي هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan