ميڪاہ 7:6 - Muslim Sindhi Bible6 هنن ڏينهن ۾ پٽ پنهنجي پيءُ جي بيعزتي ٿو ڪري، ڌيءَ پنهنجي ماءُ سان ۽ ننهن پنهنجي سس سان وڙهڻ لاءِ تيار بيٺي آهي. مطلب تہ ماڻهوءَ جا دشمن خود سندس گھر جا ئي ڀاتي آهن. Faic an caibideilSindhi Bible6 ڇالاءِ جو پٽ پيءُ جي بي عزتي ٿو ڪري؛ ڌيءَ پنهنجي ماءُ سان وڙهڻ لاءِ سنبري ٿي اچي؛ نهن پنهنجي سس سان؛ ماڻهوءَ جا دشمن خود سندس گهر وارا آهن. Faic an caibideil |
آءٌ ٻڌان ٿو تہ هر ڪو اها سُس پُس پيو ڪري تہ ”يرمياہ هر ڪنهن کي خوف ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، سو هي موقعو آهي تہ اسين سندس خلاف ڪا شڪايت ڪريون.“ جن کي مون پنهنجو دوست ٿي سمجھيو سي بہ منهنجي ٺوڪر کائي ڪرڻ جا منتظر آهن، بلڪ هو سازش ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ ”ڀل تہ هي ٺڳجي وڃي، پوءِ اسين مٿس غالب اينداسين ۽ هن کان پنهنجو بدلو وٺنداسين.“
اوهان جا سڀيئي اتحادي اوهان کي دوکو ڏيندا. اهي اوهان کي اوهان جي وطن مان ڀڄائي ڪڍندا. جيڪي ماڻهو اوهان جا خيرخواهہ آهن، سي دوکي سان اوهان تي غالب ٿي ويندا. هائو، اوهان جا سٺا سٺا دوست جيڪي روزانو اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا، سي ئي اوهان سان ٺڳي ڪندا. پوءِ اهڙيءَ طرح اوهان جي سمجھہ اوهان کان موڪلائي ويندي.