ميڪاہ 5:1 - Muslim Sindhi Bible1 اي يروشلم جا رهاڪؤ! پنهنجا لشڪر آڻي گڏ ڪري تيار ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي دشمن لشڪرن اچي اوهان جو گھيرو ڪيو آهي. اهي بني اسرائيل جي حڪمران جي بيعزتي ڪري سندس ڳلن تي لڪڻ هڻندا. Faic an caibideilSindhi Bible1 تنهنڪري اي لشڪرن جي ڌيءَ، پنهنجا لشڪر گڏ ڪري تيار ٿيءُ: هن اسان جي چوگرد گهيرو ڪيو آهي: هو اسرائيل جي حاڪم کي ڳلي تي لٺ ٿا هڻن. Faic an caibideil |
سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.