Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ميڪاہ 6:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اي دنيا جا بنياد جبلؤ! اچو ۽ ڪن ڏيئي ٻڌو، ڇو تہ بني اسرائيل جي خلاف خداوند مقدمو داخل ڪري ٿو. هائو، هو کين ڏوهي قرار ٿو ڏئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 اي جبل ۽ زمين جا جٽاءُ ڪندڙ بنياد، اوهين خداوند جي حجت دليل ٻڌو، ڇالاءِ جو خداوند جو پنهنجي قوم سان تڪرار آهي، ۽ هو اسرائيل سان بحث ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ميڪاہ 6:2
19 Iomraidhean Croise  

پوءِ خداوند جي ڇينڀڻ سان، ۽ قهر مان ڪڍيل طوفاني ڦوڪ سان ڌرتيءَ جا بنياد کُلي ويا ۽ سمنڊ جو ترو ظاهر ٿيو.


پوءِ ڌرتي ڌڏي ويئي ۽ ڏڪڻ لڳي، جبلن جي بنيادن ۾ پڻ جنبش اچي ويئي، هائو، جڏهن خداوند ڪاوڙيو تہ اهي بہ لرزڻ لڳا.


تو ڌرتيءَ کي سندس بنيادن تي قائم ڪيو آهي، تان‌تہ انهيءَ کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو نہ اچي.


جڏهن هن سمنڊ جون حدون ٿي مقرر ڪيون، تان‌تہ پاڻي ڪنارن کان ٻاهر نہ وڃي، تڏهن آءٌ اتي ئي هئس. هائو، جڏهن هن ڌرتيءَ جي بنياد رکڻ لاءِ نشان ٿي ڪڍيو،


خداوند فرمائي ٿو تہ ”هاڻي اچو تہ انهيءَ معاملي کي نبيريون، پوءِ جيتوڻيڪ اوهين گناهن جي ڪري رت جي ڳاڙهاڻ سان ڀريل هوندا، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي برف جهڙو شفاف ڪري ڇڏيندس. هائو، توڙي جو اوهين گناهن سبب رت جهڙا لال ڳاڙها هوندا، تہ بہ آءٌ اوهان کي کير جهڙو اڇو ڪري ڇڏيندس.


خداوند مقدمو هلائڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيو آهي. هائو، هو قومن جي عدالت ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيو آهي.


مون سان گڏ عدالت ۾ هلو، ۽ هلي پنهنجا دليل پيش ڪريو. اوهين پنهنجو مقدمو بيان ڪريو، تہ جيئن ثابت ڪري سگھو تہ اوهين حق تي آهيو.


تڏهن منهنجي محبوب چيو تہ ”ٻڌو، اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا رهاڪؤ! آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي ۽ انگورن جي باغ جي وچ ۾ اوهين ئي فيصلو ڪريو.


”تنهنڪري آءٌ خداوند پنهنجي قوم جي خلاف مقدمو اٿلائيندس، هائو، آءٌ وري سندن اولاد جي خلاف مقدمو هلائيندس.


ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين هڪ هڪل واڪا ڪندي، ڇاڪاڻ تہ خداوند قومن کي ڏوهي قرار ڏيندو. هو پوري انسانذات جي عدالت ڪندو ۽ شريرن کي تلوار جي حوالي ڪندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.‘“


جهڙيءَ طرح ڪو آسمان جي ماپ ڪري نہ ٿو سگھي، نڪي زمين جو بنياد ئي ڪو لهي ٿو سگھي، تهڙيءَ طرح آءٌ بني اسرائيل کي سندن ڪيل گناهن جي باوجود بہ هرگز رد نہ ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


بيشڪ يهوداہ وارا پڻ مون خداوند جا ڏوهاري آهن. سو آءٌ يعقوب جي سڄي اولاد کي سندن چال چلت موجب سزا ڏيندس. هائو، آءٌ کين سندن عملن مطابق بدلو ڏيندس.


يعقوب ماءُ جي پيٽ ۾ ئي پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ کي کُڙيءَ کان ورتو هو، ۽ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ مون خدا سان ملهہ وڙهيو هو.


اي اسرائيل وارؤ! خداوند کي اوهان جي خلاف شڪايت آهي، سو ٻڌو، خداوند اوهان جي باري ۾ هيئن ٿو فرمائي تہ ”هن ملڪ ۾ نڪي سچائي آهي، ۽ نہ وري ڪو ڪنهن جي ڀلائي چاهي ٿو، نڪي وري هتي مون خدا جي ڪا سڃاڻ ئي آهي.


اي دنيا جي مخلوق! خداوند جو مقدمو ٻڌو. اي خداوند! اچي پنهنجي قوم خلاف شڪايت ائين ٻڌاءِ جو جبل ۽ ٽڪر تنهنجو آواز ٻڌن.


منهنجي غصي جي باهہ اهڙي ڀڙڪي اُٿي آهي، جو اوڙاهہ جي تري تائين اها ٻرندي ويندي. اها ڌرتيءَ کي سندس پيداوار سوڌو ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن کي بنيادن سوڌو ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن زمين ۽ آسمان کي اوهان تي شاهد ڪري چوان ٿو تہ جنهن ملڪ کي هٿ ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار ٿا وڃو تنهن ۾ اوهين جلد ئي تباهہ ڪيا ويندا. اوهين اتي گھڻا ڏينهن رهي ڪين سگھندا، بلڪ پوريءَ طرح برباد ٿي ويندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan