Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ميڪاہ 4:6 - Muslim Sindhi Bible

6 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اهو وقت ضرور ايندو جڏهن آءٌ پنهنجيءَ قوم جي انهن ماڻهن کي موٽائي آڻي گڏ ڪندس، جن کي مون سزا ڏيئي جلاوطن ڪري ڇڏيو آهي، جتي هنن ڏک سٺا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن آءٌ اُنهن کي گڏ ڪندس جي منڊڪائين ٿا، ۽ انهن کي ميڙيندس جي هڪالجي ويا آهن، ۽ انهن کي جي مون ڏکي ڪيا آهن؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ميڪاہ 4:6
16 Iomraidhean Croise  

خداوند پاڻ يروشلم شهر وري اڏي ٿو. هو بني اسرائيل کي جلاوطنيءَ مان آڻي اتي گڏ ڪري ٿو.


انهيءَ سبب جو آءٌ بلڪل ئي ڪرڻ تي آهيان. منهنجو درد هر وقت منهنجي اڳيان آهي.


خداوند خدا، جيڪو بني اسرائيل جي جلاوطن ٿيلن کي وري وطن ۾ آڻي گڏ ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ ”آءٌ غير قوم وارن کي بہ پنهنجي قوم ۾ آڻي اوهان سان گڏ ڪندس.“


انهن ڏينهن ۾ اوهين اسرائيل جا رهاڪو يهوداہ جي رهاڪن سان ملي ويندا ۽ گڏجي اُتر واري ملڪ جي جلاوطنيءَ مان نڪري انهيءَ ملڪ ۾ ايندا جيڪو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ميراث ڪري ڏنو آهي.‘“


ڏسو، آءٌ هنن کي اتر طرف کان موٽائي آڻيندس، بلڪ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان آڻي کين گڏ ڪندس. انهن منجھہ انڌا ۽ منڊا هوندا، پيٽ واريون ۽ ويم جي سورن واريون عورتون پڻ شامل هونديون. هائو، هڪ وڏو هجوم موٽي ايندو.


آءٌ اوهان کي هر قوم ۽ هر ملڪ منجھان ڪڍي موٽائي آڻي اوهان جي وطن ۾ آباد ڪندس.


خداوند بني اسرائيل سان واعدو ٿو ڪري تہ ”اي يعقوب جو اولاد! آءٌ اوهان جي باقي بچيلن کي گڏ ڪري ضرور سندن وطن ڏانهن ائين موٽائي آڻيندس، جيئن هڪ ڌنار پنهنجي رڍن جي ڌڻ کي هڪلي آڻي سندن چراگاهہ ۾ گڏ ڪندو آهي. پوءِ اوهان جو ملڪ وري رونقن سان ڀرجي ويندو.


ڏسو، انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني کي سزا ڏيندس، جن اوهان کي آزاريو آهي. جيڪي منڊڪائيندڙ رڍ جيان لاچار آهن، تن کي آءٌ ڇڏائيندس، ۽ جيڪي رڍن وانگر ڪڻو ڪڻو ڪيا ويا آهن، تن کي آءٌ وري گڏ ڪندس. هر انهيءَ ملڪ ۾ جتي هو خوار خراب ڪيا ويا هئا، اتي آءٌ کين عزت وارو بڻائي سندن تعريف ڪرائيندس.


ابنِ آدم انهن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آهي جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن.“


منهنجيون ٻيون بہ رڍون آهن جيڪي هن واڙي جون نہ آهن. انهن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آهي. اهي منهنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ هڪڙو ئي ڌڻ ۽ هڪڙو ئي ڌنار ٿيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan