Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ميڪاہ 3:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اوهان جا عملدار رشوت وٺي ناانصافيءَ وارو فيصلو ٿا ڪن. اوهان جا ڪاهن پئسن جي لالچ ۾ شريعت جي تعليم ٿا ڏين، ۽ اوهان جا نبي سڏائيندڙ دولت وٺي اڳڪٿيون ٿا ڪن. انهيءَ هوندي بہ اوهين دعويٰ ٿا ڪريو تہ ”خداوند اسان سان گڏ آهي، سو اسان تي ڪا آفت ڪا نہ ايندي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 انهن جا سردار انعام لاءِ عدالت ٿا ڪن، ۽ انهن جا ڪاهن ڀاڙو وٺي تعليم ٿا ڏين، ۽ نبي پئسن تي غيب گوئي ٿا ڪن، انهي هوندي بہ هو خداوند تي ڀروسو رکڻ ٿا گهرن ۽ چون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ ناهي ڇا؟ اسان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ميڪاہ 3:11
39 Iomraidhean Croise  

بڇڙا ماڻهو ڳجھيءَ طرح رشوت جي ڏي وٺ ڪن ٿا، تہ جيئن انصاف کي ٽوڙيو وڃي.


تنهنجا سردار فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن. انهن مان هر ڪو رشوت جو طالبو آهي، ۽ پئسي جي پٺيان پيو ڊوڙي. اهي يتيمن جو انصاف نہ ٿا ڪن، نڪي رنن‌زالن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿو پهچي.


اوهين رشوت وٺي بدڪارن کي سچار ٿا قرار ڏيو، ۽ سچارن کي ڏوهي.


هائو، اهي لالچي ڪتن مثل آهن، جيڪي ڪڏهن بہ نہ ٿا ڍاپجن. اهي اهڙا اڳواڻ آهن جن کي ڪابہ سمجھہ ڪانهي. انهن مان هر ڪو پنهنجو پنهنجو مفاد پيو سوچي، ۽ پنهنجي فائدي لاءِ ماڻهن سان زيادتيون پيو ڪري.


جيڪي مون خداوند جي فرمان جي توهين ٿا ڪن، تن کي هو چوندا ٿا وتن تہ ’خداوند فرمايو آهي تہ اوهان وٽ خير وَ سلامتي هوندي،‘ هائو، جيڪي پنهنجي هوڏ تي هلندڙ آهن، تن کي هو چون ٿا تہ ’اوهان تي ڪابہ آفت ڪانہ ايندي.‘“


ڪاهنن، نبي سڏائيندڙن ۽ سڀني ماڻهن مون يرمياہ کي خداوند جي گھر ۾ اهي ڳالهيون ڪندي ٻڌو.


بني اسرائيل خداوند بابت ڪوڙ ڳالهايو آهي. چيو اٿائون تہ ”هو ڪجھہ بہ نہ ڪندو. اسان کي ڪوبہ نقصان نہ پهچندو. اسان ڪڏهن بہ جنگ يا ڏڪار نہ ڏسنداسين.


منجھن ننڍو هجي توڙي وڏو سڀني کي دولت ڪمائڻ جو حرص آهي. نبي سڏائيندڙ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ٺڳيءَ جا ڪم ڪن ٿا.


باقي اوهين پنهنجي حفاظت جو يقين ڪندي ائين چئي پاڻ کي نہ ٺڳيو تہ ’هيءَ خداوند جي هيڪل آهي، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي.‘


انهيءَ ڪري آءٌ سندن زالون ٻين کي ڏيئي ڇڏيندس، ۽ هنن جون ٻنيون ٻين جي قبضي ۾ ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ننڍو هجي توڙي وڏو سڀني کي دولت ڪمائڻ جو حرص آهي. نبي سڏائيندڙ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ٺڳيءَ جا ڪم ڪن ٿا.


تو منجھہ رشوت وٺي ماڻهن جو خون وهايو وڃي ٿو ۽ وڏو وياج ۽ ناجائز منافعو ورتو وڃي ٿو. لالچ وچان ظلم زبردستيءَ سان پنهنجي پاڙيسرين کي لٽيو ڦريو وڃي ٿو. مطلب تہ منهنجي حڪمن جي انحرافي ڪندي تنهنجي رهاڪن مون خداوند خدا کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي.


بني اسرائيل جا اڳواڻ چير ڦاڙ ڪندڙ بگھڙن وانگر آهن، جيڪي ماڻهن کي زخم ٿا رسائين يا کين ماري ٿا ڇڏين. ائين ڪرڻ سان اهي اڳواڻ ناجائز فائدو حاصل ڪن ٿا.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي اڳواڻن جي خلاف اڳڪٿي ڪر. کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي اڳواڻؤ! ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي بني اسرائيل لاءِ ڌنار مثل آهيو. اوهين رڳو پنهنجا پيٽ ٿا پاليو، جڏهن تہ ڌنارن جو ڪم رڍن ٻڪرين جو پيٽ پالڻ ۽ سنڀال ڪرڻ آهي.


اهي مئي خوريءَ ۾ مست ٿي زناڪاريءَ ۾ مشغول ٿي ويا آهن، اهي پنهنجي عزت بدران خواريءَ کي پسند ٿا ڪن.


اوهين منهنجي قوم جي گناهن تي گذران ڪريو ٿا، تنهنڪري ئي اوهين سندن بدڪاريءَ جا آرزومند ٿا رهو.


سو اوهين بديءَ جا نہ، بلڪ نيڪيءَ جا طالبو ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ جيئرا رهي سگھو. پوءِ اوهين جيڪا دعويٰ ڪريو ٿا تہ ”خداوند قادرِمطلق خدا اسان سان آهي،“ سا سچي ثابت ٿيندي.


منهنجي قوم جا گنهگار جيڪي ٻٽاڪ هڻي چون ٿا تہ ’ڪابہ آفت اسان تائين نہ پهچندي، ۽ نہ اسان کي ڪو نقصان رسائيندي،‘ سي سڀيئي جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا.“


نبي سڏائيندڙن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪرڻ وارؤ! جيڪي اوهان کي کارائين پيئارين ٿا، تن سان منهنجي طرفان امن وَ سلامتيءَ جو واعدو ٿا ڪريو. پر جيڪي اوهان جو وات نہ ٿا ڀرين، تن کي اوهين منهنجو نالو وٺي آفتن اچڻ جا دڙڪا ٿا ڏيو.


هنن جا هٿ بڇڙائي ڪرڻ ۾ مهارت ٿا رکن، عملدار توڙي قاضي رشوت گھري ٿا وٺن، ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن جون دليون حرص مان نہ ٿيون ڀرجن. انهيءَ کان علاوہ اهي سڀ گڏجي سازشون بہ ڪن ٿا.


انهيءَ شهر جا عملدار چيريندڙ ڦاڙيندڙ شينهن آهن، ۽ قاضي بکايل بگھڙ آهن، جيڪي صبح تائين ڪجھہ بہ نہ ٿا ڇڏين.


هن شهر جا نبي سڏائيندڙ غيرذميوار ۽ ڪوڙا آهن. اتان جي ڪاهنن مخصوص شين کي ناپاڪ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ شريعت جي ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي ڇڏيو اٿن.


جيڪر اوهان منجھہ ڪو اهڙو هجي جيڪو منهنجي عبادت‌گاهہ جا دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ جيئن اوهين منهنجي قربان‌گاهہ تي اهڙي اجائي نموني قربانيون نہ ساڙي سگھو. آءٌ اوهان مان راضي نہ آهيان، نہ ئي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانا قبول ڪندس.


تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي سڀني ماڻهن جي نظر ۾ ذليل ۽ حقير ٿو ڪريان، انهيءَ لاءِ جو اوهين منهنجي راهہ تي قائم نہ رهيا آهيو ۽ شرعي معاملن جي پاسخاطري نہ ڪئي اٿوَ.“


تڏهن موسيٰ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ خداوند کي چيائين تہ ”جيڪا قرباني هي آڻين سا تون قبول نہ ڪج. مون تہ انهن کان ڪو گڏهہ بہ ڪونہ ورتو آهي، نڪي هنن مان ڪنهن کي ڪو نقصان رسايو اٿم.“


سو موآبين ۽ مديانين جا اڳواڻ بني اسرائيل تي لعنت وجھائڻ لاءِ رقم کڻي بلعام وٽ ويا ۽ کيس بلق بادشاهہ جو پيغام ڏنائون.


ائين نہ سمجھو تہ اوهين ابراهيم جو اولاد هئڻ ڪري بچي ويندا. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا هنن پٿرن مان بہ ابراهيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.


هو نشئي نہ هجي، نہ ئي مار ڪٽ ڪندڙ، بلڪ حليم هجي. هو جھيڙو ڪندڙ يا پئسي جو لالچي نہ هجي.


انهن جو وات بند ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ اهڙا ماڻهو لالچ جي خاطر اهڙيون ڳالهيون سيکاري گھرن جا گھر بگاڙي ٿا ڇڏين، جيڪي کين نہ سيکارڻ گھرجن.


خدا جو ڌڻ جيڪو اوهان جي سار سنڀال هيٺ آهي تنهن جي نگهباني ڪندي انهيءَ کي چاريندا رهو. هي ڪم جيئن خدا چاهي ٿو تيئن خوشيءَ سان ڪريو، نڪي لاچاريءَ سبب، دل جي شوق سان ڪريو، نڪي ذاتي لالچ جي ڪري.


مصيبت آهي هنن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هي قابيل جي واٽ تي ٿا هلن، نفعي جي خاطر بلعام جهڙي گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا آهن ۽ قورح وانگر بغاوت ڪري برباد ٿا ٿين.


پر هن جا پٽ سندس راهہ تي نہ هليا، بلڪ هو لالچ ۾ پئجي گمراهہ ٿي ويا ۽ رشوتون وٺي بي‌انصافي ڪرڻ لڳا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan