Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ميڪاہ 1:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ سامريہ شهر کي برباد ڪري ڀترن جا ڍير بڻائي ڇڏيندس، جتي رڳو انگورن جون وليون پوکي سگھجن. آءٌ انهيءَ جا ڀتر ماٿريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيندس، ايتري قدر جو شهر جي جاين جا بنياد ڏسڻ ۾ ايندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 تنهنڪري آءٌ سامريہ کي ڀترن جو ڍير، ۽ ڊاک جي منهہ وانگر ڪندس، ۽ سندس پهڻ ڪيرائي واديءَ ۾ اُڇلائيندس، تہ جيئن سندس بنياد ڏسڻ ۾ اچن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ميڪاہ 1:6
19 Iomraidhean Croise  

پر جيڪڏهن هو ڪنهن شهر ۾ هوندو تہ اسين بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو رسا آڻي انهيءَ شهر جي چوگرد ٻڌي انهيءَ شهر کي گهِلي نهر منجھہ اڇلائينداسين، ايتري قدر جو انهيءَ جو هڪڙو ننڍڙو پٿر بہ اُتي باقي نہ رهندو.“


ٽن سالن کان پوءِ حزقياہ جي بادشاهيءَ جي ڇهين سال، جيڪو اسرائيل جي بادشاهہ هوسيع جي بادشاهيءَ جو نائون سال هو، سامريہ شهر اشورين جي قبضي هيٺ اچي ويو.


بادشاهہ حزقياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال، جيڪو اسرائيل جي بادشاهہ هوسيع ولد ايلہ جي بادشاهيءَ جو ستون سال هو، تنهن ۾ اشور جو شهنشاهہ سلمنيسر اسرائيل ملڪ تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ سامريہ شهر کي اچي گھيرو ڪيائين.


اي سنحيرب! هاڻي مون خداوند جي ٻڌ، هي سڀ مون گھڻو اڳ رٿي ڇڏيو هو. تون نہ ٿو ڄاڻين تہ اهو آءٌ ئي آهيان، جنهن فيصلو ڪري ڇڏيو هو تہ اهو سڀ ڪجھہ تو کي ڪرڻو آهي. مون ئي تو کي چونڊي ڪڍيو هو تہ تون انهن ڪوٽ وارن شهرن کي ڦٽائي ويران دڙا بڻائي ڇڏين.


ارام جي گاديءَ واري شهر دمشق بابت خداوند هي پيغام ڏنو تہ ”ڏسو، هاڻي کان پوءِ دمشق شهر نہ رهندو، بلڪ اهو رڳو برباديءَ جو ڍير بڻجي ويندو.


هو موآب جي مضبوط قلعن وارين ڀتين کي ڊاهي ڇڏيندو، هائو، هو انهن کي ڌرتيءَ تي ڪيرائي مٽيءَ سان گڏ مٽي ڪري ڇڏيندو.


تو اسان جي دشمنن جي شهرن کي مٽيءَ جي دڙن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، ۽ انهن جي مضبوط قلعن ۽ محلاتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. ايتري قدر جو اهي ابد تائين وري نہ اڏجي سگھندا.


اوهين وري سامريہ جي جبلن تي انگورن جا باغ لڳائيندا. هائو، هاري انهن کي پوکيندا ۽ انهن جو ميوو کائيندا.


اي بابل! تون جبل جيان مضبوط لڳندو هئين، ڇاڪاڻ تہ تون سڀني قومن کي چيڀاٽي ناس ڪندو هئين. پر آءٌ خداوند تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ تو کي پڪڙي گهلي کڻي پٽ تي اڇلائيندس، ۽ تو کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندس.


پوءِ بابل ويران دڙا بڻجي ويندو. هائو، اهو گدڙن جي جُوءِ بڻبو. اهو هڪ اهڙي جاءِ بڻجي ويندو، جتي ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو. انهيءَ کي ڏسي ماڻهو دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا.


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”آءٌ يروشلم کي مٽيءَ جو ڍير ۽ گدڙن جي جُوءِ بڻائيندس، بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن کي اهڙو تہ ويران ڪندس، جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.“


آہ! ڪيئن نہ چمڪندڙ سون جھڪو ٿي ويو آهي! هائو، تمام نج سون ڪيئن نہ چمڪ وڃائي ويٺو آهي! قيمتي هيرا جواهر ڪيئن نہ گھٽين ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن!


اهڙيءَ طرح جنهن شهر جي رهاڪن جا گناهہ اوهان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهن کي آءٌ ڀڃي ڪيرائي ڇڏيندس، ايتري قدر جو انهيءَ جا بنياد ظاهر ٿي پوندا. اهو اوچتو ئي ڊهي پوندو ۽ انهيءَ جي هيٺان اچي اوهين سڀ مري چٽ ٿي ويندا. تڏهن اوهين سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘


اسرائيل جي سامريہ شهر وارن کان بدلو ورتو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي خدا کان باغي ٿي ويا آهن، اهي جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، سندن ٻارن کي اڇلائي ماريو ويندو، ۽ سندن حمل وارين عورتن جا پيٽ ڦاڙيا ويندا.“


هائو، اوهين جيئن تہ غريبن کي لتاڙيو ٿا، ۽ ظلم ڪري کانئن اناج ٿا ڦريو، سو اوهين توڙي جو مضبوط ۽ پُر آسائش گھر جوڙيندا، تنهن هوندي بہ انهن ۾ رهڻ نصيب نہ ٿيندءَ. اوهين انگورن جا خوبصورت باغ تہ پوکيندا، پر انهن جي مئي پيئڻ اوهان کي نصيب نہ ٿيندي.


خداوند قادرِمطلق خدا، هائو، خداوند خدا پنهنجي ذات جو قسم کڻي ٿو فرمائي تہ ”آءٌ اسرائيل وارن جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ سندن محلاتن کان نفرت ٿو ڪريان. تنهنڪري آءٌ سندن گاديءَ وارو شهر، ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، سو دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس.“


تنهنڪري اوهان جي انهن عملن جي ڪري ئي صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو ۽ جتي هيڪل اڏيل آهي اُتي جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.


تون پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ لاءِ نڪتو هئين، هائو، پنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي بچائڻ لاءِ. تو بڇڙائيءَ جي ملڪ جي اڳواڻ کي چٿي ڇڏيو هو، تو کيس پيرن کان وٺي مٿي تائين اگھاڙو ڪري ڇڏيو هو.


عيسيٰ کين چيو تہ ”ٺيڪ آهي، هي سڀ شيون چڱيءَ طرح ڏسي وٺو. پر آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اوهين ڏسو ٿا سو سڀ ڊاٺو ويندو ۽ ڪوبہ پٿر پٿر تي نہ رهندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan