Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ميڪاہ 2:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اوهين مردن جي غير موجودگيءَ ۾ منهنجي قوم جي عورتن کي سندن پيارن گھرن مان تڙي ٿا ڇڏيو، ۽ سندن ننڍڙن ٻارن کان منهنجيون ڏنل سهولتون کسي ٿا وٺو، جنهن ڪري اهي ٻار اڳتي وڌي نہ ٿا سگھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 منهنجي اُمت جي زالن کي اوهين سندن مزي جهڙن گهرن مان ڪڍي ٿا ڇڏيو؛ ۽ منهنجو جلال سندن ننڍڙن ٻارن کان هميشہ لاءِ کسي ٿا وڃو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ميڪاہ 2:9
14 Iomraidhean Croise  

شل سندس عظمت وارو نالو هميشہ تائين سڳورو رهي! شل هي سڄو جهان سندس جلوي سان ڀرپور هجي! آمين، ثم آمين.


اسان جا گھر ڊاهي تباهہ ڪيا ويا آهن. اسان جا ٻار اسان کان کسيا ويا آهن، ڪوبہ ڪونهي جيڪو اسان جي پناهہ لاءِ وري گھر جوڙي.“


خداوند فرمايو تہ ”جڏهن آءٌ ياجوج جي لشڪر کي سزا ڏيندس، هائو، جڏهن آءٌ پنهنجي ڪيل فيصلي تي پنهنجي قدرت سان عمل ڪري ڏيکاريندس، تڏهن دنيا جي سڀني قومن آڏو منهنجي عظمت ظاهر ٿي پوندي.


اوهين يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ مان ماڻهن کي گهلي سندن وطن کان پري وٺي ويا ۽ کين يونانين وٽ وڪڻي ڇڏيو آهي.


اهي مسڪينن کي انصاف نہ ٿا ڏين، بلڪ سندن مٿا ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ پيا لتاڙين. منجھن پيءُ ۽ پٽ ٻيئي ساڳيءَ ٻانهيءَ وٽ وڃي منهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي پيا ڪن.


هو ماڻهن ۽ سندن گھراڻن تي ظلم ڪندي سندن ميراث کسي ٿا وٺن. هائو، اهي لالچ ڪندي ماڻهن جون ٻنيون ۽ گھر زبردستيءَ سان هٿ ٿا ڪن.


ڌرتي خداوند جي جلال جي ڄاڻ سان ائين ڀرجي ويندي جيئن سمنڊ پاڻيءَ سان ڀريو پيو آهي.


انهيءَ سبب جو خداوند ٿو فرمائي تہ ’آءٌ پاڻ انهيءَ جي حفاظت لاءِ ان جي چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس ۽ آءٌ ئي منجھس رهي ان جو شان وَ شوڪت وڌائيندس.‘“


”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين آسمان جي بادشاهيءَ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


اهي رنن‌زالن جا گھر لٽي ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون دعائون گھرن ٿا. اهي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ گنهگار قرار ڏنا ويندا.“


اهي رنن‌زالن جا گھر لٽي ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون دعائون گھرن ٿا. انهن کي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ گنهگار قرار ڏنو ويندو.“


سو اسان جي منهن تي پردو پيل نہ آهي، تنهنڪري اسين سڀيئي خداوند جي جلوي جو عڪس ڄڻ تہ آئيني ۾ ڏسندي ڏسندي سندس عظيم صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اهو ڪم خداوند پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي ڪري ٿو.


اسين تبليغ انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن خدا فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس عظمت کي ڄاتو وڃي جيڪا عيسيٰ مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.


سو اي منهنجا آقا بادشاهہ! هاڻي پنهنجي هن ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن توهان کي خداوند منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي تہ پوءِ منهنجي ڏوهہ کي معاف ڪرڻ لاءِ شل هو نذرانو قبول ڪري. پر جيڪڏهن اهو ڪن انسانن جو ڪم آهي تہ شل اهي خداوند جي آڏو لعنتي ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم ۾ منهنجو ڪو حصو نہ رهي ۽ مون کي چون ٿا تہ ’وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪر.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan