Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ميڪاہ 7:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ساڳيءَ طرح هن ملڪ ۾ ڪو نيڪ ماڻهو نظر ئي نہ ٿو اچي. هائو، ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونہ آهي. هر ڪو ماڻهو ٻئي جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙ ۾ ويٺو آهي، ۽ پنهنجي هم‌وطنن کي شڪار ڪرڻ لاءِ هر ڪو ڄار وڇايو ويٺو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ديندار ماڻهو زمين مان مارجي نڪري ويو آهي، ۽ ماڻهن ۾ ڪوبہ سچو ڪونهي؛ هو سڀ خون جي لاءِ لڪي ويٺا آهن؛ هنن مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي شڪار ڪرڻ لاءِ ڄار ٿو وجهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ميڪاہ 7:2
29 Iomraidhean Croise  

جيئن ببر شينهن ڪنهن آڙ ۾ ڇَپُ هڻي ويهي ٿو، تيئن ئي هو پنهنجي ڳجھيءَ جاءِ ۾ لڪي ويهن ٿا. هائو، هو غريبن کي پڪڙڻ خاطر تاڙ ۾ ويهن ٿا. هو مسڪينن کي پنهنجيءَ ڄار ۾ ڦاسائي سوگھو ڪن ٿا.


اي خداوند! اسان جي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ ڪو نيڪ ماڻهو نہ رهيو آهي. هائو، بني آدم مان ايماندار بلڪل گم ٿي ويا آهن.


هر ڪو ٻئي سان ڪوڙيون ڳالهيون پيو ڪري. اهي منهن جا مٺڙا ٿي پر دل ۾ دغا رکي ڳالهائين ٿا.


منهنجي دشمنن مون کي ڦاسائڻ جي لاءِ ڄار پکيڙيو آهي، جنهن ڪري مون کي بي‌وس ڪري ڇڏيو اٿائون. پر جيڪا کڏ هنن منهنجي راهہ ۾ کوٽي آهي، تنهن ۾ هو پاڻ وڃي ڪريا آهن.


”اسان سان گڏ هلو تہ ڪنهن جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙي ويهون، يا لڪي ويهي بي‌گناهہ ماڻهن کي ناحق ڦاسائڻ لاءِ ڦندو اڏيون.


بدڪارن جون ڳالهيون ڦندي ۾ ڦاسائڻ مثل آهن، مگر سچارن جون ڳالهيون ڇڏائڻ جو وسيلو ٿيون بڻجن.


هر ڪو هڪٻئي تي ظلم ڪندو. ٻار وڏي عمر وارن جي عزت نہ ڪندا، ۽ ڪميڻا ماڻهو شريفن سان گستاخي ڪندا.


سچار ماڻهو ماريا ٿا وڃن، ۽ ڪوبہ انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ نہ ٿو آڻي. نيڪ ماڻهو هن دنيا مان ختم ٿيندا ٿا وڃن، ۽ ڪوبہ انهيءَ بابت نہ ٿو سوچي. هائو، هِت سچار ماڻهو قيد ٿيو وڃن، جڏهن تہ بڇڙا ماڻهو ڇٽيو وڃن.


اوهان جا قدم هميشہ برائيءَ ڏانهن ڊوڙن ٿا. اوهين بي‌گناهہ جو رت وهائڻ ۾ ڪا دير نہ ٿا ڪريو. اوهان جا خيال بدڪاريءَ وارا خيال آهن، ۽ اوهين تباهي ۽ بربادي ڦهلائيندا ٿا وتو.


سو اهو قادرِمطلق خداوند جو قهر ئي آهي، جيڪو ماڻهن جي بدڪاريءَ جي ڪري ملڪ کي ساڙي ڇڏي ٿو، ۽ انهيءَ جا رهاڪو باهہ جو ٻارڻ بڻجي وڃن ٿا، ايتري قدر جو سڀ ماڻهو هڪٻئي جي خلاف ٿي وڃن ٿا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر هاڻ آءٌ گھڻن ئي لشڪرن کي اوهان تي چاڙهي موڪليندس، جيڪي اوهان کي هر هڪ جبل تان، هر هڪ ٽڪريءَ تان ۽ ٽڪرن جي چُرن مان ائين ڦاسائي وٺندا جيئن مڇي ڦاسائبي آهي، يا جيئن ڪو شڪاري شڪار ڪري وٺندو آهي.


هنن جا سڀ جوڌا جوان اهڙا آهن، جن جي تيرن ۾ موت ئي موت آهي.


بيشڪ، منهنجي قوم ۾ شرير ماڻهو بہ موجود آهن، جيڪي پکين کي ڦاسائيندڙن وانگر لڪا ويٺا آهن. هائو، اهي دوکيبازيءَ سان ماڻهن کي ڦندي ۾ ڦاسائيندا آهن.


مون ڌيان سان ٻڌو آهي، پر اوهان مان ڪوبہ سچ نہ ٿو ڳالهائي. ڪوبہ ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز نہ ٿو اچي ۽ ائين نہ ٿو چوي تہ ’هاءِ! هي مون ڇا ڪيو؟‘ بلڪ هر ڪو پنهنجي بڇڙائيءَ واري واٽ وٺيو پيو ٿو هلي، جيئن ڪو گھوڙو جنگ ۾ ڊوڙندو ئي رهندو آهي.


