ملاڪيءَ 4:2 - Muslim Sindhi Bible2 پر اوهين جيڪي منهنجو خوف ٿا رکو تن جي لاءِ ان ڏينهن منهنجو بچائڻ سج جي روشنيءَ وانگر هوندو، جنهن جو نتيجو چڱائي ۽ ڀلائي هوندو. اوهين انهيءَ ڏينهن تي ائين نچندا ٽپندا جيئن وٿاڻن مان گابا ڇٽي نڪرڻ مهل نچندا ٽپندا آهن. Faic an caibideilSindhi Bible2 پر اوهين جي منهنجي نالي جي تعظيم ٿا ڪريو، تن جي لاءِ صداقت جو آفتاب اُڀرندو، ۽ انهيءَ جي ڪرڻن ۾ شفا هوندي، ۽ اوهين وٿاڻ جي گابن وانگي ايندا ۽ نچندا ٽپندا. Faic an caibideil |
هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.