Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ميڪاہ 2:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن اهو وقت ايندو، تڏهن ماڻهو اوهان جي آيل آفت تي ٺٺوليون ڪندي اوهان جي پاران هي دردناڪ مرثيو ڳائيندي چوندا تہ ’افسوس! اسين امير برباد ٿي وياسين، اسين بلڪل لٽجي وياسين. خداوند اسان جو ملڪ اسان کان کسي ورتو آهي. هائو، هن اسان جون ٻنيون اسان تي قبضو ڪندڙن کي ورهائي ڏنيون آهن.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 انهيءَ ڏينهن هو تنهنجي برخلاف هڪڙو مثال کڻندا، ۽ مرثيو کڻي ماتم ڪندا، ۽ چوندا تہ اسين بلڪل لُٽجي ويا آهيون: هو منهنجي قوم جو حصو ٿو ڦيرائي، ۽ اهو ڪيئن نہ مون کان پري کڻي ٿو وڃي. هو اسان جون ٻنيون فسادين کي ورهائي ڏئي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ميڪاہ 2:4
35 Iomraidhean Croise  

پوءِ دائود سائول ۽ سندس پٽ يونتن جي سوڳ ۾ هي مرثيو ڳايو.


يرمياہ يوسياہ لاءِ هڪڙو مرثيو ٺاهيو ۽ اڄ ڏينهن تائين سڀ ڳائڻا ۽ ڳائڻيون انهيءَ مرثئي سان کيس ياد ڪندا آهن ۽ اها بني اسرائيل ۾ هڪ روايت پئجي ويئي. اهو مرثيو ٻين مرثين سان گڏ لکت ۾ موجود آهي.


ايوب پنهنجو گفتگو جاري رکندي چيو تہ


جڏهن اهو سڀ ڪجھہ ٿيندو تڏهن بابل جي بادشاهہ تي هي ٺٺوليون ڪري چيو ويندو تہ ”ظالم بادشاهہ ڪيئن نہ نيست وَ نابود ٿي ويو آهي! هاڻي هو وري ڪنهن تي بہ ظلم نہ ڪندو.


ڌرتي بلڪل ويران ٿي ويندي، هائو، اها بلڪل لٽيل ڦريل حالت ۾ هوندي، اهو خداوند جو فرمان آهي جيڪو ضرور پورو ٿيندو.


تڏهن مون چيو تہ ”اي پروردگار! هي ڪيستائين ٿيندو رهندو؟“ هن ورندي ڏني تہ ”جيستائين شهر اجڙي وڃن، ۽ گھر ويران ٿي وڃن، ۽ منجھن ڪوبہ رهڻ وارو نہ هجي، ۽ زمين بلڪل غير آباد ٿي وڃي.


جڏهن آءٌ ٻهراڙيءَ ڏانهن نڪري ٿو وڃان تہ آءٌ انهن کي ڏسان ٿو جيڪي جنگ ۾ ماريا ويا آهن. جڏهن آءٌ شهر ۾ اچان ٿو تہ ڏڪار سبب مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتلن کي ڏسان ٿو. نبي سڏائيندڙ ۽ ڪاهن وائڙن وانگر پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهن، کين ڪابہ خبر نہ ٿي پوي تہ قوم سان هي ڇا ٿي رهيو آهي.“


ڏسو، دشمن ڪڪرن وانگر وڌندو ٿو اچي. هن جون جنگي گھوڙي گاڏيون واچوڙي وانگر آهن، ۽ سندن گھوڙا عقابن کان بہ تيز آهن. اسان تباهہ ٿي وياسين، اسان برباد ٿي وياسين.


هنن جا گھر سندن زالن ۽ ٻنين سميت ٻين کي ڏنا ويندا، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ملڪ جي رهاڪن تي آءٌ پنهنجو هٿ کڻڻ وارو آهيان.


انهيءَ ڪري آءٌ سندن زالون ٻين کي ڏيئي ڇڏيندس، ۽ هنن جون ٻنيون ٻين جي قبضي ۾ ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ننڍو هجي توڙي وڏو سڀني کي دولت ڪمائڻ جو حرص آهي. نبي سڏائيندڙ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ٺڳيءَ جا ڪم ڪن ٿا.


مون يرمياہ چيو تہ ”آءٌ جبلن جي ويرانيءَ تي روئندس رڙندس، ۽ چراگاهن جي برباديءَ تي مرثيہ چوندس. ڪوئي اتان گذري بہ ڪين ٿو، ۽ نہ اتي ڍورن جي ڍِڪَڻ جو آواز ٻڌجي ٿو، ڇاڪاڻ تہ پکي توڙي جانور سڀ اتان هليا ويا آهن.“


آءٌ کين اهڙين قومن منجھہ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، جن کان نہ هو ۽ نہ ئي وري سندن ابا ڏاڏا واقف هئا. آءٌ سندن پٺيان لشڪر موڪليندس جيڪي تلوار سان کين ناس ڪري ڇڏيندا.“


ماڻهو تو بابت هي پهاڪو ڪم آڻيندا تہ ’جهڙي ماءُ تهڙي ڌيءَ.‘


اهو ويڙهوٽو کولي منهنجي آڏو رکيو ويو، جنهن جي ٻنهي پاسن تي گھڻو ڪجھہ لکيل هو. هائو، انهيءَ ۾ آہ وَ زاري، روڄ راڙو ۽ ڏک جا لفظ لکيل هئا.


اي قربان‌گاهہ جا خدمتگار ڪاهنؤ! کٿا چيلهہ سان ٻڌي واءِ‌ويلا ڪريو. هائو، اي خدا جا خادمؤ! سڄي رات کٿو ويڙهي ويٺا رهو، ڇاڪاڻ تہ اناج توڙي مئي آهي ئي ڪانہ، جو اوهين خدا جي گھر ۾ اهي قربانين طور پيش ڪريو.


سو اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ائين روئو رڙو، جيئن ڪا ڪنوار پنهنجي گھوٽ جي مرڻ تي کٿو ڍڪي روئندي رڙندي آهي.


اي اسرائيل وارؤ! مون عاموس جو هي مرثيو اوهان لاءِ آهي، سو ٻڌو.


سڀني انگورن جي باغن ۾ واءِ‌ويلا پئجي ويندي. آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ اچي رهيو آهيان.“


اي مريسہ شهر جا رهاڪؤ! خداوند اوهان کي اهڙي دشمن جي حوالي ڪندو، جيڪو اوهان جي شهر تي قبضو ڪري وٺندو. بني اسرائيل جا اڳواڻ عدلام جي غار ۾ وڃي لڪندا.


اهڙي دردناڪ واقعي سبب آءٌ ميڪاہ روئندس ۽ رڙندس، ۽ پيرين اگھاڙو ۽ ننگو ٿي گھمندس. جيئن گدڙ ڪوڪون ڪندا آهن، ۽ شتر مرغ روئڻ جهڙو آواز ڪڍندا آهن، تيئن ئي آءٌ سوڳ وچان رڙيون ڪندس.


سو اي ظالمؤ! نڪرو، هن ملڪ مان هليا وڃو! ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري هن ملڪ ۾ سخت بربادي اچڻي آهي، جنهن ڪري هتي ڪو امن وَ سڪون نہ رهندو.“


پوءِ اهي سڀيئي مظلوم انهن تي ٺٺوليون ڪندا ۽ نفرت وچان ملامت ڪري هيئن بہ چوندن تہ ”ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي پرائو مال ميڙي مالدار ٿا بڻجن، ۽ جيڪي گروي ٿيل سامان رکي گھر ڀرين ٿا. پر ائين آخر ڪيستائين ٿيندو رهندو؟“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ روءِ‌زمين تان هر ڪا شيءِ نابود ڪري ڇڏيندس.


تڏهن بلعام پنهنجو الهامي گفتو شروع ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي صفور جا پٽ بلق! تون منهنجي ڳالهہ ڌيان سان ٻڌ.


تڏهن بلعام پنهنجو الهامي گفتو شروع ڪندي چوڻ لڳو تہ ”موآب جي بادشاهہ بلق مون کي ارام ملڪ مان گھرايو. هائو، هن مون کي اوڀر واري جابلو علائقي مان سڏايو. هن چيو تہ ’اچ ۽ منهنجي خاطر بني يعقوب تي اچي لعنت ڪر، هائو، اچ ۽ منهنجي واسطي بني اسرائيل کي اچي ملامت ڪر.‘


پوءِ بلعام چوڻ لڳو تہ ”آءٌ بعور جو پٽ بلعام هي الهامي گفتو چوان ٿو، خدا جيڪي رويا ۾ ڏيکاري ٿو سو آءٌ صاف صاف ڏسان ٿو.


۽ هو چوڻ لڳو تہ ”آءٌ بعور جو پٽ بلعام هي الهامي گفتو چوان ٿو، خدا جيڪي رويا ۾ ڏيکاري ٿو سو آءٌ صاف صاف ڏسان ٿو.


تنهن تي يهودين جي مذهبي اڳواڻن عيسيٰ کي پڪڙائڻ چاهيو، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ هي مثال عيسيٰ انهن جي خلاف ٻڌايو آهي. پر انهن کي ماڻهن کان ڊپ بہ ٿيو پئي، تنهنڪري هو کيس ڇڏي هليا ويا.


اوهين ڏينهن جو منجھند جي وقت ائين هٿوراڙيون هڻندا، جيئن انڌو هٿوراڙيون هڻندو آهي. اوهين پنهنجن ڪمن ۾ ڪامياب نہ ٿيندا. اوهان تي سدائين ظلم ۽ ڦُر‌مار پيئي ٿيندي ۽ ڪوبہ اوهان کي بچائڻ وارو ڪونہ هوندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan