تنهنڪري هاڻي اوهين ست ڍڳا ۽ ست گھٽا وٺي منهنجي ٻانهي ايوب وٽ اچو ۽ پنهنجي لاءِ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪريو. منهنجو ٻانهو ايوب اوهان جي حق ۾ دعا گھرندو تہ آءٌ انهيءَ جي دعا قبول ڪندس ۽ اوهان جي بيعقليءَ مطابق اوهان سان هلت نہ ڪندس، جيتوڻيڪ اوهان مون بابت حق جي ڳالهہ نہ ڪئي جيئن منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي.“
پر آءٌ خداوند هن قوم بابت چوان ٿو تہ هنن کي منهنجي راهہ کان ڀٽڪڻ تمام گھڻو پسند آيو آهي، هنن پنهنجن پيرن کي رُلڻ کان نہ روڪيو آهي. تنهنڪري آءٌ خداوند هنن کي قبول نہ ٿو ڪريان. هاڻ آءٌ هنن جي بدڪارين کي ياد ڪري کين ڪيل گناهن جي سزا ڏيندس.“
فارس جي شهنشاہ دارا جي حڪومت جي ٻئي سال، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ تي خداوند حجي نبيءَ جي معرفت يهوداہ صوبي جي گورنر زربابل ولد سالتيايل ۽ سردار ڪاهن يشوع ولد يوصدق ڏانهن پيغام موڪليو.