Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ميڪاہ 1:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اي سفير شهر جا رهاڪؤ! اوهين اگھاڙا ۽ شرمندا ٿي جلاوطن ٿي ويندا. اي ضانان شهر جا رهاڪؤ! اوهين پنهنجي شهر مان نڪرڻ جي همت نہ ڌاري سگھندا. جڏهن بيت‌ايضل وارن جي روئڻ رڙڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي، تڏهن ڄاتو ويندو تہ اتي انهن لاءِ ڪا پناهہ ناهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 اي سفير جا رهندڙ، اُگهاڙا ۽ شرمندا ٿي لنگهي وڃو: ضانان جا رهاڪو ٻاهر نڪري نٿا سگهن؛ بيت ايضل جي ماتم جي ڪري سندس پناهہ اوهان کان کسي ويندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ميڪاہ 1:11
12 Iomraidhean Croise  

کيس اهو بہ چوائي موڪل تہ ”موآب جون عورتون برساتي نهر ارنون جي گھاٽن تي ملڪ کان ڀڄڻ لاءِ ائين پيون ڦرنديون وتن، جيئن پکي پنهنجن آکيرن مان اٿاريا ويا هجن.


اهڙي ئي نموني اشور جو شهنشاهہ مصر ۽ سوڊان وارن کي پڪڙي جلاوطن ڪري وٺي ويندو، پوءِ اهي ننڍا هجن توڙي وڏا، کين بلڪل انگ اگھاڙو پنهنجي ملڪ ڏانهن وٺي ويندو، جنهن ڪري مصري خوار خراب ٿيندا.


پوءِ جي تون پنهنجيءَ دل ۾ چوندينءَ تہ ”مون سان ائين ڇو ٿيو آهي؟“ تہ پوءِ ٻڌ، اهو سڀ ڪجھہ تنهنجي گناهن جي گھڻائيءَ ڪري آهي، جو ڪپڙا ڦاڙي تو کي اگھاڙو ڪيو ويو آهي، ۽ تو سان زوريءَ زنا ڪئي ويئي آهي.


اهي چوندا ويندا تہ ’ڀڄو، ڀڄو، پنهنجا سر بچايو، هائو، جھنگلي گڏهہ جيان تيز ڀڄو.‘


هاڻ ڀلي اوهين پنهنجي ملڪ موآب تي لوڻ ڇٽي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ ان جا شهر اهڙا تہ ويران ٿي ويندا، جو ڪوبہ انهن ۾ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.“


ڏس، انهيءَ جي بدلي آءٌ تنهنجا اهي سڀ يار جن تو سان مزا پئي ماڻيا، هائو، اهي سڀ جن کي تو پيار پئي ڪيو آهي ۽ اهي سڀ بہ جن کي تو پئي ڌڪاريو آهي، سي آڻي گڏ ڪندس. آءٌ انهن کي هر طرف کان آڻي تنهنجي خلاف گڏ ڪندس. هنن جي اڳيان آءٌ تنهنجي اوگھڙ ظاهر ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ ڀلي تہ اهي تو کي پوريءَ طرح اگھاڙو ڏسن.


هو بہ تو سان نفرت وارو سلوڪ ڪندا ۽ تنهنجو محنت سان ڪمايل سمورو ڦل تو کان کسي ويندا. هو تو کي صفا اگھاڙو ڪري ڇڏي ويندا، تڏهن تنهنجي سخت بدڪاري، شهوت‌پرستي ۽ تنهنجيون زناڪاريون سڀني جي اڳيان ظاهر ٿي پونديون.


اهڙي دردناڪ واقعي سبب آءٌ ميڪاہ روئندس ۽ رڙندس، ۽ پيرين اگھاڙو ۽ ننگو ٿي گھمندس. جيئن گدڙ ڪوڪون ڪندا آهن، ۽ شتر مرغ روئڻ جهڙو آواز ڪڍندا آهن، تيئن ئي آءٌ سوڳ وچان رڙيون ڪندس.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي نينواہ ڪڃري! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ تنهنجو دامن تنهنجي ڳچيءَ تائين مٿي کڻي قومن کي تنهنجي اوگھڙ ۽ بادشاهتن کي تنهنجو شرم ڏيکاريندس.


تڏهن اوهان انهيءَ پوري ماٿريءَ منجھان لنگھي ٻاهر ڀڄي ويندا، جيڪا آضل ڳوٺ تائين وڃي نڪرندي. اوهين اتان ائين ڀڄي نڪرندا، جيئن يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي زماني ۾ اوهان جا ابا ڏاڏا زلزلي کان ڀڄي نڪتا هئا. تڏهن خداوند منهنجو خدا ايندو ۽ سندس سڀ پاڪ هستيون بہ ساڻس گڏ هونديون.


انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: ضنان، حداشہ، مجدل‌جد،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan