Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ميڪاہ 5:6 - Muslim Sindhi Bible

6 انهن سالارن جو طاقتور لشڪر اشوري قوم کي، بلڪ نمرود نالي سندن ملڪ کي شڪست ڏيندو. هائو، جڏهن اشوري اسان جي ملڪ ۾ اچي اسان جي سرحدن ۾ پير ڄمائيندا، تڏهن خداوند انهن کان اسان کي ڇڏائيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ اُهي ترار سان اسور جي ملڪ کي ۽ نمرود جي زمين کي اندر گهڙڻ وارين جاين تائين، ويران ڪندا، ۽ هو اسان کي اسور کان بچائيندو، جڏهن اُهو اسان جي ملڪ ۾ ايندو ۽ اسان جي سرحد ۾ پير رکندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ميڪاہ 5:6
26 Iomraidhean Croise  

آءٌ پنهنجي ملڪ يهوداہ ۾ اشورين کي شڪست ڏيندس. هائو، آءٌ پنهنجي جبلن تي کين پيرن هيٺ لتاڙيندس. تڏهن منهنجي قوم جي ڳچين مان اشورين جي غلاميءَ جي پاڃاري نڪرندي. هائو، تڏهن سندن ڪلهن تان بار لهي ويندو،


تہ هو اسان کي دشمنن جي چنبي مان آزاد ڪرائيندو، تہ جيئن اسين بنا ڪنهن خوف جي سندس عبادت ڪريون،


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ خدا اسان کي دشمنن کان بچائي. هائو، انهن سڀني جي هٿان ڇڏائي، جيڪي اسان کان نفرت ڪن ٿا.


خداوند اتر طرف پنهنجو هٿ کڻي اشور کي ناس ڪري ڇڏيندو. جڏهن تہ هو ان جي گاديءَ واري شهر نينوہ کي ويران ۽ بيابان جهڙو خشڪ ڪري ڇڏيندو.


هاڻ انهن شينهن جي غار ڪٿي آهي، جتي هو پنهنجن ٻچن سميت رهندا آهن؟ هائو، اها جاءِ ڪٿي آهي، جتي هو پنهنجن ٻچن کي کارائيندا آهن، ۽ جتي کين ڪوبہ خوف نہ هوندو آهي؟


ويل آهي اوهان لاءِ اي دشمنؤ! جيڪي ٻين کي تہ برباد ڪريو ٿا، پر پاڻ برباد نہ ڪيا ويا آهيو، هائو، اوهين جيڪي ٻين سان تہ ٺڳي ڪريو ٿا، پر اوهان سان ٺڳي نہ ڪئي ويئي آهي. مگر هاڻ جڏهن اوهين ٻين کي برباد ڪري بس ڪندا، تڏهن پاڻ برباد ڪيا ويندا. هائو، جڏهن اوهين ٻين سان ٺڳي ڪري بس ڪندا، تڏهن ماڻهو اوهان سان ٺڳي ڪندا.


گھڻيون ئي قومون بني اسرائيل کي خداوند جي ڏنل ملڪ ۾ موٽائي آڻڻ ۾ سندن مدد ڪنديون. پوءِ اهي قومون ٻانها ۽ ٻانهيون بڻجي سندن خدمت ڪنديون. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل اڳ جن جا قيدي هئا تن کي قيد ڪندا ۽ انهن تي حڪمراني ڪندا جيڪي مٿن ظلم ڪندا هئا.


تنهنڪري خداوند هنن تي اشوري لشڪر جي سپهہ‌سالارن کان ڪاهہ ڪرائي. اهي منسيءَ کي زنجيرن ۾ جڪڙي ۽ نڪ ۾ ناڪيلي وجھي بابل ڏانهن قيد ڪري وٺي ويا.


فقحہ جي ڏينهن ۾ اشور جو شهنشاهہ تِگلت پلاسر اسرائيل ملڪ تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ عيون، ابيل بيت‌معڪہ، ينوحاہ، قادس ۽ حصور شهر، جِلعاد جو علائقو، گليل ڍنڍ جي آس‌پاس وارو علائقو ۽ نفتاليءَ جو سڄو علائقو قبضي هيٺ ڪيائين ۽ هو ماڻهن کي پڻ قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو.


پوءِ عيسيٰ انهن کي موسيٰ جي توريت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکتن تائين، پاڪ ڪلام جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن.


سو خداوند جو هڪڙو ملائڪ اشورين جي لشڪرگاهہ ۾ ڪاهي پيو ۽ اٽڪل هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهن کي ماري ڇڏيائين. صبح جو سوير ماڻهو ڇا ڏسن تہ رڳو لاش ئي لاش پيا آهن.


اها حالت ڏسي اشور جو شهنشاهہ سنحيرب پنهنجي منزل پٽي اتان هلي پيو. هو نينواہ شهر ڏانهن موٽي آيو ۽ اتي ئي رهي پيو.


جهڙيءَ طرح ڪچن ٻوٽن تي وسڪارو ٿيندو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجي تعليم برسات وانگر پيئي وسندي. هائو، جهڙيءَ طرح سنهي گاهہ تي ڦُڙڦُڙ پوندي آهي، تهڙيءَ طرح منهنجي تقرير ماڪ جيان پيئي پوندي.


ڪُوش کي نمرود نالي هڪڙو پٽ هو جيڪو دنيا جو پهريون زبردست پهلوان هو.


منهنجي ڏنل صلاح هڪدم قبول ڪندي، اهي وڌيڪ بلڪل نہ ڳالهائيندا هئا. منهنجو ڳالهائڻ ٺوٺ ڌرتيءَ تي پوندڙ مينهن جي ڦڙن وانگر سندن دلين ۾ جذب ٿي ويندو هو.


جيئن فصل تي برسات پوندي آهي، يا جيئن وسڪارو زمين کي ڀِڄائي ٿو، تيئن شل بادشاهہ برڪت بڻجي.


تنهنجي جنگ ڪرڻ واري ڏينهن تي تنهنجا ماڻهو پاڻ کي پيش ڪندا. هائو، تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان تو وٽ پيش ٿيندا. جيئن صبح جو سوير تازگي ڏيندڙ ماڪ پوي ٿي، تيئن ئي اهي نوجوان تازگيءَ واري حالت ۾ تو وٽ ايندا.


جيڪڏهن انهن مان ڏهين حصي جيترا بہ ملڪ ۾ رهجي ويندا، تہ اهي بہ ناس ٿي ويندا. اهي تارپين يا شاهہ‌بلوط وڻن جي ٿُڙ وانگر وڃي بچندا، جنهن کي بہ ساڙيو وڃي ٿو.“ تنهن هوندي بہ انهيءَ ٿُڙ مان ئي خداوند لاءِ مخصوص نسل جي نئين سر پيدا ٿيڻ جو اشارو ملي ٿو.


ڇا غير قومن جا بيڪار بت مينهن وسائي ٿا سگھن؟ ڇا آسمان پنهنجو پاڻ وسڪارو ڪري ٿا سگھن؟ هرگز نہ، اي خداوند! اسان جا خدا! ائين رڳو تون ئي ڪري سگھين ٿو. تنهنڪري اسان جي اميد تو ۾ ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ رڳو تنهنجي وس ۾ آهي.“


پر آءٌ اوهان مان رڳو حليم ۽ نماڻن ماڻهن کي بچائيندس، جن مون خداوند وٽ پناهہ ورتي هوندي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan