ميڪاہ 3:2 - Muslim Sindhi Bible2-3 پر اوهين تہ نيڪيءَ کي ڌڪاريو ٿا، ۽ بڇڙائيءَ کي پسند ٿا ڪريو. جيئن ڪاسائي ڪٺل ڍور جي کل لاهي انهيءَ جي هڏين تان ماس رهڙي ٿو وٺي ۽ هڏا ڀڃي ٿو ڇڏي، ۽ پوءِ گوشت کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ديڳ ۾ رنڌڻ لاءِ ٿو وجھي، تيئن ئي اوهين منهنجي قوم وارن سان سلوڪ ٿا ڪريو. ڄڻ تہ اوهين انهن جو ماس کائي کائي چٽ ٿا ڪريو. Faic an caibideilSindhi Bible2 اوهين جي نيڪيءَ کي ڌڪاريو ٿا، ۽ بڇڙائيءَ کي پسند ٿا ڪريو، جي انهن جي کل پَٽي لاهي ٿا وٺو، ۽ انهن جو گوشت سندن هڏن تان روڙي ٿا وٺو؛ Faic an caibideil |