دشمن اسان جي پٺيان لڳا ٿي وتيا، سو اسين گھٽين ۾ بہ گھمي ڦري نہ ٿي سگھياسين. اسان جا ڏينهن اچي پورا ٿيا هئا، هائو، اسان جي پڇاڙي اچي پهتي هئي.


تو منجھہ رشوت وٺي ماڻهن جو خون وهايو وڃي ٿو ۽ وڏو وياج ۽ ناجائز منافعو ورتو وڃي ٿو. لالچ وچان ظلم زبردستيءَ سان پنهنجي پاڙيسرين کي لٽيو ڦريو وڃي ٿو. مطلب تہ منهنجي حڪمن جي انحرافي ڪندي تنهنجي رهاڪن مون خداوند خدا کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي.


سو آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ويل آهي انهيءَ خوني شهر يروشلم لاءِ! يعني گندگي لڳل انهيءَ ديڳڙي لاءِ، جنهن مان گندگي لاٿي ئي نہ ويئي آهي. سو گوشت جا سڀيئي ٽڪرا ديڳڙي مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪر، ۽ ڪنهن بہ هڪڙي ٽڪر کي خاص سمجھي پوئتي نہ بچاءِ.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي ڪاهنؤ! ٻڌو، اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين ڌيان ڏيو. اي شاهي گھراڻي وارؤ! اوهين ڪن ڏيو، اوهين جيڪي ٻين جي خلاف فتويٰ جاري ڪريو ٿا، هاڻي اوهان جي خلاف فتويٰ جاري ٿي چڪي آهي. اوهين مصفاہ ۾ ڦندو وجھي، تبور جبل تي ڄار پکيڙي،


اوهان جي ڪاهنن جي جماعت لٽيرن جي انهن ٽولن وانگر آهي، جيڪي ماڻهن جي تاڙ ۾ رستن تي لڪي ٿا ويهن. بلڪ اهي مقدس شهر سڪم ڏانهن ويندڙن کي بہ رستي ۾ قتل ٿا ڪن. بيشڪ هنن جا ڪم تمام بڇڙا آهن.


پر خداوند انهن بني اسرائيل جي اميرن کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين لهڻيدار منهنجي قوم جي غريبن تي دشمن وانگر حملو ٿا ڪريو. جڏهن جنگ تان موٽندڙ سپاهي اهو سوچيندي پنهنجي گھر اچن ٿا تہ اتي هو امن ۽ سلامتيءَ سان هوندا، تڏهن اوهين سندن تاڙ ۾ آهيو تہ قرض ۾ انهن جا ڪپڙا بہ لاهي وٺو.


اوهين خداوند جي شهر يروشلم کي تہ اڏايو ٿا پر انهيءَ اڏاوت ۾ خونريزي ۽ ناانصافي شامل آهي.


پر اوهين تہ نيڪيءَ کي ڌڪاريو ٿا، ۽ بڇڙائيءَ کي پسند ٿا ڪريو. جيئن ڪاسائي ڪٺل ڍور جي کل لاهي انهيءَ جي هڏين تان ماس رهڙي ٿو وٺي ۽ هڏا ڀڃي ٿو ڇڏي، ۽ پوءِ گوشت کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ديڳ ۾ رنڌڻ لاءِ ٿو وجھي، تيئن ئي اوهين منهنجي قوم وارن سان سلوڪ ٿا ڪريو. ڄڻ تہ اوهين انهن جو ماس کائي کائي چٽ ٿا ڪريو.


اي زڪرياہ! مون انهيءَ ڪري تو کي اهو ڌڻ چارڻ لاءِ چيو جو آءٌ خداوند هن ملڪ جي سڀني ماڻهن تي انهيءَ ڪسڻ واري ڌڻ وانگر ڪوبہ رحم نہ ڪندس. ڏس، آءٌ هر ڪنهن کي سندس هم‌قوم حڪمران جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪو انهن تي ظلم ڪندو. آءٌ انهن کي سندس هٿان نہ ڇڏائيندس.“


پوءِ يهودي بہ انهن الزامن هڻڻ ۾ وڪيل سان شامل ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”اهي ڳالهيون برابر ائين ئي آهن.“


سو اي منهنجا پيءُ! ڏسو، هائو ڏسو، تہ توهان جي جبي جو دامن منهنجي هٿ ۾ آهي. جيئن تہ مون رڳو اوهان جي جبي جو دامن ڪپيو، پر توهان کي قتل نہ ڪيم. انهيءَ ڳالهہ مان ڄاڻو ۽ ڏسو تہ منهنجي دل ۾ ڪا بدي يا بغاوت ڪانهي ۽ نہ وري مون اوهان جو ڪو گناهہ ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ توهين منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيا آهيو.


سو هاڻي ائين نہ ٿئي تہ منهنجو رت خداوند جي حضور کان پري زمين تي وهايو وڃي. ڇو بني اسرائيل جو بادشاهہ مون جيتامڙي کي مارڻ لاءِ ائين نڪتو آهي، جيئن ڪو ماڻهو جبلن ۾ تترن جي شڪار لاءِ نڪرندو آهي؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan