Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ميڪاہ 2:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پر خداوند انهن بني اسرائيل جي اميرن کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين لهڻيدار منهنجي قوم جي غريبن تي دشمن وانگر حملو ٿا ڪريو. جڏهن جنگ تان موٽندڙ سپاهي اهو سوچيندي پنهنجي گھر اچن ٿا تہ اتي هو امن ۽ سلامتيءَ سان هوندا، تڏهن اوهين سندن تاڙ ۾ آهيو تہ قرض ۾ انهن جا ڪپڙا بہ لاهي وٺو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 پر هنن ڏينهن ۾ منهنجي قوم منهنجي دشمن ٿي اُٿي آهي، اوهين راهہ مسافر ۽ صلح پسند ماڻهوءَ جو چوغو لاهي ٿا رکو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ميڪاہ 2:8
10 Iomraidhean Croise  

اسين هن شهر وارا سڄي بني اسرائيل ۾ صلح پسند ۽ ديانتدار آهيون ۽ تون وري اسان جو ئي شهر جيڪو بني اسرائيل ۾ هڪڙي ماءُ جي حيثيت ٿو رکي تنهن کي برباد ڪرڻ ٿو گھرين! تون ڇو خداوند جي ميراث کي ڳڙڪائڻ ٿو چاهين؟“


منهنجو دوست جيڪو اڳ منهنجو ساٿي هو، تنهن ئي اسان رفيقن تي پنهنجو هٿ کنيو آهي. هن پنهنجي ڪيل عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.


اسرائيل ملڪ جا منسي ۽ افرائيم قبيلا هڪٻئي تي حملا ٿا ڪن، ۽ ٻئي گڏجي وري يهوداہ تي حملو ڪن ٿا. ايتري سزا ڏيڻ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿو ٿئي، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل ٿو رهي.


منهنجي چونڊيل قوم منهنجي خلاف ٿي پيئي آهي، اها ٻيلي جي شينهن جيان مون تي گجگوڙ ٿي ڪري. تنهنڪري مون کي ساڻس نفرت ٿي پيئي آهي.


پر اوهين تہ نيڪيءَ کي ڌڪاريو ٿا، ۽ بڇڙائيءَ کي پسند ٿا ڪريو. جيئن ڪاسائي ڪٺل ڍور جي کل لاهي انهيءَ جي هڏين تان ماس رهڙي ٿو وٺي ۽ هڏا ڀڃي ٿو ڇڏي، ۽ پوءِ گوشت کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ديڳ ۾ رنڌڻ لاءِ ٿو وجھي، تيئن ئي اوهين منهنجي قوم وارن سان سلوڪ ٿا ڪريو. ڄڻ تہ اوهين انهن جو ماس کائي کائي چٽ ٿا ڪريو.


ساڳيءَ طرح هن ملڪ ۾ ڪو نيڪ ماڻهو نظر ئي نہ ٿو اچي. هائو، ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونہ آهي. هر ڪو ماڻهو ٻئي جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙ ۾ ويٺو آهي، ۽ پنهنجي هم‌وطنن کي شڪار ڪرڻ لاءِ هر ڪو ڄار وڇايو ويٺو آهي.


هنن جا هٿ بڇڙائي ڪرڻ ۾ مهارت ٿا رکن، عملدار توڙي قاضي رشوت گھري ٿا وٺن، ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن جون دليون حرص مان نہ ٿيون ڀرجن. انهيءَ کان علاوہ اهي سڀ گڏجي سازشون بہ ڪن ٿا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan