Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ميڪاہ 2:12 - Muslim Sindhi Bible

12 خداوند بني اسرائيل سان واعدو ٿو ڪري تہ ”اي يعقوب جو اولاد! آءٌ اوهان جي باقي بچيلن کي گڏ ڪري ضرور سندن وطن ڏانهن ائين موٽائي آڻيندس، جيئن هڪ ڌنار پنهنجي رڍن جي ڌڻ کي هڪلي آڻي سندن چراگاهہ ۾ گڏ ڪندو آهي. پوءِ اوهان جو ملڪ وري رونقن سان ڀرجي ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 اي يعقوب، آءٌ ضرور اوهان سڀني کي ميڙيندس؛ آءٌ ضرور اسرائيل جي باقي رهيلن کي گڏ ڪندس؛ آءٌ بصراہ جي رڍن وانگي هنن کي ميڙي گڏ ڪندس: ۽ جيئن ڌڻ پنهنجي چراگاهہ جي وچ ۾، تيئن هو شمار ٿي وڏو هُل ڪندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ميڪاہ 2:12
28 Iomraidhean Croise  

بلع جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي بُصراہ واري زارح جي پٽ يوباب بادشاهي ڪئي.


بلع جي وفات کان پوءِ بُصراہ جو رهاڪو يوباب ولد زارح بادشاهہ ٿيو.


انهيءَ ڏينهن پروردگار وري پنهنجو قدرت وارو هٿ وڌائيندو، تہ جيئن پنهنجي قوم جي باقي رهيل ماڻهن کي جلاوطنيءَ مان موٽائي وطن آڻي، جيڪي اشور، مصر ۽ ان جي ڏاکڻي علائقي فتروس، سوڊان، عيلام، شِنعار ۽ حمات جي ملڪن کان علاوہ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري وارن علائقن ۾ باقي بچيا هوندا.


اي بني اسرائيل! اهو ڏينهن ايندو جڏهن خداوند فرات نديءَ کان وٺي مصر جي سرحد واري برساتي نهر تائين اوهان کي داڻو داڻو ڪري چونڊي گڏ ڪندو، جيئن بُهہ مان ڪڻڪ چونڊي الڳ ڪئي ويندي آهي.


مون خداوند جي تلوار انهن جي رت، ۽ چرٻيءَ سان ائين ڀرجي ويندي، جيئن قربان‌گاهہ گھيٽن ۽ ٻڪرين جي رت سان ۽ گھٽن جي بڪين جي چرٻيءَ سان ڀرجي ويندي آهي. آءٌ خداوند بُصراہ شهر ۾ اهڙي قرباني ڪندس، بلڪ ادوم جي سڄي ملڪ ۾ اهڙو وڏو قتلام ڪندس.


تڏهن دولتمندن جا گھر بلڪ پورا شهر ويران ٿي ويندا، جن ۾ رڍون ٻڪريون توڙي ڌارين جا ڌڻ ائين پيا چرندا، ڄڻ تہ پنهنجي چراگاهن ۾ پيا چرندا هجن.


جن جن ملڪن ڏانهن مون پنهنجيءَ قوم کي هڪالي ڪڍيو آهي، تن مان باقي بچيلن کي آءٌ ئي گڏ ڪري سندن وطن ڏانهن موٽائي آڻيندس. اتي هو گھڻا ٻار ڄڻيندا ۽ تعداد ۾ وڌي ويندا.


انهن ڏينهن ۾ اوهين اسرائيل جا رهاڪو يهوداہ جي رهاڪن سان ملي ويندا ۽ گڏجي اُتر واري ملڪ جي جلاوطنيءَ مان نڪري انهيءَ ملڪ ۾ ايندا جيڪو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ميراث ڪري ڏنو آهي.‘“


خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”آءٌ پاڻ پنهنجي رڍن ٻڪرين کي ڳولي لهندس ۽ پاڻ انهن جي سار سنڀال ڪندس.


آءٌ انهن کي غير قومن ۽ ٻين ملڪن مان ڪڍي آڻي سندن وطن ۾ آباد ڪندس. آءٌ انهن جو ڌنار ٿيندس ۽ کين سندن ملڪ جي جابلو علائقن ۾، ندين وٽ، ۽ سڀني سرسبز چراگاهن ۾ چاريندس.


پر آءٌ پنهنجي ڌڻ کي بچائيندس ۽ انهن کي اڳتي شڪار ٿيڻ نہ ڏيندس. آءٌ پنهنجي رڍن ٻڪرين جي هر هڪ تڪرار کي انصاف سان نبيريندس.


هائو، اهي انسان ئي منهنجو ڌڻ آهن جن جي آءٌ سار سنڀال ٿو ڪريان ۽ آءٌ ئي سندن خدا آهيان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”آءٌ وري اوهان بني اسرائيل قوم وارن جون دعائون ٻڌندس ۽ اوهان جي قوم کي ايترو تہ وڌائيندس جو اوهين رڍن جي وڏي ڌڻ وانگر ٿي ويندا.


پوءِ انهن ماڻهن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ڏسو، بني اسرائيل جا ماڻهو جيڪي هاڻي غير قومن جي ملڪن ۾ رهن ٿا، تن سڀني کي آءٌ اتان ڪڍي سندن وطن ۾ آڻي آباد ڪندس.


تڏهن اسرائيل وارا ۽ يهوداہ وارا وري گڏ ٿي ويندا ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙو ئي سردار چونڊيندا. پوءِ هو پنهنجي ملڪ ۾ وڌندا ويجھندا ۽ خوشحال ٿيندا ۽ اهو هڪ عظيم وقت ٿيندو جڏهن يزرعيل جو نالو سچو ثابت ٿي ويندو.


تنهنڪري آءٌ تيمان شهر تي باهہ موڪليندس، جيڪا ان سان گڏ بُصراہ جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“


هائو، آءٌ خداوند انهن باقي بچيلن جون رڪاوٽون ٽوڙي ڇڏيندس ۽ کين جلاوطنيءَ مان موٽائي آڻيندس. اهي قيد جا دروازا ڀڃي نڪري آزاد ٿيندا. بلڪ آءٌ خداوند ئي کين ٻاهر ڪڍي ايندس، ۽ سندن بادشاهہ هوندس.“


هاڻ تون اي يروشلم! جنهن ۾ آءٌ خدا پنهنجيءَ قوم جي ائين سنڀال ڪندس، جيئن ريڍار ٺُلهہ تي ويهي پنهنجي ڌڻ جو پهرو ڏيندو آهي، تون ئي هڪ دفعو وري بادشاهہ جي گاديءَ جو شهر بڻبين.“


بني اسرائيل جا تباهيءَ کان باقي بچي ويل ماڻهو، جيتوڻيڪ گھڻين ئي قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا، تنهن هوندي بہ خداوند انهن کي طاقت ڏيئي ائين قائم رکندو، جيئن ماڪ ۽ مينهن ڌرتيءَ کي تازگي ڏيندا آهن. اهي خدا تي ئي توڪل رکندا، نہ ڪنهن انسان تي.


جيتوڻيڪ اهي مختلف قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا، تنهن هوندي بہ اهي ائين حملو ڪندا، جيئن ڪو خوفناڪ شينهن جھنگلي جانورن يا رڍن جي ڌڻ ۾ ڪاهي پوندو آهي. جڏهن اهو ڌڻ ۾ گھڙي پوندو آهي تڏهن رڍن کي چيري ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو نہ هوندو آهي.


اي خداوند! پنهنجي چونڊيل قوم جي رهنمائي ڪر. اچ، اسان جو اچي ريڍار ٿيءُ. اسان جي چوڌاري سرسبز ٻنيون آهن، پر اسين ڪرمل جي جھنگ ۾ اڪيلا پيا رهون. تون اسان جي اڳواڻي ڪري اسان کي بسن ۽ جِلعاد جي علائقن ڏانهن وٺي هل. هائو، اسان کي اڳي وانگر انهن سرسبز چراگاهن ۾ رهاءِ.


اي خداوند! تو جهڙو ڪو ٻيو معبود آهي ئي ڪونہ. تون پنهنجي قوم جون بدڪاريون معاف ٿو ڪرين. هائو، تون انهن باقي بچي ويلن جا گناهہ درگذر ٿو ڪرين. تون سدائين ڪاوڙيل نہ ٿو رهين، بلڪ اسان تي پنهنجي دائمي شفقت ڪري تون خوش ٿئين ٿو.


ڏسو، انهيءَ وقت آءٌ اوهان کي غير قومن منجھان موٽائي پنهنجي پنهنجي گھر آڻيندس ۽ اوهان کي گڏ ڪندس. آءٌ اوهان کي ٻيهر خوشحال ڪندس ۽ اوهين عزت ۽ تعريف جوڳا ٿي ويندا، بلڪ اوهين سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويندا. اهو سڀ ڪجھہ اوهان جي اکين اڳيان ٿيندو.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan