ميڪاہ 7:3 - Muslim Sindhi Bible3 هنن جا هٿ بڇڙائي ڪرڻ ۾ مهارت ٿا رکن، عملدار توڙي قاضي رشوت گھري ٿا وٺن، ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن جون دليون حرص مان نہ ٿيون ڀرجن. انهيءَ کان علاوہ اهي سڀ گڏجي سازشون بہ ڪن ٿا. Faic an caibideilSindhi Bible3 هنن جا هٿ خراب ڪم ڪرڻ لاءِ چالاڪ آهن؛ حاڪم گهري ٿو وٺي ۽ قاضي رشوت وٺڻ لاءِ تيار آهي: ۽ جيڪو وڏو ماڻهو آهي سو پنهنجي روح جي خرابي ظاهر ٿو ڪري: ۽ انهي طرح هو بڇڙائيءَ لاءِ ٻڌي ٿا ڪن. Faic an caibideil |
تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”يهوداہ وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل جو گناهہ تمام وڏو آهي. هنن پنهنجي ملڪ کي خونن سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ يروشلم شهر کي تہ هنن بيانصافي ۽ ظلم جو ڳڙهہ بڻائي ڇڏيو آهي. هو سمجھن ٿا تہ آءٌ خداوند سندن ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهيان، ۽ اهو بہ سمجھن ٿا تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن جي مون کي خبر نہ ٿي پوي.