Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ميڪاہ 2:7 - Muslim Sindhi Bible

7 اسان يعقوب جي اولاد بابت تو کي اهڙي ڳالهہ نہ چوڻ گھرجي. ڇا خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ناهي؟ ڇا اهڙو عمل خدا جي لائق آهي؟ ڇا هن سچارن کي هميشہ پنهنجي برڪتن سان نہ نوازيو آهي؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 اي يعقوب جا گهراڻا، ڪڏهن ائين چوڻ ۾ ايندو ڇا تہ خداوند جو روح تنگ ٿي ويو آهي. هي انهي جا ڪم آهن ڇا؟ جيڪو سچائي تي هلي ٿو، تنهن کي منهنجي ڪلام مان فائدو نٿو رسي ڇا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ميڪاہ 2:7
31 Iomraidhean Croise  

اي خداوند! بيشڪ تو پنهنجي واعدي موجب، پنهنجي بندي سان ڀلائي ڪئي آهي.


بيشڪ تون ڪيڏو نہ ڀلو ۽ ٻاجھارو آهين! اي خداوند! تون مون کي پنهنجا قاعدا قانون سيکار.


بيشڪ اتي اهي ئي شخص رهندا، جيڪي تابعداريءَ سان هلن ٿا، جيڪي نيڪيءَ جا ڪم ٿا ڪن ۽ سدائين سچ ڳالهائين ٿا.


پاڪ ماڻهن سان تون پاڪائيءَ واري هلت ٿو ڪرين، پر جيڪي ڏنگا ماڻهو آهن تن سان تون بہ ڏنگو ٿو هلين.


انهيءَ سبب جو تون خداوند خدا ئي اسان جي رهنمائي ڪندڙ ۽ محافظ آهين. تون ئي اسان کي فضل ۽ عظمت بخشين ٿو. بيشڪ جيڪي سچائيءَ جي راهہ تي هلن ٿا، تن کان تون ڪابہ چڱي شيءِ نہ ٿو روڪين.


سڌي واٽ تي هلڻ وارن لاءِ خداوند جاءِ‌پناهہ آهي، مگر بدڪارن لاءِ هن وٽ بربادي آهي.


جيڪو ماڻهو هميشہ ايمانداريءَ سان ٿو هلي، سو سلامتيءَ سان ٿو رهي، مگر جيڪو بي‌ايماني ٿو ڪري سو نيٺ پڪڙ ۾ ٿو اچي.


سڌي رستي تي هلڻ وارو خدا جو فرمانبردار ٿو رهي، مگر ڏنگي رستي تي هلڻ وارو سندس نافرماني ٿو ڪري.


جيڪي سچار ۽ شريف آهن، تن جو خدا مددگار ۽ محافظ آهي.


جيڪو سنئين راهہ تي هلي ٿو سو بچي ويندو، مگر جيڪو ڏنگي راهہ اختيار ٿو ڪري، سو اوچتو ئي اوچتو وڃي کڏ ۾ ڪرندو.


جڏهن آءٌ يروشلم ۾ آيس، تڏهن ڇو اتي ڪوبہ ڪونہ هو؟ جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن ڇا جي ڪري ڪوبہ جواب ڏيڻ وارو ڪونہ مليو؟ ڇا آءٌ ايترو ڪمزور ٿي ويو آهيان، جو اوهان کي جلاوطنيءَ کان بچائي نہ سگھيس؟ ياد رکو، آءٌ تہ هڪڙي ئي حڪم سان سمنڊ کي بہ سڪائي ٿو سگھان، ۽ ندين کي رڻ‌پٽ ۾ تبديل ڪري ٿو سگھان. ايتري قدر جو پاڻي نہ ملڻ ڪري ان ۾ موجود مڇي ڳري سڙي وڃي ۽ بدبوءِ ڪري.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”پڪار، ايترو وڏي آواز سان پڪار، جيترو پڪاري سگھين ٿو. نفيل وانگر پنهنجو آواز بلند ڪر، ۽ منهنجي قوم بني اسرائيل کي سندن گناهہ ظاهر ڪري ٻڌاءِ.


تو جيڪي چيو سو مون ڌيان سان ٻڌو. تنهنجيون ڳالهيون منهنجي لاءِ خوشي ۽ سرهائيءَ جو باعث هيون، ڇاڪاڻ تہ اي خداوند، قادرِمطلق خدا! آءٌ تنهنجو ئي آهيان.


اي يعقوب جو اولاد! اي بني اسرائيل جا قبيلؤ! اوهين خداوند جو پيغام ٻڌو.


ڏاها ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجھي ٿا سگھن، هائو، سمجھہ وارا انهن ڳالهين کي چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿا. خداوند جون راهون سنئيون سڌيون آهن، سو سچار ماڻهو انهن تي ئي هلندا رهندا، پر گنهگار ماڻهو انهن راهن تي نہ هلي سگھندا، ۽ ٿاٻڙجي ڪري پوندا.


سو اي بني يعقوب جا اڳواڻؤ! هائو، اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! ٻڌو. اوهين جيڪي انصاف کان نفرت ٿا ڪريو، ۽ سچ کي ٽوڙي مروڙي ٿا ڇڏيو، سي هيءَ ڳالهہ ٻڌي ڇڏيو تہ


تڏهن انهيءَ ملائڪ مون کي يهوداہ جي گورنر زربابل لاءِ قادر‌مطلق خداوند جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”اي زربابل! تون ڪامياب ٿيندين، نہ لشڪر جي زور سان، نہ انساني طاقت سان پر فقط منهنجي روح سان.


تنهن تي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڇا مون خداوند جو هٿ ننڍو ٿي ويو آهي؟ هاڻ تون ڏسندين تہ جيڪي مون تو کي چيو آهي سو پورو ٿئي ٿو يا نہ.“


اهڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن گناهن تي پڇتايو آهي.


تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسان جو پيءُ تہ ابراهيم آهي.“ عيسيٰ چين تہ ”جيڪڏهن اوهين ابراهيم جو اولاد هجو ها تہ اوهين بہ انهيءَ جهڙا ڪم ڪريو ها.


تہ پوءِ انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ جيڪا چڱي شيءِ آهي، تنهن مون کي ماريو؟ نہ، بلڪل نہ. پر اهو گناهہ جو ڪم هو جنهن هڪ چڱيءَ شيءِ جو سهارو وٺي مون لاءِ موت پيدا ڪيو، تہ جيئن ان جي فطرت ظاهر ٿئي. انهيءَ طرح شريعت وارن حڪمن جي وسيلي گناهہ جي بڇڙائي حد کان وڌيڪ پڌري ٿئي ٿي.


اوهان لاءِ اسان جي دلين ۾ جيڪا جاءِ آهي سا گھٽ نہ ٿي آهي، پر اوهان جي دلين ۾ اسان لاءِ جاءِ گھٽجي ويئي آهي.


اهي دينداريءَ جو ظاهري نمونو تہ رکندا، پر انهيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اهڙن ماڻهن کان پاسو ڪجانءِ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan