Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ميڪاہ 7:4 - Muslim Sindhi Bible

4 بلڪ جيڪي بہ انهن مان نيڪ ۽ سچا سمجھيا وڃن ٿا، سي بہ ڪنڊي ڪانڊيري جي ٻوٽي مثل خراب آهن. انهيءَ ڪري اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي جڏهن خدا انهن کي سزا ڏيندو، جنهن بابت سندن نگهبانن يعني نبين جي معرفت خدا کين اڳ ۾ ئي آگاهہ ڪري ڇڏيو هو. سزا واري ڏينهن انهن کي حيراني وَ پريشاني وٺي ويندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 انهن مان جيڪو تمام چڱو آهي سو ڪانڊيري جهڙو آهي ۽ جيڪو تمام سچو آهي سو ڪنڊن جي لوڙهي کان بہ خراب آهي: تنهنجي پهري وارن جو ڏينهن يعني تنهنجي سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي: هاڻي هنن ۾ حيراني پريشاني پوندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ميڪاہ 7:4
16 Iomraidhean Croise  

سو اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين پنهنجي سزا واري ڏينهن ڇا ڪندا؟ هائو، جڏهن ڪنهن ڏورانهين ملڪ جو لشڪر اچي اوهان تي ڪڙڪندو، تڏهن اوهين ڪيڏانهن ڀڄي سگھندا؟ اوهين پنهنجو شان وَ شوڪت ڪيئن بچائي رکندا؟


خداوند، قادرِمطلق خدا هي وقت رويا واري واديءَ جي لاءِ جنگ جي شور، دهشت ۽ هراس واسطي چونڊيو آهي. يروشلم شهر جون ديوارون ڀڃي ڪيرايون ويون آهن. پهاڙن ۾ مدد جي پڪارن جو پڙاڏو پيو گونجي.


پوءِ جتي هاڻي ڪنڊيون اڀريل آهن، اتي صنوبر جا وڻ ڦٽندا، ۽ ڪانڊيرن جي جاءِ تي مُر جا وڻ نڪري ايندا. اهي وڻ مون خداوند جي پاران هڪڙي اهڙي نشانيءَ طور قائم ٿيندا، جيڪا ڪڏهن بہ فنا نہ ٿيندي.“


اهي مورتيون باطل ۽ ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن، جڏهن انهن جي سزا جو وقت ايندو تڏهن اُهي ناس ٿي وينديون.


هنن مان ڪوبہ ڪونہ بچندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سزا واري مقرر ڪيل وقت تي عنتوت وارن مٿان آفت نازل ڪندس.“


مصر جا ڀاڙي ڪيل سپاهي بہ پليل گابن وانگر آهن، سي بہ پٺ ڏيئي ڀڄي وڃن ٿا. اهي ميدان ۾ بيهي نہ ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ سندن مصيبتن جو ڏينهن مٿن اچي بيٺو آهي، يعني سندن سزا جو وقت.


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هو بلڪل شرمندا ڪونہ آهن. کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اي آدمزاد! تون انهن کان نہ ڊڄ، نڪي سندن ڳالهين کان ڪو خوف ڪر. جيتوڻيڪ اهي تنهنجي چوڌاري ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن وانگر آهن جو ڄڻ تہ تون وڇُن جي وچ ۾ آهين، تہ بہ تون انهن باغين جي ڳالهين کان نہ ڊڄ، نڪي انهن جي چهرن کان ڪو خوف کاءُ.


خداوند فرمايو تہ ”جڏهن اهي اڳڪٿيون پوريون ٿينديون، تڏهن هي قومون جيڪي بني اسرائيل جي آس‌پاس آهن ۽ جيڪي کانئن حقارت ٿا ڪن، سي وري ڪڏهن بہ بني اسرائيل لاءِ چڀندڙ ڪنڊو يا ايذائيندڙ ڪانڊيرو ڪونہ رهنديون. پوءِ هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ خداوند خدا آءٌ ئي آهيان.“


خداوند پڇيو تہ ”اي عاموس! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ پڪل ميون سان ڀريل هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان.“ تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم جو پڪل ميوي جيان پٽڻ جو وقت اچي پهتو آهي. هاڻي آءٌ کين سزا ڏيڻ کان بلڪل باز نہ ايندس.“


جيتوڻيڪ اوهين ڪنڊن وانگر ڳتيل ۽ ڳنڍيل آهيو، ۽ مئي پيئندڙن وانگر مدهوش آهيو، تڏهن بہ اوهين سڪل بُهہ وانگر سڙي ناس ٿي ويندا.


”پوءِ ڪو وقت ايندو جو سج، چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاهر ٿيندا ۽ ڌرتيءَ تي قومن ۾ سمنڊ جي ڇولين جي وڏي شور ڪري خوف ۽ هراس ڇانئجي ويندو.


پر جيڪا زمين ڪَنڊا ۽ ڪانڊيرا ٿي اُپائي، سا ڪنهن ڪم جي ناهي. انهيءَ تي جلد ئي لعنت اچي پوي ٿي ۽ آخرڪار انهيءَ تي باهہ لڳائي وڃي ٿي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan