Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ميڪاہ 4:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن هر ڪو ماڻهو بي‌خوف ٿي پنهنجي پنهنجي انگورن ۽ انجيرن جي باغن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندو. اهو قادر‌مطلق خداوند جو پڪو واعدو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 پر هرڪو ماڻهو، پنهنجي ڊاک ۽ پنهنجي انجير جي وڻ هيٺان ويهندو، ۽ ڪوبہ هنن کي نہ ڊيڄاريندو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو اهو فرمان آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ميڪاہ 4:4
25 Iomraidhean Croise  

سليمان بادشاهہ جي سڄي حياتيءَ جي ڏينهن ۾، دان کان وٺي بيرسبع تائين، بني يهوداہ بلڪ سڄي بني اسرائيل جو هر هڪ ڪٽنب پنهنجي پنهنجي انگورن ۽ انجيرن جي باغن سميت امن وَ سڪون سان رهندو هو.


سو هاڻ منهنجو ارادو آهي تہ خداوند پنهنجي خدا جي عبادت لاءِ آءٌ هڪڙي هيڪل تعمير ڪرايان جيئن خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو هو تہ ’تنهنجو پٽ جنهن کي آءٌ تنهنجي جاءِ تي تخت تي وهاريندس سو ئي منهنجي عبادت لاءِ هڪ گھر ٺهرائيندو.‘


تون زندگي آرام سان گذاريندين، ۽ ڪوبہ تو کي نہ ڊيڄاريندو، بلڪ گھڻا ئي تنهنجو راضپو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.


پوءِ قوم لاءِ جبلن منجھان بہ خوشحالي پيدا ٿيندي. هائو، سچائيءَ تي هلڻ سان ٽڪرن مان بہ امن وَ سلامتي ملندي.


سو اوهان کي انهن اوچتين مصيبتن جو ڪوبہ فڪر ڪونہ هوندو، جيڪي بدڪارن تي طوفان جيان اچي ڪڙڪن ٿيون.


پر جيڪڏهن اوهين نافرمان ۽ باغي ٿيندا، تہ پوءِ اوهان جي دشمنن جي تلوار اوهان کي ڳڙڪائي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هائو، ارام ملڪ جا سڀ شهر هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندا. اهي رڍن ٻڪرين جون چراگاهون ۽ وٿاڻ بڻجي ويندا، جتي اهي سلامتيءَ سان رهنديون، ۽ انهن کي ڪوبہ ڊپ ڊاءُ نہ هوندو.


تنهن هوندي بہ جيڪا ڪلي هاڻي مضبوطيءَ سان لڳائي ويندي، سا ڪنهن ڏينهن مون قادرِمطلق جي فرمان موجب لوڏي لوڏي ڍلي ڪري هيٺ ڪيرائي ويندي. پوءِ انهيءَ تي ٽنگيل هر ڪا شيءِ ڪري ناس ٿي ويندي. اهو ئي مون خداوند جو فرمان آهي.“


اي خداوند! مصيبت جي وقت اسين تنهنجا تابعدار بڻياسين. هائو، جڏهن تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني، تڏهن اسان تو آڏو اچي ٻاڏايو.


جيئن تہ هر ڪو سچائيءَ وارا ڪم ڪرڻ لڳندو، تنهنڪري هميشہ جي لاءِ سلامتي ۽ آرام وَ اطمينان ٿي ويندو.


حزقياہ ڏانهن ڌيان نہ ڏيو. اشور جو شهنشاهہ اوهان کي چوي ٿو تہ ’پنهنجي شهر مان نڪري اچي مون وٽ پيش پئو. اوهان مان هر ڪنهن کي اها اجازت هوندي تہ هو ايستائين پنهنجي ئي انگورن جي ول مان انگور کائي، پنهنجي ئي انجير جي وڻ مان انجير کائي ۽ پنهنجي ئي کوهہ مان پاڻي پيئي،


پوءِ خداوند جو جلوو ظاهر ٿيندو، ۽ سڀيئي قومون اهو ڏسنديون. هائو، خداوند پاڻ ائين فرمايو آهي.“


انصاف ۽ سچائي تو کي قائم وَ دائم رکنديون. ظلم ۽ دهشت تنهنجي ويجھو بہ نہ ايندي، ۽ تون بلڪل نہ ڊڄندينءَ.


تہ پوءِ مون وٽان اوهان کي حقيقي خوشي حاصل ٿيندي، ۽ آءٌ اوهان کي پوريءَ دنيا ۾ نهايت اعليٰ مقام عطا ڪندس. آءٌ اوهان کي اوهان جي ابي ڏاڏي يعقوب جي ملڪ ۾ برڪتن سان نوازيندس. اهو مون خداوند جو واعدو آهي.“


پوءِ آءٌ انهن تي اهڙا اڳواڻ مقرر ڪندس جيڪي انهن جي سار سنڀال لهندا. منهنجي قوم جا ماڻهو اڳتي وري نہ ڊڄندا ۽ نہ وري ڪو خوف ڪندا، نہ ئي وري آءٌ انهن کي سزا ڏيندس.“


سو، اي منهنجي قوم بني اسرائيل! اوهين نہ ڊڄو، نڪي اوهين پريشان ٿيو. آءٌ اوهان کي يقيناً ڏورانهن هنڌن کان بچائيندس، يعني اوهان جي نسل کي جلاوطنيءَ وارن ملڪن کان موٽائي آڻيندس. آءٌ اوهان کي وري امن ۽ سلامتي عطا ڪندس، ۽ ڪوبہ اوهان کي ڊيڄاري نہ سگھندو.


خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”بني اسرائيل منهنجيون رڍون ٻڪريون آهن ۽ آءٌ قسم کڻي ساڻن واعدو ٿو ڪريان تہ اهي پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندا. آءٌ بيابان ۽ ٻيلي مان هر جھنگلي جانور کي ختم ڪري ڇڏيندس، سو منهنجيون اهي رڍون ٻڪريون بي‌خوف ٿي سلامتيءَ سان پيون رهنديون.


پوءِ جھنگلي جانور وري منهنجي ڌڻ کي ماري نہ کائيندا. هائو، اڳتي اهي غير قومون ڪڏهن بہ منهنجي قوم کي پنهنجو شڪار نہ بڻائينديون، بلڪ هو امن وَ سلامتيءَ سان گذاريندا ۽ ڪوبہ کين نہ ڊيڄاريندو.


تون چوندين تہ ’آءٌ انهيءَ ڪمزور ملڪ تي چڙهائي ڪندس، جتي جا ماڻهو امن وَ سلامتيءَ سان رهن ٿا ۽ کين پنهنجا ڍور ڍڳا ۽ مال ملڪيت آهي. انهن جي شهرن کي نہ ڪوٽ قلعا آهن، نڪي وري دروازا ۽ گز. آءٌ انهن شهرن جي ماڻهن کي لٽيندس ۽ ڦريندس. اهي شهر ڪنهن وقت پٿرن جو ڍير هئا ۽ اتان جا ماڻهو غير قومن ۾ جلاوطن بڻجي ويا هئا. پر پوءِ اهي پنهنجي ملڪ ۾ موٽي اچي آباد ٿيا، جيڪو سڄي دنيا ۾ خاص اهميت رکي ٿو.‘


تنهن کان پوءِ هو پنهنجي وطن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان رهندا ۽ کين ڪوبہ ڪونہ ڊيڄاريندو. مگر ان وقت هو ڏاڍا شرمندا ٿيندا، جڏهن کين پنهنجا بڇڙائيءَ وارا ڪم ۽ منهنجي نالي جي بي‌ادبي ياد ايندي.


آءٌ اوهان کي اوهان جي ملڪ ۾ سلامتي بخشيندس ۽ اوهين بنا ڪنهن ڊپ جي، سمهي ننڊون ڪندا. آءٌ خطرناڪ جھنگلي جانورن کي ملڪ مان ختم ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جي ملڪ ۾ ڪابہ جنگ ڪانہ ٿيندي.


خداوند پنهنجي قوم کي تيستائين سندن دشمنن جي هٿ ۾ ڇڏي ڏيندو، جيستائين اهو حڪمران پنهنجي ماءُ جي پيٽان نہ ڄمي. پوءِ حڪمران جي قوم وارا جيڪي جلاوطنيءَ ۾ آهن، سي موٽي اچي پنهنجي ملڪ ۾ آباد ٿيندا، ۽ باقي اتي رهيل بني اسرائيل سان گڏ رهندا.


اهي باقي بچيل بني اسرائيل بڇڙا ڪم نہ ڪندا، هو ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ ڳالهائيندا، نہ وري هو ڪنهن سان ڪا ٺڳي ڪندا. هو سڪون سان کائيندا پيئندا ۽ ننڊون ڪندا، ۽ ڪوبہ کين نہ ڊيڄاريندو.“


انهيءَ ڏينهن اوهان يهوداہ وارن مان هر ڪو هڪٻئي کي دعوت ڏيئي پنهنجي پنهنجي انگورن ۽ انجيرن جي باغن ۾ امن ۽ سلامتيءَ سان آڻي ويهاريندو.‘ اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan