ميڪاہ 2:11 - Muslim Sindhi Bible11 هي ماڻهو اهڙا تہ ڀليل آهن جو انهيءَ ماڻهوءَ کي نبي ڪري قبول ڪندا، جيڪو ساڻن ڪوڙ ڳالهائي ۽ ٺڳي ڪندي کين چوي تہ ”آءٌ اڳڪٿي ڪري چوان ٿو تہ اوهان لاءِ شراب ۽ نشي جون نديون وهنديون.“ Faic an caibideilSindhi Bible11 جيڪڏهن ڪو ڪوڙو ماڻهو ڪوڙي روح سان ڪوڙ ڪري چوي، تہ آءٌ شراب ۽ نشي بابت پيشنگوئي ڪري ٻڌائيندس، تہ اهو ئي سندن نبي ٿو ٿئي! Faic an caibideil |
آءٌ سچ پچ انهن جي بہ خلاف آهيان، جيڪي پنهنجن ڪوڙن خوابن کي منهنجو پيغام ڪري ٻڌائين ٿا. هو انهن ڪوڙن خوابن جو تعبير ٻڌائي ۽ ٻٽاڪون هڻي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا، جڏهن تہ مون هنن کي ڪين موڪليو آهي ۽ نہ ئي وري مون کين مقرر ڪيو آهي. سو انهن مان هن قوم کي ڪوبہ فائدو هرگز نہ ٿو ملي سگھي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“