ميڪاہ 6:3 - Muslim Sindhi Bible3 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! آءٌ اوهان سان ڪهڙو غلط هليو آهيان؟ مون اوهان تي ڪهڙو ٻوجھہ وڌو آهي؟ اوهين مون تي ثابت ڪريو. Faic an caibideilSindhi Bible3 اي منهنجي قوم، مون اوهان کي ڇا ڪيو آهي؟ ۽ ڇا ۾ مون اوهان کي ڪڪ ڪيو آهي؟ اوهين مون تي شاهدي ڏيو. Faic an caibideil |
اي هن پيڙهيءَ وارؤ! مون خداوند جي ڳالهين تي غور ڪريو. ڇا آءٌ سار سنڀال لهندي بہ اوهان بني اسرائيل لاءِ رڻپٽ مثل آهيان؟ ڇا آءٌ رهنمائي ڪندي بہ اوهان لاءِ گھُگھُہ اونداهيءَ واري زمين جيان آهيان؟ تہ پوءِ اي منهنجي قوم! اوهين ائين ڇو ٿا چئو تہ ’اسان کي جيئن وڻندو تيئن ڪنداسين ۽ خداوند جي واٽ تي موٽي نہ اينداسين.‘