Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ميڪاہ 1:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اهو سڀ ڪجھہ يعقوب جي اولاد، يعني بني اسرائيل جي گناهن جي ڪري ٿيندو. ڇا سامريہ شهر ۾ اسرائيل وارن کي بت‌پرستيءَ جي راهہ تي نہ آندو ويو آهي؟ ڇا يروشلم شهر ۾ غير معبودن جون قربان‌گاهون ٺاهي يهوداہ وارن کي گنهگار نہ بڻايو ويو آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ڇالاءِ جو اهو سڀ يعقوب جي قصور ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي گناهن ڪري آهي. يعقوب جو قصور ڪهڙو آهي؟ اهو سامريہ ناهي ڇا؟ ۽ يهوداہ جا مٿانهان مڪان ڇا آهن؟ اُهي يروشلم ناهن ڇا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ميڪاہ 1:5
30 Iomraidhean Croise  

يروشلم جي اوڀر ۾ هڪ جبل تي سليمان موآب جي ڪراهتي بت ڪموس لاءِ ۽ بني عمون جي ڪراهتي بت مولڪ لاءِ جدا جدا پوڄا گھر جوڙايا.


انهيءَ سبب جو خداوند جي حڪم موجب جيڪي ڳالهيون هن بيت‌ايل ۾ قربان‌گاهہ بابت ۽ سامريہ جي ڳوٺن ۾ سڀني پوڄا گھرن جي باري ۾ ڪيون هيون سي ضرور پوريون ٿينديون.“


پوءِ هن سمر نالي هڪ شخص کان ستر ڪلوگرام چانديءَ جي عيوض سامريہ جي ٽَڪري خريد ڪئي. هن انهيءَ ٽڪريءَ تي هڪ شهر اڏايو ۽ اتان ئي بادشاهي ڪرڻ لڳو. هن ٽڪريءَ جي اڳئين مالڪ سمر جي نالي پٺيان ان شهر جو نالو سامريہ رکيو.


سندس بادشاهيءَ جي اٺين سال جڏهن هو اڃا ننڍو هو تڏهن کان وٺي هو پنهنجي وڏي دائود جي خدا جي طلب ۾ رهڻ لڳو. هن پنهنجي بادشاهيءَ جي ٻارهين سال کان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ کي غير معبودن جي پوڄا گھرن، يسيرہ ديويءَ جي مورتين، ۽ ٻين سڀني بتن کان پاڪ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو.


هن پنهنجي روبرو بعل ديوتائن جون قربان‌گاهون ڊهرائي ڇڏيون. انهن جي مٿان جيڪي لوبان ساڙڻ واريون قربان‌گاهون هيون سي بہ ڊهرائي ڇڏيائين. يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا، ۽ ٻيا سڀ بت ۽ مورتيون ڀڃائي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائين. هن اهي ٽڪرا انهن جي قبرن تي پکيڙائي ڇڏيا جيڪي انهن تي قربانيون پيش ڪندا هئا.


اي بني اسرائيل! ڇا اهو سڀ ڪجھہ تو پنهنجي مٿان پاڻ نہ آندو آهي؟ ڇوجو تو مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو، جڏهن تہ مون تنهنجي رهنمائي پئي ڪئي.


ٻڌ، آءٌ خداوند قادرِمطلق خدا تو کي کولي ٿو ٻڌايان تہ تنهنجي اها بڇڙائي ئي تو کي سزا ڏيندي، تنهنجي اها سرڪشي تو کي ملامت ڪندي. سو تو کي خبر پئجي ويندي تہ مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي تو ڪيڏي نہ خراب ۽ غلط ڳالهہ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تو کي منهنجو ڪو ڊپ ئي نہ رهيو آهي.“


مون سامريہ جي نبي سڏائيندڙن ۾ اهو گناهہ ڏٺو آهي جو هنن بعل ديوتا جي نالي سان پيغام ڏيئي منهنجي قوم بني اسرائيل کي گمراهہ ڪيو آهي.


يروشلم جي نبي سڏائيندڙن ۾ مون وري انهن کان وڌيڪ ڪراهت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي جو هو زناڪاري ٿا ڪن، ۽ ڪوڙ تي ٿا گذر ڪن. هو بدڪارن جا هٿ مضبوط ٿا ڪن، تان جو ڪوبہ پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز نہ ٿو اچي. سو سڀيئي يروشلم وارا منهنجي نظر ۾ سدوم ۽ عموراہ جي بدڪارن جهڙا آهن.


اي يهوداہ وارؤ! اوهان جي پنهنجي هلت چلت ۽ اوهان جن پنهنجن افعالن اها مصيبت اوهان جي سر تي آندي آهي. اها اوهان جي بڇڙاين جي سزا آهي. اها ڪيڏي نہ سخت آهي! اها ڪيڏي نہ دل ۾ چڀندڙ آهي!


اوهان جي بدڪاريءَ اهي شيون اوهان کان روڪي رکيون آهن، هائو، اوهان جي گناهن اوهان کي انهن چڱين شين کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.‘


اي دنيا وارؤ! ٻڌو، آءٌ هن قوم تي مصيبت آڻڻ وارو آهيان، جيڪا سندن تدبيرن جو نتيجو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن منهنجيون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، ۽ منهنجي شريعت کي رد ڪري ڇڏيو اٿن.


اسان جي حڪمراني اسان کان کسي ويئي آهي. اسان جي اهڙي حالت اسان جي گناهن جي ئي ڪري ٿي آهي. ڪاش! اسان جي قوم گناهہ نہ ڪري ها.


تنهنجي وڏي ڀيڻ سامريہ جي وسندي هئي، جيڪا پنهنجي پسگردائيءَ جي ڳوٺن سميت تنهنجي اتر طرف هئي. تنهنجي ننڍي ڀيڻ سدوم جي وسندي هئي، جيڪا پنهنجي پسگردائيءَ جي ڳوٺن سميت تنهنجي ڏکڻ طرف هئي.


جڏهن بہ آءٌ خداوند چاهيان ٿو تہ پنهنجي قوم کي ٻيهر بحال ڪري خوشحال ڪريان، تڏهن سامريہ بلڪ سڄي اسرائيل وارن جي بدڪرداري ۽ بڇڙائي سامهون ٿي اچي. اهي هڪٻئي سان ٺڳي ٿا ڪن، انهن مان ڪي گھرن ۾ کاٽ هڻي چوري ٿا ڪن، تہ ڪي وري ڦورن جو ٽولو بڻجي ٻاهر رستن تي لٽين ڦرين ٿا.


ويل آهي اوهان لاءِ، اي صيئون وارؤ! بلڪ ويل آهي اوهان لاءِ، اي سامريہ جي جبلن تي آرام ۽ اطمينان سان رهڻ وارؤ! هائو، اوهين جي پنهنجي ملڪ اسرائيل جا عظيم اڳواڻ آهيو، ۽ سڄي ملڪ وارا اوهان جا سلامي آهن.


تڏهن اسحاق جي اولاد جون جبلن تي ٺهيل عبادت‌گاهون تباهہ ٿي وينديون. هائو، اسرائيل ملڪ جون سڀيئي عبادت واريون جايون ويران ٿي وينديون. انهيءَ کان علاوہ آءٌ يربعام بادشاهہ جي گھراڻي خلاف جنگ کڙي ڪندس.“


ان کان علاوہ اُهي جيڪي سامريہ جي ڪراهت جهڙن بتن جو قسم کڻي چون ٿا تہ ’اي دان شهر! تنهنجي معبود جو قسم،‘ يا وري ’اي بيرسبع شهر! تنهنجي معبود جو قسم،‘ سي سڀيئي ڪري پوندا ۽ وري ڪڏهن نہ اٿندا.“


اي لڪيس شهر جا رهاڪؤ! اوهين جنگي گھوڙي گاڏيون تيار ڪري ڀڄي وڃو. شروعات ۾ اوهان اسرائيل وارن جا گناهہ ڏسي ڪري يروشلم وارن کي بہ گمراهہ ڪيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan