Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ميڪاہ 7:1 - Muslim Sindhi Bible

1 حيف آهي منهنجي حال تي! ڇاڪاڻ تہ آءٌ ميڪاہ اهڙي بکايل وانگر آهيان، جيڪو گرميءَ جا ميوا پٽجي وڃڻ، يا انگور چونڊجي وڃڻ کان پوءِ انهن ميون جو بکايل رهي ٿو. هائو، هن جي کائڻ لاءِ نہ ڪو انگورن جو ڇڳو بچيو آهي، ۽ نہ ئي پهريان پڪل دل کي وڻندڙ انجير ئي آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 مون تي افسوس! ڇالاءِ جو منهنجو حال اهڙو آهي جهڙو گرميءَ جي ميوي گڏ ڪرڻ کانپوءِ ٿيندو آهي: ڪوبہ ڇڳو کائڻ لاءِ ڪونهي؛ منهنجي روح کي پهرئين پڪل انجير جي خواهش آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ميڪاہ 7:1
14 Iomraidhean Croise  

افسوس! آءٌ انهن دغابازن منجھہ اهڙي بدتر زندگي پيو گذاريان، جيئن ڪو مسڪ ۽ قيدار وارن ۾ بدتر پيو گذاري.


هر ڪو ماڻهو پاڻ کي سچار ۽ ايماندار پيو چوائي، پر جيڪي سچ پچ ايماندار آهن، تن کي ڳولڻ ڏکيو ڪم آهي.


پر جيڪڏهن ان ۾ ڪي ماڻهو بچي بہ ويا تہ اهي ايترا تہ ٿورا هوندا، جيئن ڪنهن ڌوڻو ڏنل زيتون جي وڻ ۾ ڪي ٿورا زيتون وڃي بچندا آهن، ٻہ ٽي داڻا مٿاهين ٽارين ۾، ۽ هيٺاهين ڦلدار ٽارين ۾ رڳو چار پنج داڻا بس. اهو مون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.“


بيشڪ ڌرتيءَ تي رهندڙ قومن جو اهڙو حال ٿيندو، جهڙو ميوو ڇاڻڻ کان پوءِ زيتون جي وڻ جو، يا جهڙو انگور چونڊجڻ کان پوءِ خالي ول جو.


بيشڪ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان عادل خدا جي واکاڻ جا گيت ٻڌڻ ۾ ٿا اچن. پر ويل آهي مون لاءِ! ڇاڪاڻ تہ منهنجا حالات تمام خراب آهن، بلڪ آءٌ ڳرندو ٿو وڃان، هائو، جڏهن آءٌ ڏسان ٿو تہ دغابازي ڪندڙ دغابازيءَ جي هلت کان باز نہ ٿا اچن، بلڪ سندن دغابازي ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي.


سندن شهر جيڪو شاندار ۽ خوبصورت آهي، ۽ زرخيز ماٿريءَ جي مٿان آهي، سو اهڙي گل مثل آهي جيڪو جلد ڪومائجي ٿو وڃي. هائو، اهو موسم کان اڳي پهرئين پڪل انجير وانگر ٿيندو، جنهن تي ڪنهن جي نظر پوي تہ انهيءَ کي هٿ ۾ کڻندي ئي اهو ڳڙڪايو ڇڏي.


تڏهن مون کان رڙيون نڪري ويون تہ ”آہ! مون سان تہ ويل ٿي ويو، آءٌ تہ ناس ٿي ويس. آہ! آءٌ جيڪي بہ ڳالهايان ٿو سو گناهن سان ڀريل آهي، بلڪ منهنجي پوري قوم جو ڳالهائڻ ٻولهائڻ گناهہ سان ڀريل آهي. پر تنهن هوندي بہ مون پنهنجي اکين سان ابدي بادشاهہ، خداوند قادرِمطلق کي ڏٺو آهي.“


ويل آهي مون لاءِ، اي منهنجي امڙ! ڪاش! آءٌ پيدا ئي نہ ٿيان ها. سڄي ملڪ وارن جي نظر ۾ آءٌ جھيڙاڪ ۽ تڪراري بڻيو آهيان. آءٌ نہ ڪنهن کان ڪجھہ وٺان نہ ڪنهن کي ڪجھہ ڏيان، تنهن هوندي بہ هر ڪنهن جو لعنتاڻو مون تي ئي آهي.


هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ آڳاٽن پڪل انجيرن جهڙا نهايت عمدا انجير هئا ۽ ٻي ٽوڪريءَ ۾ اهڙا تہ خراب انجير هئا جو کائڻ جهڙا بلڪل نہ هئا.


آءٌ هڪڙو آواز ٻڌان ٿو، جيڪو ڄڻ تہ ڪنهن ويم جي سورن واري عورت جو آهي، هڪ اهڙي عورت جو آواز، جيڪا ڄڻ تہ پهريون ٻار ڄڻيندي هجي. اهو آواز يروشلم جي وسنديءَ جو آهي جيڪا سهڪي ٿي پيئي، ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ ”هاءِ! آءٌ تہ برباد ٿي ويس! خوني منهنجو خون ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.“


جيئن تہ تون چوين ٿو تہ ’مون سان ويل آهي. خداوند منهنجي درد کي وڌايو آهي. آءٌ دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان ۽ آرام ڪونہ ٿو مليم،‘


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين يروشلم جون گھٽيون گھمي جاچي ڏسو، چونڪن ۾ تلاش ڪري ڏسو. جيڪڏهن اوهان کي ڪو هڪڙو اهڙو ماڻهو ملي، جيڪو ايمانداريءَ واري هلت ڪندو هجي ۽ حق سچ جو ڳولائو هجي، تہ پوءِ آءٌ يروشلم شهر کي معاف ڪري ڇڏيندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خداوند بني اسرائيل کي ائين ڏٺو، جيئن بيابان ۾ ڪا انگورن جي ول هجي، مون انهن کي اهڙو پسند ڪيو، جيئن وڻ جو ڪو پهريون ڦل هجي. هائو، انجير جو اهو پهريون ڦل، جيڪو موسم جي شروعات ۾ لهي. پر هنن مون کي ڇڏي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪئي، جيڪو ڪراهت جوڳو بت هو، ائين ڪرڻ سان اُهي پنهنجي انهيءَ پياري بت جيان بيحد ڪراهت جوڳا ٿي پيا.


انهن جي زمين ۾ هر قسم جا پهريان پڪل ميوا جيڪي اُهي مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا سي تنهنجا ٿيندا. تنهنجي گھر جو هر اُهو ڀاتي جيڪو پاڪ هجي سو ڀلي اُهي کائي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan