Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ميڪاہ 4:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جيئن تہ ٻي هر ڪا قوم الڳ الڳ معبودن جي پوڄا ۽ فرمانبرداري ڪري ٿي، پر اسين هميشہ هميشہ تائين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪندا رهنداسين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 هرڪا قوم پنهنجي پنهنجي خدا جي نالي تي هلندي، ۽ اسين هميشہ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هلنداسين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ميڪاہ 4:5
19 Iomraidhean Croise  

جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ.


تنهن هوندي بہ هر قوم پنهنجي پنهنجي رهڻ وارن شهرن ۾ پنهنجي لاءِ بت ٺاهي سامريہ وارن جي ٺهيل پوڄا گھرن ۾ رکيا.


اڄ ڏينهن تائين هو پنهنجين اڳوڻين ريتن رسمن تي قائم آهن. هو نڪي خداوند جي عبادت ڪن ٿا ۽ نہ وري انهن قاعدن قانونن ۽ حڪمن تي هلن ٿا جيڪي خداوند يعقوب جي اولاد کي ڏنا هئا. يعقوب جو نالو خداوند ڦيرائي اسرائيل رکيو هو.


اي خداوند! مون کي پورو يقين آهي تہ تون پنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي بچائيندين. تون پنهنجي عرش عظيم تي سندس عرض ٻُڌي، کيس پنهنجي زور واري قوت سان فتح بخشيندين.


”خدا هميشہ هميشہ تائين اسان جو خدا آهي، اهو ئي دنيا جي آخر تائين اسان جو هادي رهندو.“


آءٌ تو خداوند خدا جي قدرت جو بيان ڪندو رهندس. هائو، آءٌ تنهنجي ڀلائين جو ذڪر پيو ڪندس.


اي يعقوب جو اولاد! اچو تہ اسين خداوند جي ڏنل روشن تعليم مطابق زندگي گذاريون.


اي خداوند، اسان جا خدا! بيشڪ ٻين حڪمرانن بہ اسان تي حڪم پئي هلايو آهي، پر تو کان سواءِ اسين ڪنهن ٻئي جا تابعدار ناهيون.


اي خداوند! اسين بہ تنهنجي ئي فيصلن مطابق هلون ٿا، ۽ تو ۾ ئي اميد رکون ٿا. تنهنجو نالو ۽ تنهنجي ياد ئي اسان جي تمنا آهي.


آءٌ ساڻن هڪڙو دائمي عهد ٻڌندس، ۽ پوءِ آءٌ ساڻن چڱائي ڪرڻ کان ڪڏهن بہ باز نہ ايندس. آءٌ هنن جي دل ۾ پنهنجو خوف پيدا ڪندس، تہ جيئن هو مون کان ڦري نہ وڃن.


آءٌ کين پنهنجي طاقت بخشيندس، ۽ هو منهنجو نالو وٺي پيا هلندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


گذريل زمانن ۾ هن هر قوم کي پنهنجي پنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ ڇڏي ڏنو هو.


تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪجو ۽ سندس جيڪي حڪم ۽ قانون آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪجو.“


سو جيئن تہ اوهان عيسيٰ مسيح کي پنهنجو خداوند ڪري قبول ڪيو آهي، تنهنڪري انهيءَ ۾ زندگي گذاريندا رهو.


اوهين جيڪي بہ چئو ۽ جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا ادا ڪندا رهو.


هاڻ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي چڱي نہ ٿي لڳي، تہ پوءِ اڄ فيصلو ڪريو تہ اوهين ڪنهن جي عبادت ڪندا، انهن معبودن جي جن جي پوڄا اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ڪندا هئا، يا امورين جي معبودن جي جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا. باقي رهيو سوال منهنجو ۽ منهنجي ڪٽنب جو، سو اسين خداوند جي ئي عبادت ڪندا رهنداسين.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan